پراڪرت: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
KaleemBot (بحث | ڀاڱيداريون) م Bot: Automated text replacement (-category: +زمرو:) |
KaleemBot (بحث | ڀاڱيداريون) م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:انڊيا جون ٻوليون |
||
سِٽَ 2:
'''پراڪت ٻوليءَ''' جي معنا پرڪرتيءَ مان پيدا ٿيل ٻولي. ’پرڪرتي‘ لفظ جي هڪڙي معنا آهي ’قدرت‘ (Nature)، ۽ ٻي معنا اٿس’اصلوڪي صورت‘, جنهن جو ضد آهي '''’وڪرتي‘''' معنيٰ ’بگڙيل صورت‘. پراڪرت ٻوليءَ جي پرڪرتي يا اصلوڪي صورت آهي [[سنسڪرت]] تنهنڪري پراڪرت ٻولي معنا اصلوڪي صورت يعني سنسڪرت مان پيدا ٿيل ٻولي، جا قدرتي طرح يا پاڻمرادو سنسڪرت مان ٺهي پيئي. اها ٻولي عام طرح ڪم ايندي هئي، تنهنڪري پراڪرت ٻولي معنيٰ عام يا رواجي ٻولي به آهي. هر هڪ پرڳڻي جي پراڪرت پنهنجي پنهنجي هئي، تنهنڪري پراڪرت ٻولي معنيٰ پرڳڻي جي ٻولي به آهي. هن وقت [[سنڌ]] جي پراڪرت هاڻوڪي [[سنڌي ٻولي]] آهي.
== پالي يا قديم پراڪرت ==
گوتم ٻڌ، جو عيسوي سن کان ڇهه صديون کن اڳي ٿي گذريو آهي، تنهن جي وقت ۾ سنسڪرت ٻولي اڪثر رڳو برهمڻ ڄاڻندا هئا. ٻيا ماڻهو عام طرح هڪ جھوني پراڪرت ٻولي ڳالهائيندا هئا، جا هاڻ '''’پالي‘''' سڏجي ٿي. انهيءَ ڪارڻ جي ڪري گوتم ٻڌ پنهنجي ڌرم جو پرچار انهيءَ قديم پراڪرت ۾ ڪيو، ته سندس متا ماڻهو پوريءَ طرح سمجهن. هن حقيقت مان انسائڪلوپيڊيا برٽنيڪا واري اهو بلڪل پورو انومان ڪڍيو آهي ته عيسوي سن کان اٽڪل هڪ هزار ورهيه اڳي سنسڪرت ڦري پالي ٿي هئي، جنهنڪري گوتم ٻڌ کي انهيءَ ٻوليءَ ۾ پرچار ڪرڻو پيو هو.
سِٽَ 12:
گوتم ٻڌ پنهنجي وقت ۾ ٻڌ ڌرم پکيڙيو، ته مڌيه ديش وارن آرين پنهنجي برهمڻي ڌرم پکيڙڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. مثلاً، عيسوي سن کان ڇهه صديون کن اڳي، اگست مني، ونڌيا جبل لتاڙي ڏکڻ هندستان ڏي ويو ۽ اتي وڃي برهمڻن جون بيٺڪون وڌائين. ائين مدراس کاتي ڏي برهمڻي ڌرم ۽ سنسڪرت جي پکيڙ ٿي، ان وقت اتر هندستان ۾ ماڻهو عام طرح پالي ٻولي ڳالهائيندا هئا، تنهنڪري ڏکڻ هندستان ڏي پالي جي به پکيڙ ٿي.
