ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Ladsgroup چوريو صفحو واپرائيندڙ:مھتاب احمد ڏانهن واپرائيندڙ:مھتاب احمد سنڌي: Automatically moved page while renaming the user "مھتاب احمد" to "مھتاب احمد سنڌي"
م کٽل لفظ وڌا
سِٽَ 1:
'''مھتاب احمد''' يا '''مهتاب احمد'''، منھنجو تعلق [[شڪارپور ضلعو|شڪارپور ضلعي]] جي [[ڳڙهي ياسين تعلقو|تعلقي ڳڙھي ياسين]] جي [[ڳوٺ بڊو|ڳوٺ بڊي]] سان آھي. جڏھن تہ آگسٽ 2010ع کان 2019 جي جون تائين تعليم جي سلسلي ۾ آئون [[سکر]] شھر ۾ رھيو آھيان. مون مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ پبلڪ اسڪول سکر مان ڪئي آھي. ان کان پوءِ [[سکر آءِ بي اي يونيورسٽي]] مان بيچلر آف ايجوڪيشن [بي.ايڊ (آنرس)] چئن سالن جي ڊگري ڪئي آھي. ھن وقت آئون [[لاھور]] شھر ۾ سينٽرل سپرير سروسز (سي ايس ايس) ۽ پراونشل مينجمينٽ سروسز (پي ايم ايس) جي امتحانن جي تياري ڪري رھيو آھيان.
 
[[سنڌي وڪيپيڊيا]] تي منھنجو سفر گمنام آءِپي سان جولاءِ 31، 2015 تي شروع ٿيو. منھنجي پھرين سنوار گھڻو ڪري '''[[عيسوي سال]]''' واري مضمون جي تخليق ھئي. ان کان پوءِ ٻہ ڏينھن گمنامي ۾ ڪم ڪرڻ بعد مجيب رحمٰن چانڊيو جي پيغام بعد ھي کاتو آگسٽ 2، 2015ع تي ٺاھيو. ھن وقت تائين وڪيميڊيا جي مختلف ويبسائيٽن تي آئون ڪيتريون ئي سنوارون ڪري چڪو آھيان. سنڌي وڪيپيڊيا تي محترم انتثار علي کان بعد سڀ کان گھڻيون منھنجون سنوارون آھن. [[گوگل ترجمو|گوگل ترجمي]] جي حوالي سان بہ منھنجو نالو دنيا جي مک 20 ڄڻن ۾ اچي ٿو، جتي پڻ آئون ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رھندو آھيان. [[سنڌي ٻولي]]ءَ سان منھنجي بي پناھ محبت آھي ۽ اميد ڪريان ٿو تہ اھا مرڻ گھڙي تائين رھندي ۽ آئون پنھنجي ٻولي جي ترقي لاءِ ھر ممڪن ڪم ڪندو رھندس.
 
{{يوزر وڪيپيڊين کان|year=2015|month=07|day=31}}