زيب النسا (ڳائڻي): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 5:
 
== فني سفر ==
تمام ننڍڙي ڄمار ۾ ھن 1958ع ڌاري [[ريڊيو پاڪستان حيدرآباد]] تي آڊيشن ڏنو. سندس آڊيشن مشھور براڊڪاسٽر مرحوم ايم بي انصاريءَ ورتو. آڊيشن دوران استاد محمد ابراھيم ۽ استاد محمد جمن جھڙا راڳ جا پارکو بہ موجود ھئا. پنھنجي سريلي آواز ۽ لفظن جي صحيح ادائگيءَ سببان ھن موسيقيءَ جو ھيءُ امتحان پاس ڪري ورتو. ھن سنڌ جي مشھور راڳيءَ ۽ موسيقار محمد جمن کان راڳ جي سکيا ورتي. جڏھن ھن جو پھريون ڪلام رڪارڊ ٿيو تہ ان کي تمام گھڻو پسند ڪيو ويو. ھن حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، ٻڍل فقير ۽ ٻين شاعرن جا بيشمار ڪلام، ڪافيون ۽ گيت ڳايا. جيجي زرينہ بلوچ ۽ امينہ سان گڏجي بيشمار لاڏا ۽ سھرا رڪارڊ ڪرايا جيڪي اڄ بہ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشھور ۽ مقبول آھن. ھن استاد محمد جمن ۽استاد محمد يوسف جھڙن وڏن راڳين سان گڏ ڊوئيٽ (دوگانہ)پڻ ڳايا. سنڌيءَ سان گڏ ھن اردو، سرائڪي، بلوچي ۽ پنجابي ٻوليءَ ۾ پڻ گيت ڳايا. ھن پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تي پڻ 50 کان مٿي پروگرام رڪارڊ ڪرايا جيڪي ھن جي گيتن، سھرن ۽ ڪلامن تي مشتمل آھن.
 
== زيب النساء جا ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ٿيل ڪجھ مشھور ڪافيون، ڪلام ۽ گيت ==