صحت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:ذاتي زندگي
سِٽَ 1:
'''صحت '''مان مراد جسم جي اها ڪيفيت آهي جيڪا معمول جي مطابق هجي يا [[جسم|جسماني]] ۽ ذهني تندرستي. هي لفظ عام طور تي جسماني ڪيفيت جي لاء به استعمال ڪيو ويندو آهي.
 
== انساني صحت بابت ٽيسٽون ==
=== CBC ڪمپلیٽ بلڊ ڪائونٽ ===
هي رت ۾ موجود مختلف خلين يعني ريڊ بلڊ سيلز وائٽ بلڊ سيلز ۽ ٻن وائٽ بلڊ سيلز جا سڀ قسم ۽ پليليٽس جي تعداد ۽ رت ۾ موجود هيموگلوبن جي مقدار ٻڌائيندو آهي جيڪڏھن اوهان جي رت ۾ هيموگلوبن جي گهٽتائي ھجي يعني اينميا جو شڪار آهيو جنھن کي عام طور تي رت جي گهٽتائي چئبو آهي يا جسم ۾ ڪو انفيڪشن يا الرجڪ پروسيس هلي رهيو آهي تہ ان ٽيسٽ سان خبر پوندي آهي.
 
=== LFTs لیور فنڪشن ٽیسٽ ===
 
هي جگر جي ٽيسٽ آهي جنھن ۾ جگر جي نارمل ڪم ڪرڻ جي صلاحيت کي چيڪ ڪرڻ جي لاءِ رت ۾ بلريوبن ۽ ڪجھ اينزائمز کي جانچيو ويندو آهي. بلريوبن هڪ مادو آهي جيڪو اسان جي ڳاڙهن خلين جي ٽٽڻ سان ٺھندو آهي ۽ جگر ان کي جسم مان صاف ڪرڻ جي لاءِ ٻين ڪجھ مادن سان گڏ جوڙي ويندو آهي ۽ پوءِ هي جسم مان خارج ٿي ويندو آهي. جيڪڏھن جگر جي نارمل فنڪشن ۾ ڪا خرابي ٿي تہ بلريوبن جي مقدار رت ۾ هڪ مخصوص ويليو کان وڌي ويندي آهي.
 
=== RFTs رینل فنڪشنل ٽيسٽ ===
 
هي گڙدن جي جاچ جي ٽيسٽ آهي. ان ۾ رت ۾ موجود يوريا ۽ ڪريٽينن کي جانچيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن انھن جي مقدار هڪ مخصوص حد کان وڌيڪ هجي تہ گڙدن جي خرابي کي ظاهر ڪندو آهي.
 
=== Lipid profile Test ===
 
هي جسم ۾ موجود مختلف طرح جي لپڊز جي جانچ ڪندو آهي يعني ڪوليسٽرول، هائي ڊينسٽي لائيپو پروٽين ۽ لو ڊينسٽي لائيپو پروٽين. جن ماڻھن جي فيملي ۾ مستقبل ۾ دل جو مرض هجي تہ انھن کي خاص طور تي مرد کي هي ٽيسٽ سال ۾ هڪ دفعو ضرور ڪرائڻ گھرجي لپڊ ليول ۾ جيڪڏهن ٿوري گھڻي خرابي هجي تہ اوھان شروعاتي ليول تي ان جي جاچ ڪري پنھنجي خوارڪ ۾ تبديلي ۽ ورزش کي روٽين جو حصو بنائي ڪري دل جي خطرناڪ مرضن کان محفوظ رهي سگھو ٿا. مردن ۾ دل جي مرض جو ريشو وڌيڪ هجي ٿو. ان لاءِ سڀني ماڻھن کي ويھ سال جي عمر کانپوءِ هي ٽيسٽ ضرور ڪرائڻ گھرجي ۽ جن جي پيءُ ماءُ کي دل جو مرض آهي تہ اُهو سالانو هي ٽيسٽ ضرور ڪرائي.
 
=== BSL بلڊ شوگر لیول ===
 
هي ٽيسٽ رت ۾ موجود گلوڪوز جي مقدار ٻڌايندو آهي. جيڪڏھن اوهان جي فيملي کي مستقبل ۾ ڊايا بٽيز شوگر جي بيماري آهي تہ سالانو پنھنجو ٽيسٽ ضرور ڪرائيو.
 
=== Stool test ===
 
ترقي یافتہ ملڪن ۾ هر ڇھ مھيني کانپوءِ سڪريننگ ٽيسٽ مان هي بہ ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي. ڪولون ۽ ريڪٽم جا مختلف مرض خصوصن ڪينسر کي جلدي پڪڙڻ جي لاءِ هي ٽيسٽ بنيادي اھميت جو ڪارڻ آهي. ھن ٽيسٽ ۾ سٽول سيمپل جي مائيڪروسڪوپڪ جاچ ڪئي ويندي آهي ان ۾ رت پس يا ڪو ٻيو ايبنارمل مادو تہ موجود نہ آهي چيڪ ڪيو ويندو آهي.
 
