اليگزينڊريا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +صفائي (14.9 core): + زمرو:سلڪ روڊ سان گڏ آباد هنڌ
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:مصر ۾ شهر
سِٽَ 87:
 
'''اسڪندريہ''':'''Alexandria''': ({{IPAc-en|ˌ|æ|l|ɪ|ɡ|ˈ|z|æ|n|d|r|i|ə}} يا {{IPAc-en|-|ˈ|z|ɑ:|n|d|-}};<ref>{{cite web|url=http://www.collinsdictionary.com/dictionary/english/alexandria?showCookiePolicy=true|title=Alexandria
|accessdate=24 September 2014|publisher=Collins Dictionary|date=n.d.}}</ref> عربي ۾ |الإسكندرية{{lang-cop|Ⲁⲗⲉⲝⲁⲛⲇⲣⲓⲁ, Ⲣⲁⲕⲟⲧⲉ}} ''{{transl|cop|Alexandria, Rakotə}}'') مصر جو ھڪ وڏو شھر،اھم تجارتي، صنعتي ،معاشي ۽ سياحت جو مرڪز جيڪو ميڊيٽرينين سمنڊ تي مصر جي اتر اولهه واري ڪناري تي واقع آهي.
[[فائل:Alexandria harbour (February 2007).jpg|thumb|اسڪندريہ جي بندرگاھ]]
ھن شھر جو بنياد سڪندر اعظم 332 ق.م ۾ وڌو ۽ جلد ئي يوناني تھذيب (Hellenistic civilization) جو مرڪز ٿي
ويو ۽ بعد ۾ ٽالمي بادشاھت (Ptolemaic Kingdom)، روم جي صوبي مصر جو ھڪ ھزار سالن تائين گاديءَ جو هنڌ رھيو. يوناني اسڪندريہ لائيٽ ھائوس جي ڪري مشهور هو جيڪو دنيا جي ستن عجوبن مان ھڪ آھي. ان کان علاوه اتي دنيا جي قديم لائبريري، تاريخي قبرستان (Necropolis) پڻ ان جي مشھوري جو سبب آهن. اھو قديم دنيا جو روم کان پوءِ تمام وڏو شھر ھيو.
[[فائل:Alexander1256.jpg|thumb|[[سڪندراعظم]]]]
 
=== تاريخ ===
اسڪندريہ جي عروج جو ڇھ سؤ ساله دور ٽين صدي قبل مسيح کان شروع ٿئي ٿو.ان دؤر ۾ انسان پنھنجي شعور جو تمام اھم سفر شروع ڪيو جيڪو اڄ اسان کي خلا جي ڪناري تي وٺي آيو آهي<ref>{کتاب: کائنات؛ از:کارل ساگان؛ ترجمہ :منصور سعید؛اشاعت:1996؛ صہ 25 پبلشرز: فکشن ہائوس، لاہور }
</ref>.ھن شھر جو بنياد سڪندر اعظم وڌو هو ۽ بعد ۾ ھن جي اڳوڻي محافظ ان کي مڪمل ڪرايو.سڪندر اجنبي تھذيب جي احترام ۽ کليل دل سان علمي تحقيق جي حمايت ڪندو هو.ھن پنھنجي جنرلن ۽ سپاھين کي ايراني ۽ ھندوستاني عورتن سان شادي ڪرڻ لاء ھمٿ افزائي ڪئي.ھن ٻين قومن جي ديوتائن جو احترام ڪيو.ھن پنھنجي استاد ارسطوءَ لاءِ ھاٿي گھرايو هو. ان جو ھي شھر اسڪندريہ فراخدليءَ سان ٺھرايو ويو تہ اھو واپار، علم ۽ تھذيب جو مرڪز ٿي سگھي. ھن شھر ۾ ٺھرايل 30 ميٽر ويڪريون سڙڪون ھن جي شان ۽ شوڪت ۾ اضافو ڪنديون هيون. فن تعمير جا نفيس نمونن ۾ مجسما، سڪندراعظم جو مقبرو، روشنيءَ جو وڏو منارو شامل آهن جن مان روشني جو منارو قديم ستن عجوبن ۾ شامل آھي.پر اسڪندريہ جو سڀ کان وڏو عجوبو ان جي لائبريري ۽ ان سان لڳولڳ عجائب گھر ھيو.اھا لائبريري دنيا جو پھريون تحقيقي ادارو ھيو ۽ ان جا عالم پوري ڪائنات جو مطالعو ڪندا ھئا. ھن لائبريري ۾ عالمن جي برادري ھوندي ھئي جيڪا طبعيات، ادب، طب، فلڪيات، جاگرافي، فلسفي، رياضي، جسمانيات،۽ انجنيئرنگ تي غور ڪري رهي هئي.اتي ذھانت جي پرورش ٿي رھي ھئي.اسڪندريہ جي لائبريري ۾ انسانن پھريون دفعو سنجيدگي۽ باقائدگي سان دنيا جا علم جمع ڪيا. اندازي مطابق عروج واري دؤر ۾ ان لائبريري ۾ پنج لک ڪتاب ھوندا<ref>{کتاب: کائنات؛ از:کارل ساگان؛ ترجمہ :منصور سعید؛اشاعت:1996؛ صہ 26,27,28, پبلشرز: فکشن ہائوس، لاہور }
</ref>.
 
[[فائل:Bibliotheca Alexandrina plaza 003.jpg|thumb| [[ببلياٿيڪا اسڪندريہ]] _ قديم لائبريري جديد روپ ۾ ]]
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
[[زمرو:سلڪ روڊ سان گڏ آباد هنڌ]]
[[زمرو:مصر ۾ شهر]]