آتشبازي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Fixing redirects
Multiple images
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
{{Multiple image |direction=vertical |align=right |width=260|header='''''Fireworks'''''|image1=OperaSydney-Fuegos2006-342289398.jpg|image2=Fireworks closer view.ogv|image3=Taipei101fireworks.jpg|image4=2013 Fireworks on Eiffel Tower 49.jpg|caption1=[[پورٽ جيڪسن|سڊني هاربر]] تي [[سڊني نئون سال جي شام 2006–07| نئون سال جي شام 2006–07]] تي آتش بازي جو ڏيکُ.|caption2=نيويارڪ، 2003 ۾ [[قمري نئون سال]] جي جشن واري موقعي تي آتشبازي جو ويجهو ڏيکُ|caption3=تائيوان ۾ [تائپي 101]] تي آتش بازي جي نمائش، جيڪو هڪ سپرٽال اسڪائيسڪريپر تي 2005 ۾ دنيا جي پهرئين آتشبازي جو مُظاهرو هُيو.|caption4=2013 ۾ [[باسٽل ڊي]] [[پيرس]]، [[فرانس]] تي آتش بازي]].}}
[[عڪس:Buenos Aires - La Boca - Transbordador Nicolás Avellaneda - 20071225d.jpgd|thumbnail]]
 
[[عڪس:Prague Firework 2010 17.jpg|thumbnail]]
 
'''ڦٽاڪي راند''' يا [[بارود]] مان ٺهيل سامان سان رنگبرنگي روشني پيدا ڪرڻ واري راند، جيڪا [[دُنيا|دنيا]] جي سڀني ملڪن ۾ قديم زماني کان رائج آهي. آتش بازيءَ جو فن ڪيئن شروع ٿيو ۽ آتش بازيءَ جي شروعات ڪهڙي [[قوم]] يا [[ملڪ]] کان ٿي، ان بابت پڪ سان ڪجهه به چئي نٿو سگهجي، ليڪن ڪتابن جي مطالعي مان خبر پوي ٿي، ته قديم چيني هن فن کان واقف هوندا هئا. هن فن کي باقاعدي ترقيءَ تي پڻ انهن چينين پهچايو. هنن آتشبازيءَ واري فن تي نوان نوان تجربا ڪيا. ان ڪري اهڙو سامان تيار ڪيائون، جنهن سان آتش بازي هڪ مستقل وندر يا راند جي صورت اختيار ڪري ورتي، چين ۾ وڏن وڏن ميلن ۽ ڏينهن تي آتشبازيءَ جا مظاهرا ڪيا ويندا هئا. ڦٽاڪن جي انهيءَ راند اڳتي هلي ايتري ته مقبوليت حاصل ڪري ورتي، جو وڏن تهوارن تي عام ماڻهن سان گڏ امير ۽ وقت جا بادشاهه به آتشبازيءَ جي مظاهري مان لطف اندوز ٿيندا هئا. آتشبازيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ بارود واريون سڀئي شيون ڪاغذ يا جهليءَ مان ٺهيل کوپي ۾ بند ڪيون وينديون آهن، جن کي تيلي ڏئي ٻاريو ويندو آهي.
 
شروع شروع ۾ ڦٽاڪن ۾ پوٽاشيم نائٽريٽ استعمال ڪئي ويندي هئي. ان کان پوءِ پوٽاشيم ڪلورائيڊ استعمال ٿيڻ لڳي. 14 صدي عيسويءَ ۾ جڏهن بارود دريافت ٿيو ته ان سان گڏ آتش بازيءَ واري سامان جي تياريءَ ۾ نواڻ اچي وئي. ان سلسلي ۾ [[اٽلي]] اهو ملڪ آهي، جنهن آتش بازيءَ جي سامان کي تجارتي بنيادن تي ٻين ملڪن ڏانهن وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو. [[برطانيا]] ۾ راڻي ايلزبيٿ اول جي دور ۾ آتش بازيءَ جو فن عروج تي پهچي چڪو هو. هيءُ خود به آتش بازيءَ مان مزو وٺندي هئي. آتش بازيءَ جو سڀ کان وڏو مظاهرو لنڊن ۾ سن [[1919ع]] ۾ پهرين عالمي جنگ جي خاتمي جي خوشيءَ سبب ڪيو ويو هو، جنهن کي سڄي دنيا ۾ آتش بازيءَ جي يادگار مظاهري طور اڃا تائين ياد رکيو وڃي ٿو. جڏهن [[ٻي عالمي جنگ]] جو خاتمو ٿيو، ته به [[1946ع]] ۾ لنڊن ۾ ئي آتش بازيءَ جو وڏو مظاهرو ٿيو هو. اهڙا ته رنگ برنگي ڦٽاڪا ۽ ٽونٽا ڇوڙيا ويا، جو ڏسندڙ حيران رهجي ٿي ويا. اهو ڄڻ ته هڪ عجيب خواب هو. [[1953ع]] ۾ جڏهن موجوده ملڪ ايليزبيٿ ٻي تخت نشين ٿي، تڏهن به لنڊن ۾ آتش بازيءَ جو هڪ يادگار مظاهرو ٿيو هو. اهو مظاهرو پڻ دنيا جي لکين ماڻهن ڏٺو هو. ان مظاهري کي فلم ذريعي رڪارڊ ڪري هميشه جي لاءِ محفوظ ڪيو ويو.