آرڪائيوز: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: خودڪار طور تي متن جي تبديلي (-File: +فائل:)
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+صفائي (14.9 core): + زمرو:دستاويز
 
سِٽَ 1:
[[فائل:Archiv-Bild2.jpg|thumb]]
آرڪائيوز<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%B1%DA%AA%D8%A7%D8%A6%D9%8A%D9%88%D8%B2آرڪائيوز</ref> يوناني ٻوليءَ جي لفظ (Archeion) مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ انسائيڪلوپيڊيا آف لائبرري ۽ انفارميشن سائنس ۾ هن طرح بيان ڪئي وئي آهي:
Archives defined as the records of any institution, public or private, preserved because of their value.
]ڪنهن سرڪاري يا غير سرڪاري اداري جو رڪارڊ، جنهن کي ان جي اهميت سبب محفوظ ڪيو ويو هجي.[
آرڪائيوز انهن دستاويزن کي چئبو آهي، جن جي تاريخي ۽ تحقيقي حيثيت هجي ۽ انهن کي سرڪاري دستاويزي مرڪزن يا محڪمن، قومي يا صوبائي دستاويزي ادارن يا تحقيقي ڪتبخانن ۾ منتقل ڪيو ويو هجي ۽ هڪ خاص مدي گذرڻ بعد عوام کي تحقيق ڪرڻ جي لاءِ فراهم ڪيا وڃن يا انهن کي ڇپرائي عوام تائين پهچايو وڃي، جيئن هو انهن مان فائدو حاصل ڪري سگھن؛ يا ڪو منظم ادارو، سرڪاري يا خانگي ادارن مان حاصل ڪيل تاريخي رڪارڊ کي خاص طرح سان منظم انداز ۾ تشريح ۽ ترتيب سان رکي ۽ پڙهندڙن کي مطالعي لاءِ ڏئي. انگريز ماهر سر هلاري جنڪنسن (Sir Hilary Jinkinsion) جنهن کي انگريزي آرڪائيوز جو ابو پڻ چيو ويندو آهي، آرڪائيوز جي وصف هن طرح بيان ڪئي آهي:<br />
”روزاني وهنوار هلائڻ دوران انتظاميا يا ڪاروبار هلائيندڙ ڪاموري (سرڪاري يا خانگي) جي انتظامي ڪمن ڪارين سبب وجود ۾ آيل دستاويز، جيڪي استعمال ڪرڻ لاءِ محفوظ ڪيا وڃن، يعني اهي ڪاغذ/دستاويز جيڪي روزاني ڪم ڪار سبب وجود ۾ اچن ۽ پوءِ حوالي طور يا تحقيق ڪرڻ لاءِ حفاظت سان رکيا وڃن، جيئن انهن مان ضرورت پوڻ تي معلومات حاصل ڪري سگهجي؛ يا اهڙو مواد جيڪو عوامي هجي يا ڪنهن جو ذاتي هجي يا ابن ڏاڏن کان حاصل ڪيل هجي، ان کي آرڪائيوز چئجي ٿو.“<br />
== آرڪائيوز ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ ==
هر قوم پنهنجي مستقبل جي تعمير پنهنجي ماضيءَ جي واقعن ۽ تجربن جي روشنيءَ ۾ ڪندي آهي. آرڪائيوز جيڪي عام طرح تحرير جي شڪل ۾ هوندا آهن. ڪنهن ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، ڪنهن قوم جي عروج ۽ زوال، ڪنهن تهذيب جي ارتقا، ڪنهن معاشري جي ثقافت، طرز زندگي ۽ لاهن چاڙهن جي عڪاسي ڪندا آهن.
== آرڪائيوز جي اهميت ==
اڄ جي دنيا ۾ آرڪائيوز جي اهميت کان سڀئي مهذب ۽ ترقي يافته قومون بخوبي واقف آهن ۽ پنهنجي اهم تحريرن ۽ دستاويزن کي محفوظ ڪنديون رهنديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي تحريرون نظرين، تصورن، تجربن ۽ ڪارنامن جو ثبوت آهن، جن جي ذريعي ماضيءَ جو مڪمل -جائزو- حاصل ڪري سگھجي ٿو.
* شهادتي اهميت
سِٽَ 21:
*تاريخي اهميت
آرڪائيوز جنم ڏيندڙ اداري، ملڪ يا فرد جي مڪمل تاريخ فراهم ڪن ٿا.
== آرڪائيوز جا گروپ ==
عام طور آرڪائيوز کي ٽن خاص گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، اهي گروپ آرڪائيوز ۽ انهن کي محفوظ ڪندڙ ادارن جي دائري متعلق معلومات فراهم ڪن ٿا ۽ انهن گروپن جي روشنيءَ ۾ انهن ادارن ۾ موجود [[آرڪائيوز]] جي قسم ۽ واسطيداريءَ متعلق معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي، اهي گروپ هي آهن:
*[[سرڪاري آرڪائيوز]]
سِٽَ 31:
 
"آرڪائيوز (Archives): يوناني ٻوليءَ جي لفظ Archeion مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪنهن سرڪاري يا غير سرڪاري اداري جو رڪارڊ، جنهن کي ان جي اهميت سبب محفوظ ڪيو ويو هجي.’آرڪائيوز‘ انهن دستاويزن کي چئبو آهي، جن جي تاريخي ۽ تحقيقي حيثيت هجي ۽ انهن کي دستاويزي مرڪزن يا محڪمن، قومي يا صوبائي دستاويزي ادارن يا تحقيقي ڪتبخانن ۾ منتقل ڪيو ويو هجي ۽ هڪ خاص مدي گذرڻ بعد تحقيق ڪندڙن کي فراهم ڪيو وڃي يا انهن کي ڇپرائي عام ڪيو وڃي، جيئن ماڻهو انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهن. سنڌ ۾ اطلاعات کاتي جي هٿ هيٺ آرڪائيوز جي ڊائريڪٽوريٽ قائم آهي، جنهن جي آفيس ڪلفٽن ڪراچيءَ ۾ واقع آهي. هتي خاص ڪري برطانوي دؤر سان وابسته ڪتاب، فائيل، خط ۽ ٻيو مواد محفوظ آهي. اسلام آباد ۾ پڻ سينٽرل آرڪائيوز جي آفيس ۽ لائبرري موجود آهي. "<ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
 
 
{{حوالا}}
[[زمرو:دستاويز]]
[[زمرو:ڄاڻ]]