اردن: جي ورجائن ۾ تفاوت

١٦ بائيٽون واڌ ،  ٢ سال پهرين
م
خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+صفائي (14.9 core): + زمرو:ايشيا ۾ ملڪ
م (Bot: Automated text replacement (-File: +فائل:))
م (خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+صفائي (14.9 core): + زمرو:ايشيا ۾ ملڪ)
 
| image_map2 = Jordan - Location Map (2013) - JOR - UNOCHA.svg
| capital = [[امان]]
| coordinates = {{Coor }}
| largest_city = امان
| religion = {{unbulleted list |95% [[اسلام]] [[عيسائيت]] |1% [[ دروز]] ۽ [[بھائي]]}}
| official_languages = [[عربي]]
| ethnic_groups = {{unbulleted list |98% [[عرب]] |1% [[سرڪاسيائي]] |1% [[ آرمينيائي]]}}
| اردني__demony = Jordanian
| government_type = {{nowrap|[[يونيٽري پارليامينٽري ]]<br />[[آئيني بادشاهت]]}}
| leader_title1 = [[شاھي سربراھ جو نالو]]
| leader_name1 = [[عبداللہ ٻيون]]
| population_density_sq_mi = 276
| population_density_rank = 100th
| GDP_PPP = $86.193 billion<ref name=imf2>{{cite web |url=http://www.imf.org/external/pubs/ft/weo/2016/02/weodata/weorept.aspx?pr.x=32&pr.y=11&sy=2016&ey=2019&scsm=1&ssd=1&sort=country&ds=.&br=1&c=439&s=NGDPD%2CNGDPDPC%2CPPPGDP%2CPPPPC%2CLP,NGDPDPC,PPPGDP,PPPPC,LP&grp=0&a=|title=Jordan |publisher=International Monetary Fund}}</ref>
| GDP_PPP_year = 2016
| GDP_PPP_rank = 87th
| cctld = [[.jo]]<br/>{{rtl-lang|ar|[[.الاردن]]}}
| area_magnitude =
| official_website = [https://jordan.gov.jo/wps/portal/%5c\?lang=en#/ jordan.gov.jo]
}}
 
 
'''اردن''' ايشيا جو اسلامي [[ملڪ]] آهي، جيڪو وچ اوڀر ۾ واقع آهي.
 
== تعارف ==
هن ملڪ جو سرڪاري نالو ”اللمملڪة العربية الاردنية الهاشمية“ آهي. اردن جي اتر ۾ شام، اتر اوڀر ۾ [[عراق]]، اوڀر ڏکڻ ۾ [[سعودي عرب]]، اولهه ۾ اسرائيل جهڙا ملڪ آهن. اردن جي پکيڙ 37297 چورس ميل، يعني 97740 چورس ڪلوميٽر آهي. اردن جي انهيءَ ايراضيءَ ۾ اُهو حصو به شامل آهي، جيڪو 1947ع واريءَ جنگ دوران اسرائيل پنهنجي قبضي ۾ آندو هو. اردن جي 2007ع جي آدم ڳڻپ موجب اردن جي آبادي 5967000 ماڻهون آهن. اردن جي گاديءَ واري هنڌ جو نالو ’عمان‘ آهي. اردن ۾ عربي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي ۽ هتي جي سڪي جو نالو ’اردني دينار‘ آهي. هتي 94 سيڪڙو مسلمانن جي آبادي آهي، جڏهن ته 4 سيڪڙو عيسائي ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا. اردن کي انگريزيءَ ۾ ”جارڊن“ چئبو آهي. اردن جو سڪو دينار آهي، جنهن ۾ هڪ هزار فلس هوندا آهن. اردن جا اهم شهر عمان، اقبال، زرقا، اربيد ۽ ڪارڪ آهن. اهم زراعت ۽ ميوا، ڪڻڪ، جَوَ، پٽاٽا، بصر، ڪيلا، زيتون ۽ انگور آهن.
[[فائل:Coat of arms of Jordan.svg|thumb|اردن جي سرڪاري مهر]]
 
== تاريخ ==
اردن گهڻو وقت اڳ يوناني ۽ رومي بادشاهتن جو حصو رهيو هو. ستين صدي عيسويءَ ۾ عربن اردن تي قبضو ڪيو. سورهين صدي عيسويءَ کان پهرين مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ تائين -اردن-، سلطنت عثمانيه جو حصو رهيو هو، پر سلطنت عثمانيه جي ٽٽڻ کان پوءِ اردن ترڪيءَ جي قبضي کان آزاد ٿيو. اقوام متحده پاران ”مينڊيٽ سسٽم“ جوڙيو ويو، جنهن جو مقصد آزاديءَ جي لائق ملڪن جي مدد ڪرڻ هو، ان ڪري 1922ع ۾ اردن برطانيه جي هٿ هيٺ ڏنو ويو. برطانيه سڀ اصول ٽوڙي، اردن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو ۽ 24 سالن تائين پنهنجي مرضي هلائي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ 1946ع ۾ اردن آزاد ٿيو. اردن جو پهريون سربراھ امير عبدالله بڻيو. 1948ع ۾ برطانيا، آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن اسرائيل نالي نئون ملڪ قائم ڪيو ۽ اڳتي هلي اردن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگيون شروع ٿيون. اردن جي ڪجھ علائقن تي قبضو ڪيو ويو. 1951ع ۾ امير عبدالله کي يروشلم ۾ قتل ڪيو ويو ۽ سندس پٽ طلال تخت نشين ٿيو، ان کانپوءِ 1952ع ۾ سندس پٽ شاھ حسين تخت تي ويٺو، 1955ع ۾ اردن گڏيل قومن جو ميمبر بڻيو. 1967ع ۾ عرب اسرائيل جنگ لڳي. اسرائيل يروشلم سميت الهندي ايراضيءَ تي قبضو ڪري ورتو. 26 آڪٽوبر 1994ع تي اردن ۽ اسرائيل ۾ ٺاهه ٿيو، جنهن ۾ 50 سالن کان هلندڙ دشمنيءَ جو خاتمو آيو. 1999ع کان شاھ حسين جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شاھ عبدالله تخت تي ويٺو. اردن جو 12 سيڪڙو حصو زراعت جي لائق آهي. باقي حصو ويران آهي. هتي ميوو ۽ سائي ڀاڄي چڱي مقدار ۾ ٿئي ٿي. اردن مان فاسفيٽ ۽ پوٽاش جهجهي انداز ۾ نڪرن ٿا.<ref>encyclopediasindhiana.org</ref><ref>[https://en.wikipedia.org/wiki/Jordan Jordan - Wikipedia<!-- Bot generated title -->]</ref>
{{-}}
{{حوالا}}
 
[[زمرو:ايشيا ۾ ملڪ]]
[[زمرو:ملڪ]]
١٤٬٤٧٨

سنوارون