زيب النسا (ڳائڻي): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
'''زيب النساء''' (وفات: 19 ڊسمبر 2019ع) [[سنڌ]] جي مشھور ڳائڻي جنھن جا بيشمار گيت، لاڏا، ڪافيون ۽ ڪلام سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشھور آھن.
== ننڍپڻ ==
زيب النساء جو جنم [[نواب شاھنوابشاھ]] ۾ ٿيو. سندس اصل نالو ”قائم خاتون“ ۽ ذات ”شيخ“ ھئي. سندس والد جو نالو بچو شيخ ھو. ھن جو واسطو ڪنھن راڳيندڙ خاندان سان نہ ھو البت سندس والدہ شادين مرادين جي موقعي تي آسپاس جي ڳوٺن ۾ سھرا ڳائيندي ھئي. کيس ٻالڪپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق ھو. ننڍي ھوندي ئي ھوءَ ڪاليج جي فنڪشنن ۽ ڀٽائيءَ جي ميلي ۾ اسٽيج تي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندي ھئي. ڳائڻ جي شوق سبب فقط مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري سگھي. سڄي حياتي راڳ ۽ موسيقيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيائين.
 
== فني سفر ==
تمام ننڍڙي ڄمار ۾ ھن 1958ع ڌاري [[ريڊيو پاڪستان حيدرآباد]] تي آڊيشن ڏنو. سندس آڊيشن مشھور براڊڪاسٽر مرحوم [[ايم بي انصاري |ايم بي انصاريءَ]] ورتو. آڊيشن دوران استاد محمد ابراھيم ۽ [[استاد محمد جمن]] جھڙا راڳ جا پارکو بہ موجود ھئا. پنھنجي سريلي آواز ۽ لفظن جي صحيح ادائگيءَ سببان ھن موسيقيءَ جو ھيءُ امتحان پاس ڪري ورتو. ھن سنڌ جي مشھور راڳيءَ ۽ موسيقار [[محمد جمن]] کان راڳ جي سکيا ورتي. جڏھن ھن جو پھريون ڪلام رڪارڊ ٿيو تہ ان کي تمام گھڻو پسند ڪيو ويو. ھن [[شاھ عبداللطيف ڀٽائي|حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي]]، [[ سچل سرمست|حضرت سچل سرمست]]، [[ٻڍل فقير]] ۽ ٻين شاعرن جا بيشمار ڪلام، ڪافيون ۽ گيت ڳايا. [[زرينه بلوچ|جيجي زرينہ بلوچ]] ۽ امينہ سان گڏجي بيشمار لاڏا ۽ سھرا رڪارڊ ڪرايا جيڪي اڄ بہ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشھور ۽ مقبول آھن. ھن [[استاد محمد جمن]] ۽استاد محمد يوسف جھڙن وڏن راڳين سان گڏ ڊوئيٽ (دوگانہ)پڻ ڳايا. [[سنڌي ٻولي|سنڌيءَ]] سان گڏ ھن [[اردو]]، سرائڪي، بلوچي ۽ [[پنجابي ٻولي|پنجابي]] ٻوليءَ ۾ پڻ گيت ڳايا. ھن پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تي پڻ 50 کان مٿي پروگرام رڪارڊ ڪرايا جيڪي ھن جي گيتن، سھرن ۽ ڪلامن تي مشتمل آھن.