=== Urine complete examination ===
 
ان ٽيسٽ ۾ يورين جي مڪمل مائيڪروسڪوپڪ جاچ ڪئي ويندي آهي تہ ان ۾ بيڪٽيريا،رت پس يا ڪرسٽل وغيره تہ موجود ناهن. هي ٽيسٽ يورينري ٽريڪٽ جي بيمارين جي جاچ جي لاءِ ضروري آهي.
 
== صحت جي سهولتن جي کوٽ ==
پاڪستان ۾ ٽين دنيا جي ٻين پٺتي پيل ملڪن وانگر صحت جي سھولتن تائين پهچ هڪ بنيادي مسئلو آهي ۽ اهو مسئلو معاشري ۾ موجود سماجي، معاشي ۽ سياسي جوڙجڪ سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۾ رٿابندي جي ماهرن ۽ آپيشاهي پاران ٺاهيل صحت پاليسي ناڪام ترين پاليسي آهي ۽ پاڪستان جا شهري صحت جي بنيادي سھولتن کان وانجهيل آهي.
 
پٺتي پيل ملڪن ۾ گهڻي ڀاڱي اهي بيماريون وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جيڪي گند، صفائي جي نه هئڻ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي نه ملڻ جي صورت ۾ پکڙجن ٿيون. مثال طور، دستن جون بيماريون، ارڙي، ڪالرا، پيچش، آنڊي جون بيماريون ۽ پوليو وغيره. انھن علائقن ۾ گهڻو ٿئي ٿو جتي صاف پاڻي جو انتظام نه آهي اتي بيمارين پکڙجڻ جا امڪان گهڻا آهن. پاڪستان ۾ هٿ آيل انگن اکرن موجب پهرئين نمبر تي پيٽ جون بيماريون ۽ ٻئي نمبر تي هوا وسيلي ڦھلجندڙ بيماريون ٽي.بي، فلو، ارڙي، مليريا وغيره عام جام آهن.
 
انھن بيمارين جا مختلف قسم ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي پٺتي پيل ملڪن جي عوام جا قاتل آهن. اهي مرض غريبن جا مرض آهن ۽ انهن جو وڏو سبب غربت آهي. ڇاڪاڻ ته پيئڻ جي صاف پاڻي نه هجڻ، گندي پاڻي جي نيڪال جو انتظام نه هجڻ، غير معياري ۽ گهٽ خوراڪ جو هجڻ انهن غريب ملڪن جو هڪ عام مسئلو آهي. ان کانسواءِ تعليم جي کوٽ ڪارڻ ماڻهن کي صحت ۽ صفائي بابت بنيادي ڄاڻ به نٿي حاصل ٿئي، جنھن ڪري انهن بيمارين جو وڏو انگ غريبن سان گڏ رهي ٿو. غريب ماڻهو غير معياري خوراڪ ۽ پيئڻ جو غليظ پاڻي پنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان نٿا واپرائن، پر انهن کي سندن گهٽ اجرتن ۽ غربت جي سزا ملي ٿي.
 
وسندين ۾ گند ڪچري جا ڍير، مکيون، مڇر، جانور ۽ انسان هڪ ئي هنڌ گذارين ٿا ۽ شهري خدمت جا ادارا، بلدياتي ادارا ۽ پبلڪ هيلٿ جھڙا کاتا رڳو پنهنجي فنڊن ۽ ڪميشنن کائڻ جي پويان آهن، جنھن سبب مٿي ذڪر ڪيل بيماريون پنھنجو ڄار پکيڙي رهيون آهن، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي فراهمي، ڪني پاڻي ۽ گندگي جي نيڪال جي انتظام کان وڌيڪ ڪوبه قدم انهن مسئلن کي حل ڪري نٿو سگهي.
 
ٻئي طرف ٻهراڙين ۾ به صورتحال ڪا چڱي ڪونه آهي. حڪومت جا ٺهرايل بنيادي صحت جا مرڪز ۽ يونٽ ويران آهن. انهن يونٽن ۽ مرڪزن ۾ مقرر ڪيل ڊاڪٽر ڊيپوٽيشن تي شهرن جي اسپتالن ۾، يا وري هفتيوار حاضري لڳائڻ ۽ پگهار کري ڪرڻ لاءِ ويندا آهن. دوائون ميڊيڪل اسٽورن تي کپايون وينديون آهن ۽ عام طور تي ڪمپائونڊر ۽ ڊسپينسر انهن مرڪزن ۽ يونٽن ۾ ايندڙ مريضن تي پنهنجي قابليت جا تجربا ڪندا رهندا آهن.
 
