"سري لنڪا" جي ورجائن ۾ تفاوت

٨٥ بائيٽون واڌ ،  ١ سال پهرين
م
خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+صفائي (14.9 core): + زمرو:ايشيا ۾ ملڪ+زمرو:دولت مشترڪه جون رڪن قومون
م (خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+صفائي (14.9 core): + زمرو:ايشيا ۾ ملڪ+زمرو:دولت مشترڪه جون رڪن قومون)

|symbol_type = قومي نشان
|national_motto =
|national_anthem = "[[Sri Lanka Matha]]"
{{small|''Mother Sri Lanka''}}

|image_map = Sri Lanka (orthographic projection).svg
|image_map2=Sri Lanka - Location Map (2011) - LKA - UNOCHA.svg
|capital = {{nowrap|[[جئي ورڌنيپورا ڪوتي ]]
{{small|(Administrative)}}}}
{{nowrap|[[ڪولمبو]] {{small|(واپاري)}}}}
|coordinates = {{Coord|6|56|N|79|52|E|type:city}}
|largest_city = [[ڪولمبو]]
|languages2 = [[انگريزي]]
|ethnic_groups = {{nowrap|74.9% [[سنھالي]]
11.2% [[سري لنڪن تامل]]

9.2% [[ سري لنڪن عرب ]]
4.2% [[ انڊين تامل]]
0.5% ۽ ٻيا }}
|ethnic_groups_year = 2012<ref name="CIATONGA">{{cite web|url= https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ce.html|title= South Asia ::SRI LANKA|publisher= CIA The World Factbook}}</ref>
|religion= ٽوٽل %72.2 [[ٻڌ]],
12.6 [[ھندو]]،

9.7 [[مسلمان]]،
7.4 [[عيسائي]]،
0.1 ٻيا.
{{ublist |item_style=white-space:nowrap; |70.2% [[Buddhism in Sri Lanka|Buddhism]] |12.6% [[Hinduism in Sri Lanka|Hinduism]] |9.7% [[Islam in Sri Lanka|Islam]] |7.4% [[Christianity in Sri Lanka|Christianity]] |0.1% Other/None<ref name="CPH2011_2"/> }}
|demonym = سري لنڪن
|government_type = [[يونيٽري]] [[ نيم صدارتي]] [[آئيني ريپبلڪ]]
|leader_title1 = [[صدر]]
|leader_name1 = [[مئيٿري پالا سري سينا]]
|leader_name4 = [[پرياساٿ ديپ]]
|legislature = [[پارليامينٽ]]
|sovereignty_type = [[ آزادي]]
|sovereignty_note = [[يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين]]
|established_event2 = [[دولت مشترڪہ]]
|percent_water = 4.4
|population_estimate = 21,444,000<ref>[http://www.statistics.gov.lk/PopHouSat/VitalStatistics/MidYearPopulation/Mid-year%20population%20by%20age%20group.pdf Department of Census and Statistics Sri Lanka]</ref>
|population_census = 20,277,597<ref name="popsl">{{cite web |url=http://www.statistics.gov.lk/PopHouSat/CPH2011/Pages/sm/CPH%202011_R1.pdf | archiveurl=https://web.archive.org/web/20131206021926/http://www.statistics.gov.lk/PopHouSat/CPH2011/Pages/sm/CPH%202011_R1.pdf| format=PDF |title=Census of Population and Housing 2011 Enumeration Stage February – March 2012 |work=Department of Census and Statistics – Sri Lanka |accessdate=15 July 2014|archivedate=6 December 2013 }}</ref>
|population_estimate_year = 2017
|population_estimate_rank = 58
|population_density_sq_mi =
|population_density_rank = 43rd
|GDP_PPP = $298.310 billion<ref name="imfsl">{{cite web |url=https://www.imf.org/external/pubs/ft/weo/2017/01/weodata/weorept.aspx?sy=2017&ey=2022&ssm=1&scsm=1&ssd=1&sort=country&ds=.&br=1&pr1.x=65&pr1.y=11&c=524&s=NGDPD%2CNGDPDPC%2CPPPGDP%2CPPPPC,NGDPDPC,PPPGDP,PPPPC&grp=0&a=|title=World Economic Outlook Database, October 2016 |work=[[International Monetary Fund]] |accessdate=20 May 2017}}</ref>
|GDP_PPP_year = 2018
|GDP_PPP_rank =
|area_magnitude = 1 E10

'''سريلنڪا''' هڪ ايشيائي ملڪ آهي. ھي ملڪ ھندي وڏي سمنڊ ۾ [[ڀارت]] جي ڏاکڻي حصين کان ڌار پاڻي سان گھريل ھڪ ٻيٽ آھي.

