تاري (عورت): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''تاري''' سنڌ جي پهرين حڪمران عورت هئي، سن 1088ع ۾ دودو سومري (پهرئين) جي مرڻ کان پوءِ سندس ڌيءُ تاري ...
 
صفحي کي زينب سومرو ڏانھن چوريو
ٽيگ: نئون چورڻو
 
سِٽَ 1:
#چوريو [[زينب سومرو]]
'''تاري''' سنڌ جي پهرين حڪمران عورت هئي، سن 1088ع ۾ دودو سومري (پهرئين) جي مرڻ کان پوءِ سندس ڌيءُ تاري [[سنڌ]] جو راڄ سنڀاليو. ان وقت دودي جو پٽ سنگهار اڃا ننڍڙو هو ۽ تاري بيحد متحرڪ ۽ رياست جي معاملن جي سمجهه رکندڙ هئي، تنهن ڪري اميرن ۽ وزيرن سندس تخت تي ويهڻ جي حمايت ڪئي.
 
تاري کي سومرا شاهي گهراڻي جي بادشاه ۽ سندس پيءُ ڀونگر سومرو جي مري وڃڻ کانپوءِ تخت تي ويهاريو ويو. تاريءَ پورا ڏهه سال بهترين طريقي سان راڄ هلايو، سندس حڪومتي دور ۾ سنڌ تي ڪوبه ٻاهريون حملو ڪونه ٿيو، هن جو تخت گاهه ٿري ۾ هو، جيڪو سندس دور ۾ وڻج واپار ۽ خوشحاليءَ جو مرڪز ٿي پيو. ڏهن سالن جي ڪامياب حڪمرانيءَ کان پوءِ هن حڪومت جون واڳون 1098ع ۾ سندس ڀاءَ جي حوالي ڪري ڇڏيون ۽ پاڻ هڪ عام گهريلو زندگي گهارڻ لڳي.
 
سنگهار ڪُل اٺ سال حڪومت ڪري مري ويو، تاريخدانن جو مڃڻ آهي ته رياستي معاملن ۾ هو سدائين پنهنجي ڀيڻ تاريءَ جي صلاح ۽ مدد وٺندو رهيو. دولت علويه ۾ تاريءَ جو نالو زينب ۽ سنگهار جو نالو شهاب الدين ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو سراسر غلط آهي. سنڌ جا ابتدائي سومرا حڪمران، عربي نالن بدران روايتي ديسي نالا رکندا هئا.
 
== ماخذ ==
* پيرائتي سنڌ ڪٿا
* منتخب التواريخ
* دولت علويه
 
* تحفته الڪرام
 
== حوالا ==
[[:en:Zainab_Tari|انگلش وڪي پيڊيا]]
 
[http://panhwar.com/historicatlas.htm پيرائتي سنڌ ڪٿا]
 
[[:en:Sulaiman_Nadvi|(تاريخ سنڌ) سيد سليمان ندوي]]
 
[http://www.worldcat.org/title/soomras/oclc/301088925 (سومرا) مهر عبدالحق سومرا]