زيب النسا (ڳائڻي): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 5:
 
== فني سفر ==
تمام ننڍڙي ڄمار ۾ ھن 1958ع ڌاري [[ريڊيو پاڪستان حيدرآباد]] تي آڊيشن ڏنو. سندس آڊيشن مشھور براڊڪاسٽر مرحوم [[ايم بي انصاري |ايم بي انصاريءَ]] ورتو. آڊيشن دوران استاد محمد ابراھيم ۽ [[استاد محمد جمن]] جھڙا راڳ جا پارکو بہ موجود ھئا. پنھنجي سريلي آواز ۽ لفظن جي صحيح ادائگيءَ سببان ھن موسيقيءَ جو ھيءُ امتحان پاس ڪري ورتو. ھن سنڌ جي مشھور راڳيءَ ۽ موسيقار [[محمد جمن]] کان راڳ جي سکيا ورتي. جڏھن ھن جو پھريون ڪلام رڪارڊ ٿيو تہ ان کي تمام گھڻو پسند ڪيو ويو. ھن [[شاھ عبداللطيف ڀٽائي|حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي]]، [[ سچل سرمست|حضرت سچل سرمست]]، [[ٻڍل فقير]] ۽ ٻين شاعرن جا بيشمار ڪلام، ڪافيون ۽ گيت ڳايا. [[زرينه بلوچ|جيجي زرينہ بلوچ]] ۽ امينہ سان گڏجي بيشمار لاڏا ۽ سھرا رڪارڊ ڪرايا جيڪي اڄ بہ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشھور ۽ مقبول آھن. ھن [[استاد محمد جمن]] ۽استاد محمد يوسف جھڙن وڏن راڳين سان گڏ ڊوئيٽ (دوگانہ)پڻ ڳايا. [[سنڌي ٻولي|سنڌيءَ]] سان گڏ ھن اردو،[[اردو]]، سرائڪي، بلوچي ۽ [[پنجابي ٻولي|پنجابي]] ٻوليءَ ۾ پڻ گيت ڳايا. ھن پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تي پڻ 50 کان مٿي پروگرام رڪارڊ ڪرايا جيڪي ھن جي گيتن، سھرن ۽ ڪلامن تي مشتمل آھن.
 
== زيب النساء جا ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ٿيل ڪجھ مشھور ڪافيون، ڪلام ۽ گيت ==