ٻين مھاڀاري جنگ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٻئي مهاڀاري جنگ (سيڪنڊ ورلڊ وار) جا منظر
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
معمولي ڪاپي ايڊٽ ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو
سِٽَ 1:
[[فائل:Infobox collage for WWII.PNG|thumb|ٻئي مهاڀاري جنگ (سيڪنڊ ورلڊ وار) جا منظر]]
 
'''ٻي عالمي جنگ''' ({{Lang-en|World War II}}) انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي، طويلڊگهي ۽ خونريز ۽ تباههتباهي ڪنمچائيندڙ لڙائي ٻي عالمي جنگ هئي، جيڪا پهرين سيپٽمبر 1939ع تي [[پولينڊ]] تي [[جرمني|جرمنيءَ]] جي حملي سان شروع ٿي ۽ [[2 سيپٽمبر]] 1945ع تي وڃي پُڄاڻي تي پهتي (ختم ٿي،ٿي)، جڏهن آخري محوري طاقت [[جاپان|جپان]] سرڪاري طرح پنهنجي شڪست تسليم ڪئي. ٻي عالمي جنگ هونئن ته جپان جي [[چين]] ۾ مداخلت سان [[1 سيپٽمبر|پهرين سيپٽمبر]] 1939ع کان اڳئي شروع ٿي چڪي هئي، سا جرمني جي غير مشروط طور هٿيارن ڦٽا ڪرڻ سان [[يُورَپ|يورپ]] ۾ 8 مئي 1945ع تي ختم ٿي هئي. هيءَ جنگ جزوي طرح 1930ع ۽ 1940ع جي [[ڏھاڪن جي فھرست|ڏهاڪن]] ۾ [[ايشيا]] ۾ جاري هئي. ان کان سواءِ هيءَ جنگ [[آفريڪا|آفريقا]] جي ڪن حصن ۽ [[آمريڪا جون گڏيل رياستون|آمريڪا]] جي ڀر وارن ملڪن ۾ به وڙهي پئي وئي. بعد ۾ هن جنگ دوران مختلف [[سمنڊ|سمنڊن]] ۾ وڏين طاقتن جي بحري فوجن، جهازن ۽ [[آبدوز|آبدوزن]] سان تمام وڏيون ۽ خطرناڪ لڙايون ٿيون هيون. هيءَ [[انسان جي تاريخ (ڊاڪٽر حبيب الله صديقي)|انساني تاريخ]] جي وڏي ۾ وڏي لڙائي هئي، جنهن ۾ دنيا جا ذري گھٽ سڀئي ملڪ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح شامل ٿي چڪا هئا، جنهن ۾ پراڻن آزمايل هٿيارن سان گڏ نوان خطرناڪ هٿيار به استعمال ٿيا ۽ آخر ۾ ته [[ائٽم بم|ايٽم بم]] به استعمال ٿيو، جيڪو آمريڪا جپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ڪيرايو هو. ٻي عالمي جنگ جا بنياد پهرين[[پھرين عالميمھاڀاري جنگ (ڏسو: |پهرين عالمي جنگ)]] جي خاتمي سان ئي پئجي چڪا هئا. اهو هن طرح ته [[پھرين مھاڀاري جنگ|پهرين عالمي جنگ]] (1914ع کان 1918ع) جي فاتح اتحادي طاقتن، شڪست کاڌل جرمنيءَ کان جيڪو صلح نامو ”ٽريٽي آف ورسائيليز“ (Treaty of Versailles) زرو زبردستيءَ سان صحيح ڪرايو هو، تنهن ۾ جرمنيءَ کي نهايت ذلت وارا شرط قبول ڪرڻا پيا هئا. مثال طور، اتحادين جرمنيءَ جي ڪن خاص علائقن تي، جتي جرمنيءَ جا فولاد جا ڪارخانا ۽ هٿيارن ٺاهڻ جون فيڪٽريون هيون، قبضو ڪري پنهنجون فوجون ويهاري ڇڏيون. جرمنيءَ تي پنهنجي اندروني انتظام کان وڌيڪ فوج رکڻ تي بندش وجھي ڇڏي ۽ اتحادي طاقتن هٿيار ٺاهڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي ۽ خاص طور [[فرانس]] کي، جنهن تي جرمنيءَ جي حملي سان پهرين عالميمھاڀاري جنگ وڏي پئماني تي شروع ٿي هئي ۽ جنهن ۾ فرانس کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان پهتو هو. ان کي War Reparations يعني جنگي نقصانن جو معاوضو ڀري ڏيڻ به اتحادين جرمنيءَ کان قبول ڪرايو هو. پهرين عالميمھاڀاري جنگ ۾ جرمنيءَ جي شڪست سبب جرمنيءَ جي پراڻي بادشاهت کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي جمهوري نظام رائج ڪيو ويو ۽ جرمنيءَ کي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ يعني عوامي جمهوريه قرار ڏنو ويو، جيڪا شروعاتي ڪاميابي کانپوءِ ناڻي واڌ، مهانگائيءَ، بيروزگاري ۽ اقتصادي مسئلن ۽ جرمنيءَ جي سندس مخالف طاقتن هٿان قومي ڦر لٽ سبب سخت ڪمزور پئجي ويئي. ملڪ ۾ مختلف شدت پسند سياسي تحريڪون ۽ سياسي جماعتون پيدا ٿي پيو. جن مان هڪڙي ڪميونسٽ پارٽي هئي ۽ ٻي هئي [[ايڊولف هٽلر]] جي نازي پارٽي. [[هٽلر]] ۽ ان جي نازي پارٽيءَ جرمنيءَ جي ٻي عالميمھاڀاري جنگ ۾ شڪست کانپوءِ جي ذلت جو الزام هڪڙو اتحادي طاقتن طرفان جرمنيءَ کان زوري مڃايل ورسائيليز معاهدي ۽ ٻيو يهودين تي لڳايو. هٽلر جي نظر ۾ (الف) يهودين جو جرمنيءَ تي ايترو ته مضبوط اقتصادي ۽ مالي تسلط هو، جو جرمني پنهنجي دفاع جو پورو انتظام نه ڪري سگھي ۽ (ب) يهودي اندران جرمنيءَ سان ڪوڙا ۽ اتحادين سان سچا هئا.<ref name="سنڌيانا">[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ٻي%20عالمي%20جنگ ''ٻي عالمي جنگ''] [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]] (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، [[سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو]]، حيدرآباد. سال:2012ع</ref>
 