عيسوي سن کان پنج صديون کن اڳي، وجيا نالي هڪ '''راجڪمار'''، ڪيترن ماڻهن سان ’لاٽ‘*مان لڏي [[سريلنڪا]] (سلون) ڏي ويو ته ٻڌ ڌرم
== پراڪرت ٻولين جا قسم ==
پالي ٻولي سڄي هندستان ۾ پکڙيل هئي ۽ پوءِ بگڙجي پراڪرت ٿي، ته هندستان جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پراڪرت ٻولي پنهنجي پنهنجي نموني واڌارو ڪيو، جنهنڪري ان جا گهڻا نمونا ٿيا. جين ڌرم وارن جا ڌرمي پستڪ انهن مان ڪن ۾ لکيل آهن. اسانجن آڳاٽن ماڻهن انهن جا گرامر به ٺاهيا، جي اڄ تائين موجود آهن. '''چنڊ''' نالي هڪ شخص عيسوي سنه کان ٽي سؤ کن ورهيه اڳي، يعني موريا گهراڻي جي صاحبيءَ ۾، پراڪرت ٻولين جو وياڪرڻ ’پراڪرت لڪشڻ‘ نالي جوڙيو هو، جنهن جو ترجمو ڊاڪٽر هورنل (Dr. Hoernle) ڪيو آهي.
چنڊ کان پوءِ '''وررچي'''، جو '''مهاراجا وڪرماجيت''' جي دربار جي نون رتنن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو، تنهن '''’پراڪرت پرڪاش‘''' ٺاهيو، جنهن جو ترجمو '''ڊاڪٽر ڪوويل''' (Dr: Cowell)
=== اپڀرنش ===
وچولي زماني جون پراڪرت ٻوليون، جي پاليءَ جو درجو لنگهي وڌيڪ ابتر ٿيون، سي پوءِ وڌيڪ بگڙيون.اهو سڀاويڪ آهي ته جَت، ڌنار ۽ ٻيا اڻپڙهيل ماڻهو لفظن جا اچار بگيڙين ٿا. وقتي ساڱيا واڱيا به ٻوليءَ ۾ چُڪون ڪن ٿا. ائين ٻولين ۾ بگاڙو پوي ٿو- پرپاليءَ واري زماني کان وٺي هندستان ۾ حالتون ئي اهڙيون اچي بڻيون، جو هڪٻئي پٺيان ڌاريا لوڪ ڪاهي پئي آيا ۽ انهن به اهي ئي پراڪرت ٻوليون اختيار ڪيون، ته پاڻ اچار وڌيڪ بگيڙيائون، جنهنڪري آڳاٽن نحوين، انهن بگڙيل ٻولين کي ’اپڀرنش‘ سڏيو آهي، جنهن جي معنا آهي مقرر درجي کان ڪِريل (Falicn from the normal) يعني بگڙيل يا کريل ٻولي. اپڀرنش جو درجو سڀني پراڪرت ٻولين کان گهٽ ڪري ليکيو اٿن- هندستان جي جدا جدا ڀاڱن جون اهي اپڀرنش ٻوليون بگڙجي هاڻوڪيون [[هندي]]، [[سنڌي]]، گجراتي وغيره ٿيون آهن. جنهنڪري چئبو ته آڳاٽين پراڪرتن ۽ هاڻوڪين ڏيهي ٻولين جو وچ وارو ڏاڪو اهي اپڀرنش پراڪرت ٻوليون آهن.