== تعارف ==

سريلنڪا يا شري لنڪا کي سلون بہ سڏيندا آهن. پر ان جو اصل نالو ’لنڪا‘ هو. جيڪو وري سرڪاري طرح رکيو ويو آهي. هندن جي مذهبي ڪتابن راماين وغيره ۾ پڻ هن کي '''لنڪا''' سڏيو ويو آهي. [[شاھ لطيف]] پڻ سُر سامونڊيءَ ۾ هن لنڪا جو ذڪر ڪيو آهي.
سريلنڪا جي شھر [[ڪولمبو]] جي اولھ ۾ هزار ٽي سؤ پنجاھ ميل پري مگديشو (سومالي لئنڊ) آهي. وچ ۾ ننڍن مالديو ٻيٽن کان سواءِ سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ۽ اوڀر ۾ هڪ هزار اٺ سؤ پنجويھ ميلن کان پوءِ سنگاپور ٿو اچي. دنيا کان ايترو ڇڄيل هجڻ جي باوجود سريلنڪا ٻن هزار سالن کان دنيا ۾ مسالي، قيمتي پٿرن، هيرن جواهرن، لعلن ياقوتن کان مشهور آهي ۽ جهازن لاءِ سڻائو، وڻندڙ ۽ دلچسپ تڙ (Port) پئي رهيو آهي. پراڻي زماني ۾ جڏهن سجُ، چنڊُ تارن ۽ هوائن کان سواءِ ٻيو ڪوبه Navigational Aid يا جهازرانيءَ ۾ مدد ڪندڙ اوزار نہ هو، تڏهن بہ يوناني، رومن، عرب، چيني، پورچوگيز، ڊچ وغيره سڀُ سلون کان ڀلي ڀت واقف هُئا. سنڌباد جا سفر تہ [[سنڌ]] ۾ بہ مشهور آهن. هو پنهنجي روايتي سفرن دوران سريلنڪا ۾ پڻ ٻہ دفعا آيو.

== جاگرافي ==

پليني (جيڪو رومن هو) تنهن سلون جو پهريون نقشو، پهرين صديءَ عيسويءَ ۾ تيار ڪيو. تيرهينءَ صدي عيسويءَ ۾ مارڪوپولو دنيا ([[يورپ]]، [[آفريڪا]] ۽ [[ايشيا]]) جو چڱو سفر ڪيو. هن پنهنجي ڪتاب ۾ سريلنڪا جو گھيرو ٻہ هزار چار سؤ ميل لکيو آهي. انگريزيءَ جي مشهور شاعر ملٽن پڻ جنهن جو (Paradise lost) نالي ڪتاب تمام گھڻو مشهور آهي، ان ڪتاب ۾ سريلنڪا جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سلون جو يوناني نالو تئپروبين (Taparobane) استعمال ڪيو آهي.

== نالو ==

برٽش '''عالم ايمرسن ٽينٽ''' سريلنڪا بابت ٻن جلدن تي ڪتاب لکيو آهي جيڪو 1859ع ۾ ڇپيو. ان ۾ ڄاڻايل آهي تہ ٽئپروبين سنسڪرت جو بگڙيل لفظ آهي، جنهن جي معنا ’وڏو حوض‘ يا ’ڳاڙهن ڪنول جي گُلن سان ڍڪيل تلاءُ‘ آهي. سريلنڪا بابت ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. هڪ ٻيو ڪتاب (Ceylon- Pearl of the East) نالي '''هئري وليمس''' جو لکيل آهي. ان ۾ هن ڄاڻايو آهي تي اهو ٽپروبين نالي '''پالي زبان''' (جيڪا آرين ويدن جي ٻولي هُئي ۽ اڳتي هلي ٻڌُ ڌرم جي پوتر زبان ٿي) مطابق '''تامباوانا''' (معنا ٽامي جي رنگ جهڙو) آهي. اهو نالو شايد سريلنڪا جي ڳاڙهسري ڌرتيءَ ڏي اشارو آهي، جتي راجا وجيہ سان گڏ ٻيا بہ آريا عيسوي سن کان پنج سؤ سال اڳ پهتا هُئا. سندن پهريون گاديءَ جو هنڌُ '''تمبا پاني''' نالي شهر هو ــ جنهن پُٺيان ٻيٽ جو نالو مشهور ٿيو.
رچرڊ برٽن جي خيال موجب سلون جو لفظ '''سيهالا''' سنسڪرت مان نہ پر پالي زبان مان ورتل آهي، جنهن جي معنى ’جواهرن جي جڳھ‘ آهي. ’سنهالا‘ يا ’سيهالا‘ اڳتي هلي ’سينديوا‘ ۽ ’سلانديوا‘ ٿيندو عربن جي زبان مطابق ’سرنديپ‘ سڏجڻ لڳو ۽ ان کي ڪرونڍڙو ڪري پورچوگيزن ’سيلائو‘ سڏيو. زيئلان (Zeilan) يا (Ceilan) ڊچن سڏيو ۽ ان کانپوءِ انگريزن سيلان (Ceylon) نالو رکيو، جيڪو اڃا تائين هلندو اچي ۽ اسان وٽ سنڌ ۽ هند ۾ سلون ٿو سڏجي. سندس پراڻو سنسڪرتي نالو ’لنڪا‘ (معنى چمڪندڙ) وري ويجھڙائيءَ ۾ رکيو ويو آهي. ڇو ته سيلان انگريزن جو نالو رکيل آهي. ان مان شايد غلاميءَ جو تاثر ملي ٿو، ان ڪري ان جو جھونو نالو سريلنڪا رکيو ويو آهي.

