ٻين مھاڀاري جنگ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+ترتيب (14.9 core): + زمرو:جديد تاريخ+زمرو:جنگ
←‏حوالا: ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو
سِٽَ 22:
 
هٽلر ضد ۾ اچي آخر تائين جرمن سپاهين کي جنگ جاري رکڻ لاءِ چيو، پر جرمن فوج جي سپهه سالار مجبور ٿي هٿيار ڦٽا ڪيا، جيتوڻيڪ هن کي ائين ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هٽلر هن کي جنرل مان فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي، جو اوستائين ڪنهن به جرمن فيلڊ مارشل ڪنهن دشمن اڳيان هٿيار نه ڦٽا ڪيا هئا. هن جنگ کانپوءِ جرمنيءَ جي فوج جو زور ٽٽي پيو ۽ روسي فوجن اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. تان جو اهي وڃي مئي 1945ع ۾ خود جرمنيءَ اندر برلن جي شهر تي پهتيون. ان کان اڳ 1945ع جي بهار ۾ جرمنيءَ ڪرسڪ جي هنڌ وٽ روسي فوجن تي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ٽينڪن وارو حملو ڪيو ۽ اتي دنيا جي ٽينڪن جي وڏي ۾ وڏي لڙائي ٿي. هزارين ٽينڪن ۽ لکين فوجن، ٻنهي پاسن کان جنگ ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ به آخرڪار جرمنيءَ کي شڪست ۽ روس جي فتح ٿي. هن جنگ ۾ ٻنهي پاسي وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.<ref name="سنڌيانا"/>
 
== وڌيڪ ڏسو ==
 
* [[پھرين مھاڀاري جنگ]]
 
== حوالا ==