اپڀرنش جو ذڪر پراڪرت گرامر جوڙيندڙن هيمچندر آچاريا، تروڪرم، ڪرمڌيشور ۽ مارڪڻڊيه ڪيو آهي. ڊنڊن پنهنجي '''’ڪاويا
=== پراڪرت جا مزيدار مثال ===
پراڪرت ۽ اپڀرنش ۾ ٻه مکيه ڳالهيون گهڻو ڌيان ڇڪين ٿيون. ڪيترن لفظن جي وچ ۽ پڇاڙيءَ مان، حرف صحيح ايتريقدر نڪري ويا آهن، جو هن وقت پراڪرتن ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ نه ٻيو حرف علت يا ’هه‘ جو اچار آهي ۽ ٻيو ڪو به حرف صحيح ڪونهي! لفظن مان ڄڻ ته هڏا ويا آهي نڪري، باقي رڳو ماس پيو لڙڪي! مثلاً، سنسڪرت لفظ ’هرديا‘ معنا هردو يه دل، ۽ ’متر‘ معنا مِٽ(مائٽ). پراڪرت ۾ انهن جا اچار ٿيا ’هنئه‘ ۽ ’منئه‘! ڪنهن کي جيڪر اعتبار ۾ ئي ڪونه اچي، ته ڪو پراڪرت ڳالهائيندڙ، هن ريت لفظن مان حرف ڪڍي، رڳو ٻاتن وانگر (ءَ – ءَ – ءَ – يه، يه، يه)
مثلاً، ’بيڪانير‘ شهر بيکي نالي هڪ راجپوت جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. پراڪرت ڳالهائيندڙ گهُڻن وانگر ’ن‘ بدران ’ڻ‘ ايتريقدر ڪم آڻيندا هئا، جو پراڪرت ۾ اهڙا سڀ لفظ ’ن‘ بدران ’ڻ‘ سان شروع ٿين ٿا. اسان شايد انهن جي اَڍ ڇڪي آهي، جو لفظن ۾ نڪ جو اُچار گهڻو گڏيون ٿا. مثلاً ’تهجو‘ ۽ ’مهجو‘ بدران چئون ’تنهنجو‘ ۽ ’منهنجو‘، ۽ ’پري‘ بدران عام طرح چئون ’پرين‘، معنا پيارو. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو، پراڪرت ڳالهائيندڙن کان اسان جا اچار وڌيڪ مٺا آهن. هن وقت سنڌيءَ ۾ ڪوبه لفظ ’ڻ‘ سان شروع ڪونه ٿو ٿئي: رڳو هڪ لفظ ’ڻوڻ‘(جمع ڻوڻيون) آهي، پر ان جو صحيح اُچار آهي ’روُڻ‘(جمع روڻيون). درياء جو پاڻي اٿلي، ڪنهن بند کي ويڙهي ويندو، ته بند کي اول سيڪ ايندو، يعني ڀڄي آلو ٿيندو. پوءِ روڻ پونديس، جنهن مان پاڻي ’روُن روُن‘ ڪري وهندو ۽ پوءِ بند کي گهارو پوندو. اهو لفظ ’رون رون‘ (آواز) مان ٺهيل آهي.
=== اپڀرنش پراڪرت جا مثال ===
سنسڪرت لفظن جا اُچار پراڪرت واري زماني ۾ ماڻهن هڪڙيءَ ريت بگيڙيا، ۽ گپت گهراڻي وارن جي صاحبيءَ ۾ جيڪي سنسڪرت لفظ وري نئين سر چالو ٿيا، تن جا اچار اپڀرنش واري زماني ۾ ماڻهن ٻيءَ ريت بگيڙيا- مثلاً، سنسڪرت ’هرديه‘، پراڪرت ’هنئه‘،
(الف) جيڪي لفظ پراڪرت ۾ ورهين کان چالو هئا، تن مان ڪيترن جا اچار پوءِ اپڀرنش ٿيا، يعني بگڙيا- مثلاً، سنسڪرت لفظ ’راجا‘ جو اچار پراڪرت ۾ ٿيو ’راڻا‘، ته اهو اپڀرنش ۾ وڌيڪ بگڙجي ٿيو’راءَ‘ سنڌ جي شاهي گهراڻي وارا حاڪم پاڻ کي ’راءَ‘(راجا)
== حوالا ==▼
▲==حوالا==
{{حوالا}}
[[زمرو:
[[زمرو:ڀارت]]▼
[[زمرو:تاريخ]]
[[زمرو:
[[زمرو:مذهب]]
[[زمرو:ٻوليون]]
▲[[زمرو:ڀارت]]
|