پاڪستان ۾ شهري آبادي جي 21 سيڪڙي حصي کي ۽ ٻهراڙين جي رڳو 4 چار سيڪڙي حصي کي صحت ۽ صفائي جون بنيادي سهوليتون حاصل آهن، جڏهن ته شهري آبادي جي 53.8 سيڪڙو آبادي ۽ ٻهراڙين جي 17 سيڪڙو آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي مليل آهي.
سِٽَ 46:
انـهـيءَ ذهـنـي صــلاحـيـتـن جــي لــڏپـلاڻ واري عمل کي برين ڊرين (Brain Drain) جو نالو ڏنو ويو آهي. بين الاقوامي سطح تي ڊاڪٽرن ۽ ٻين ذهني صلاحيتن رکندڙ فردن جي لڏپلاڻ جو سوال ان لاءِ اهميت رکي ٿو ته ان سان ڪنھن خاص نظام ۽ انهيءَ سماجي ۽ معاشي جوڙجڪ واري صورتحال جي خبر پوي ٿي، جنھن جي سرحدن ۾ اهو نظام سرگرم عمل آهي. جيئن ٽين دنيا جي ملڪن جو سياسي، سماجي ۽ معاشي ڍانچو ان پوزيشن ۾ نه آهي جو بين الاقوامي طور تي ذهني صلاحيتن جي لڏپلاڻ واري عمل کي روڪي سگهي. اهو رڳو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن انهن ملڪن جي سماجي ۽ معاشي سسٽم ۾ ڪا بنيادي تبديلي اچي ۽ ملڪ کان ٻاهر موجود سهوليتون ملڪ اندر ئي ميسر ٿين. تعليم ۽ تربيت جي لاڳو غلط سسٽم سبب ڊاڪٽرن ۾ شهرن جي اسپتالن ۽ نجي پريڪٽس ڪرڻ جي خواهش عام طور تي ٻهراڙين جي طبي مرڪزن جي ويراني ۽ وڌندڙ بيمارين کي جنم ڏئي ٿي.
 
1978ع ڌاري صحت جي عالمي اداري پاران ”الماتا ڪانفرنس“ ۾ سن 2000ع تائين دنيا جي سمورن ماڻهن کي صحت جي سمورين سهوليتن فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هيو، جنھن تحت نه رڳو علاج پر احتياطي تدبيرون، صفائي سٿرائي ۽ اڳواٽ علاج جون سهوليتون پڻ ڏنيون وڃن ها. انهيءَ تصور کي پرائمري هيلٿ ڪيئر (P.H.C) جو نالو ڏنو ويو هيو. پي.ايڇ.سي جو تصور رڳو طبي صحت نه بلڪ سماجي ۽ معاشرتي مسئلن سان پڻ لاڳاپيل آهي.
 
گذريل ورهين ۾ دوائن ٺاهڻ جي ڪمپنين پنهنجي مختلف دوائن جون قيمتون وڌايون آهن ۽ حڪومت طرفان به انهن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي. طبي ماهرن موجب پاڪستان ۾ بيمارين جا جيترا به قسم آهن، انهن جي علاج لاءِ 728 بنيادي دوائن جي ضرورت آهي. پر مارڪيٽ ۾ هن وقت ساڍا چار هزار دوائون مختلف نالن سان موجود آهن، جن مان وري ڪي اهڙيون آهن جن تي يورپ ۽ آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ بندش پيل آهي. ڇاڪاڻ ته انهن دوائن سبب ٻيون ڪيتريون ئي موتمار بيماريون جنم وٺن ٿيون. هن وقت پاڪستان ۾ دوائن ٺاهڻ جي صنعت جو 95 سيڪڙو حصو عالمي هڪ هٽين يعني ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن جي هٿ ۾ آهي. انهن ڪمپنين جو ڄار پوري دنيا ۾ پکڙيل آهي. اهي ڪمپنيون خام مال هڪ ملڪ ۾ ٺاهين ٿيون، مصنوعات ٻئي ملڪ ۾ ٺاهين ٿيون، پيڪنگ ٽئين ملڪ ۾ ڪن ٿيون ته وري مارڪيٽنگ چوٿين ملڪ ۾ ڪن ٿيون، هن وقت پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ دوائن مان پيڪنگ جو 68 سيڪڙو ۽ خام مال جو 86 سيڪڙو ٻاهران گهرايو وڃي ٿو، جنهن تي قيمتي ٻاهريون ناڻو خرچ ٿئي ٿو. ٻئي طرف حڪومت ان سلسلي ۾ دوائن جي صنعت ۾ ملڪ کي خود ڪفيل بنائڻ ۽ واضح پاليسين ٺاهڻ جي بدران غير ملڪي مفادن هيٺ حڪمت عمليون جوڙي رهي آهي. جڏهن ته دوا سازي جي صنعت ۾ ڪم ايندڙ خام مال پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ ان کي ڪم آڻي سگهجي ٿو.
 
بنيادي طور تي عوام کي صحت جي سهوليتن جي فراهمي جو مسئلو سياسي مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته نوڪر شاهي ۽ اشرافيا، صحت جي شعبي ۾ پنهنجون پاليسيون رڳو معاشري جي هڪ حصي جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ جوڙي رهيا آهن. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=383#19578 سياست، سماج ۽ آزادي (خالد چانڊيو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=383#19578 سياست، سماج ۽ آزادي (خالد چانڊيو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
[[زمرو:صحت|صحت]]
[[زمرو:پاڪستان]]
[[زمرو:ذاتي زندگي]]