تاجل بيوس: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: غير موجود <references /> ٽيگ جو اضافو
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+ترتيب+صفائي (14.9 core): + 9 زمرو
سِٽَ 1:
سنڌي ٻوليءَ جي شاعر، اديب، ۽ نقاد، '''تاجل بيوس''' جو اصل نالو '''تاج محمد ولد محمد جعفر سمو''' هو. ھو 22 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ درگاھ پير حيات شاھ، [[سوڀو ديرو تعلقو|تعلقي سوڀي ديري]]، [[خيرپور ضلعو|ضلعي خيرپورميرس]] ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم نورپور ۽ ڀونڀٽ پور اسڪولن مان حاصل ڪيائين، جڏهن تہ ثانوي تعليم گنبٽ هاءِ اسڪول مان ۽ گرئجوئيشن [[سنڌ يونيورسٽي]] ڄام شوري مان ڪيائين. بعد ۾، ايم. اي (اقتصاديات)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ کان پوءِ [[جپان]]، [[ٿائيلينڊ]] ۽ [[آمريڪا]] مان مختلف ڪورس ڪري آيو. تاجل بيوس 1960ع ۾ انگريزي استاد طور ملازمت جي شروعات ڪئي، بعد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن/ڪمپنين ۾ انويسٽيگيٽر، ريسرچ آفيسر، اسسٽنٽ چيف، ڊپٽي چيف، چيف ۽ رجسٽرار جي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. مرڪزي حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ڪارپوريٽ لا اٿارٽيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. ان بعد [[شاهه عبداللطيف يونيورسٽي|شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور]] ۾ ڪجھ عرصي لاءِ وائيس چانسلر جو صلاحڪار پڻ رهيو. تاجل بيوس ڪجھ عرصو [[سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]] جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر بہ رهي چڪو آهي. تاجل بيوس شاعريءَ سان گڏوگڏ ڪهاڻيون، ڪالم ۽ مضمون بہ لکيا. سندس هفتيوار ڪالم ”عوامي آواز“ سميت مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. شاعري ([[سنڌي ٻولي]]/[[اردو]])، سفرنامن، آتم ڪٿا ۽ مختلف موضوعن تي سندس 44 ڪتاب لکيل آهن، جن مان ڪجھ اهم ڇپيل ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
# ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ (شاعري: 1982ع)،
# ”انبن جهليو ٻُور“ (شاعري: 1983ع)،
# ”سرجيندڙ ساڻيھ جا“ (شاعري:1985ع)،
# ”سنڌ منهنجي امان“ (شاعري:1989ع)،
# ”ڪاڇي مٿان ڪونج“ (نثري نظم:1990)،
# ”ڪنڌيءَ ڪنئور ترن“ (شاعري:1991ع)،
# ”ڏور بہ اوڏا سپرين“ (ڀارت جو سفرنامو:1992ع)،
# ”ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا“ (شاعريءَ: 1992ع)،
# ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ (9 شعري مجموعا گڏ)،
# تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سئو غزل:1996ع)،
# ”آريجن کان الهاس نگر“ (هند سنڌ جي اديبن جا خط)،
# ”چپ انجيل جي حاشين جهڙا“ (هڪ سئو غزل: 2003ع)،
# ”تاجل جو رسالو“ (شاعري 2006ع)،
# ”انداز بيان اور“ (اردو شاعري)،
# ”گلابون ڪي موسم“ (اردو شاعري).
 
تاجل بيوس جي مشهور ڪلام ”سنڌ منهنجي امان، سُونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکِي، ڇا لِکان“ [[سنڌ]] توڙي [[ڀارت|هند]] ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. هند ۾ ان کي ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي تراني ”آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي“ وانگر اهميت حاصل آهي. تاجل بيوس کي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترا مڃتا اوارڊ مليا. سنڌ جي هن شاعر، دماغي نس ڦاٽڻ (برين هيمريج) سبب 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھ [[چوڪنڊي قبرستان]]، [[ڪراچي|ڪراچيءَ]] ۾ آهي.<ref>[http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=تاجل%D8%AA%D8%A7%D8%AC%D9%84%20%D8%A8%D9%8A%D9%88%D8%B320بيوس تاجل بيوس] [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]] (جي ويب-سرزمين)، [[سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو]]، حيدرآباد، سنڌ.</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالو}}
 
{{سنڌي قوم پرستي}}
{{حوالا}}
 
 
[[زمرو:1938ع جون پيدائشون]]
[[زمرو:2008ع جون وفاتون]]
[[زمرو:اردو شاعر]]
[[زمرو:پاڪستاني اردو شاعر]]
[[زمرو:پاڪستاني شاعر]]
[[زمرو:پاڪستاني ليکڪ]]
[[زمرو:سنڌي شاعر]]
[[زمرو:سنڌي ماڻھو]]
[[زمرو:سنڌي مصنف]]
[[زمرو:ضلعو خيرپور جا ماڻھو]]
[[زمرو:ويهين صدي جا شاعر]]