== يورپ ۾ جنگ جي شروعات ==
جرمني ۽ [[روس]] هڪٻئي جا جاني دشمن هئا. پر ڪن فوجي ۽ سياسي مصلحتن جي ڪري انهن في الحال پاڻ ۾ هڪٻئي خلاف جارحيت نه ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ۽ انهن معاهدي جي هڪ ڳجھي راز مطابق پولينڊ،[[پولينڊ]]، بالٽڪ سمنڊ جي ڀر وارا [[ملڪ]] ۽ [[فن لينڊ]] کي پاڻ ۾ اڌو اڌ ڪري ورهائي کڻڻ جو به فيصلو ڪيو هو. پهرين سيپٽمبر 1939ع تي ان وقت يورپ ۾ باقاعدي وڏي [[جنگ]] شروع ٿي ويئي، جڏهن جرمنيءَ پولينڊ تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي حفاظت لاءِ [[انگلينڊ|انگلنڊ]] ۽ فرانس ٻنهي لکت ۾ اڳيئي خاطريون ڪرايون هيون. ٻئي پاسي کان روس به پولينڊ تي حملو ڪري ڏنو. ٻنهي حملي آورن پولينڊ اڌو اڌ ورهائي کنيو. پولينڊ جي فوجن شڪست کاڌي، پر ڪجهه فوجي آخر تائين اتحادين پاران قابض فوجن خلاف وڙهندا رهيا. جرمنيءَ فرانس تي [[فوج]] چاڙهي، پر ٻنهي ملڪن جون فوجون 10 مئي 1940ع تائين هڪٻئي تي صرف فائرنگ ڪنديون رهيون.<ref name="سنڌيانا"/>
 
== جرمني ۽ روس جي خوفناڪ لڙائي ==
سِٽَ 11:
:“As Compared to war with France the “Operation Barbarosa” will be a child’s play”.
 
عنييعني ”فرانس سان ٿيل جنگ جي نسبت آپريشن باربروسا ته اسان لاءِ هڪ ٻارن جي راند ثابت ٿيندي.“ پر ائين ٿيو ڪونه. روس تي حملي هٽلر کي ائين تباهه ڪري ڇڏيو، جيئن ڏيڍ سؤ سال اڳ ۾ [[نيپولين]] جي لکين سپاهين جي زبردست فرينچ فوج کي روس ۾ تباهه ڪيو ويو هو. نيپولين پنهنجي چند هزار جان نثار سپاهين سان وڏي مشڪل سان پنهنجي جان بچائي واپس فرانس پهچي سگھيو هو. جيتوڻيڪ هن [[ماسڪو]] شهر تي به قبضو ڪري سڄي شهر کي ساڙائي ڇڏيو هو ۽ هٽلر جي فوج تي ماسڪو کان 35 ميل پري رهجي وئي هئي. [[عظيم برطانيا|برطانيه]] جي فيلڊ مارشل منٽگو مري ته چيو هو ته: ”جنگ جي وڏن اصولن ۾ هاڻي هن اصول جو به اضافو ٿيڻ کپي ته:(Never march on Moscow) يعني ”ماسڪو تي ڪڏهن به حملو نه ڪجو.“ فاتح روسي فوج ۽ برلن تي روسي حملي جي اڳواڻي ڪندڙ جنرل زوخوف جرمنيءَ جي شڪست ۽ روس جي فتح جو وڏو سبب اهو ٻڌايو هو ته، ”هٽلر پنهنجي طاقت جو حقيقت کان وڌيڪ ۽ اسان جي طاقت جو حقيقت کان گھٽ اندازو لڳايو هو.“ ساڳيو جرمن وزير جنگ البرٽ اسپيئر پنهنجين يادگيرن ۾ اهو به لکي ٿو ته، ”بعد ۾ روس هٿان جرمنيءَ جي شڪست تي تبصرو ڪندي هٽلر وڏي اداسيءَ سان کيس چيو هو ته:<ref name="سنڌيانا"/>
 