== تاريخ ==

پُراڻي زماني کان سريلنڪا (سلون) سونهن، ساوڪ ۽ پيار جي علامت پئي رهيو آهي. نه رڳو ننڍي کنڊ جي شاعرن ۽ اديبن ان جو ذڪر ڪيو آهي پر يورپي شاعرن ملٽن کان اووڊ تائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سريلنڪا (سلون) هڪ ڏورانهين سحر انگيز ۽ موهيندڙ ملڪ جي حيثيت ۾ لکيو آهي. '''انجيل مقدس''' (Holy Bible) ۾ '''طارشش''' نالي هڪ شهر جو ذڪر ٿيل آهي, جتان حضرت سُليمان جا جهاز ٽن سالن ۾ هڪ دفعو ”چاندي عاج، ڀولڙا ۽ مور کڻي ايندا هُئا“.
ريڊيو سريلنڪا جيڏي طاقتور ۽ مشهور اسٽيشن آهي ان جي مقابلي ۾ عمارت ننڍي اٿس. ريڊيو سلون جي ڪهاڻي به عجيب آهي. هڪ سلوني صحافي وٽاچي تارازي جي لکيل ڪتاب (The Brown Sahib) موجب، ٻي جنگ عظيم کان اڳ ريڊيو سلون تمام ننڍي ريڊيو اسٽيشن هُئي جا سلون ۾ به مس ٻُڌڻ ۾ ايندي هُئي، پوءِ لارڊ مائونٽ بيٽن ڏکڻ اوڀر جي ملڪن سان ريڊيو ذريعي بين الاقوامي رابطو قائم رکڻ لاءِ هڪ طاقتور ريڊيو اسٽيشن تيار ڪرائي ۽ 1947ع ۾ ننڍو کنڊ ڇڏڻ وقت انگريزن سلونين کي سستي اگھه تي وڪڻڻ چاهي ٿي. تن ڏينهن ۾ سلون جي گورنر جنرل سر اوليور کي خبر پئجي وئي ته انگريزن کي اها اتي ئي ڇڏڻي پوندي جو ان کي پٽرائي واپس انگلنڊ کڻي وڃڻ تي کين ان جي قيمت کان ٻيڻو خرچ ڪرڻو پوندو. سو انگريزن جي اها سستي آڇ بہ قبول نہ ڪيائين.“ ائين اها اسٽيشن مفت ۾ سريلنڪا کي ملي وئي. سريلنڪا جي حڪومت ان طاقتور ٽرانسميٽر کي واپاري لائين تي هلائڻ شروع ڪيو ۽ اڄُ ڏينهن تائين هلندي اچي پئي.

== سريلنڪا جا ماڻهو ==

سلون آدم ڳڻپ جي حساب کان هندستان کان به وڌيڪ ڳُتيل آهي. سلون ۾ ستر سيڪڙو ماڻهو سنهالي آهن، جيڪي پراڻي زماني مان اتر هندستان کان آيا هُئا. انهن جي سنهالي زبان سنسڪرت مان نڪتل آهي. تامل زبان ڳالهائيندڙ دير سان هندستان کان لڏي هتي آيا. سنهالين مان ڪي تامل ڳالهائيندڙن سان سڱا بندي ڪري ملي ويا آهن. پر ڪئنڊين (Kandyen) سنهالي پنهنجي انفراديت قائم رکندا اچن ۽ تامل ۽ يورپين جي هن ٻيٽ تي اچڻ وقت مقابلو هو. سنهالي گھڻو ڪري سڀُ ٻُڌ (هنيانا ٻُڌ) آهن ۽ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪرسچن پڻ آهن. سنهالي ماڻهن جو مٿو وڏو ۽ ويڪرو، چپ مڙيئي ٿلها ٿين، طبيعت جا سادا، سٻاجھا، دوست مزاج، ماٺيڻا ۽ صلح پسند آهن. جيتوڻيڪ ڪاوڙ جا به تکا آهن. سندن وار ڪارا ۽ ٿورا گھنڊيدار، اکيون ڪاريون ۽ نڪُ سوڙهو ۽ ڊگھو آهي. سندن رنگُ مشڪي آهي. ڪي ڪڻڪ رنگا به آهن. سندن نالن جي آخر ۾ ’اي‘ ۽ ’آ‘ جا اُچار اچن. جيئن ته بندرانائڪي، سينانائڪي، هولو گالي، جاياماني، واراڌانا وغيره. ڪن ڪن سنهالين جا پورچوگالي ذاتين وارا نالا پاڻ آهن. مثلاً ڊي سلوا، پريرا ۽ فرنانڊو.

== حوالا ==
{{حوالا|2}}

[[زمرو:ايشيا ۾ ملڪ]]
[[زمرو:دولت مشترڪه جون رڪن قومون]]
[[زمرو:سريلنڪا]]
١٣٬٨٧٣

سنوارون