:“Future belongs to our powerful neighbour as Germans have proved themselves weaker people.”
سِٽَ 21:
هٽلر جي فوجين لينن گراڊ شهر (موجوده نالو پيٽرزبرگ) کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ هٽلر حڪم ڪيو ته، ”هن شهر کي صفحهء هستي تان مٽايو وڃي ۽ ان جي سڀني شهرين کي ماريو وڃي.“ هٽلر روسين کي ” Subhuman Race“ يعني انساني سطح کان گھٽ نسلن جا ماڻهو قرار ڏيندو هو، جن کي ماري تباهه ڪري ڇڏڻ ڪو ڏوهه ڪونه هو، هو جرمن قوم کي ئي انسان ذات جي اعليٰ قوم تصور ڪندو هو، هن جي خيال ۾ جنهن کي ئي دنيا تي حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل هو، هٽلر لينن گراڊ شهر کي گھيرو ڪري ويهي رهڻ جو حڪم ڏنو، جيئن هن شهر جي باشندن کي اڃيو ۽ بکيو ماري ختم ڪري ڇڏجي. ساڳئي وقت بمبار جهازن ۽ توپن جي گولي باري به شهرين تي جاري رهي. هن شهر جي گھيري جي نتيجي ۾ انهن جا ڏهه لک ماڻهو مري ويا. اهو گھيرو 900 ڏينهن جاري رهيو.<ref name="سنڌيانا"/>
 
42-1941ع جو سيارو ڪاٽڻ بعد جرمن فوج ماسڪو تي حملي جو پروگرام بدلائي اسٽالن گراڊ شهر (موجوده نالو وولگو گراڊ) تي حملو ڪيو ۽ ان تي قبضو ڪيو، جنهن کان پوءِ اسٽالن گراڊ جي گھٽين ۾ جنگ شروع ٿي ويئي. هيءَ جنگ ايتري ته شديد ٿي وئي، جو شهر جي چؤڌاري موجود سڄي جرمن فوج کي شهر ۾ وڙهڻ لاءِ موڪليو ويو ۽ جرمنيءَ جي مددگارن [[رومانيہ|رومانيه]] ۽ هنگريءَ جي فوجين کي شهر جي ٻاهران حفاظت لاءِ مقرر ڪيو ويو. روسين ڇا ڪيو، جو هن شهر تي جوابي حملو ڪري هنگري ۽ رومانيه جي ڪمزور فوجين کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ شهر ۾ موجود جرمن فوج کي پنهنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو. جرمن فوج جي ڇهين ۽ ستين ڊويزن جا لکين فوجي بنا مدد بنا سپلاءِ، بنا کاڌي ۽ بنا بارود جي شديد مصيبت ۾ اچي ويا. 1943ع جي شروعات ۾ باقي بچيل جرمن فوج شڪست قبول ڪندي هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ تيستائين شديد ترين خوني جنگ ۾ جرمني ۽ روس جا ڪل 20 لک ماڻهو مارجي ويا. جن مان 5 لک شهري ۽ باقي ٻنهي ملڪن جا سپاهي هئا.<ref name="سنڌيانا"/>
 
هٽلر ضد ۾ اچي آخر تائين جرمن سپاهين کي جنگ جاري رکڻ لاءِ چيو، پر جرمن فوج جي سپهه سالار مجبور ٿي هٿيار ڦٽا ڪيا، جيتوڻيڪ هن کي ائين ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هٽلر هن کي [[جنرل]] مان فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي، جو اوستائين ڪنهن به جرمن فيلڊ مارشل ڪنهن دشمن اڳيان هٿيار نه ڦٽا ڪيا هئا. هن جنگ کانپوءِ جرمنيءَ جي فوج جو زور ٽٽي پيو ۽ روسي فوجن اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. تان جو اهي وڃي مئي 1945ع ۾ خود جرمنيءَ اندر [[برلن، جرمني|برلن]] جي شهر تي پهتيون. ان کان اڳ 1945ع جي بهار ۾ جرمنيءَ ڪرسڪ جي هنڌ وٽ روسي فوجن تي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ٽينڪن وارو حملو ڪيو ۽ اتي دنيا جي ٽينڪن جي وڏي ۾ وڏي لڙائي ٿي. هزارين ٽينڪن ۽ لکين فوجن، ٻنهي پاسن کان جنگ ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ به آخرڪار جرمنيءَ کي شڪست ۽ روس جي فتح ٿي. هن جنگ ۾ ٻنهي پاسي وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.<ref name="سنڌيانا"/>
 
== وڌيڪ ڏسو ==