شاھ عبداللطيف ڀٽائي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: خودڪار طور تي متن جي تبديلي (-File: +فائل:)
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:سنڌ جي تاريخ
سِٽَ 13:
|death_date = 1 جنوري 1752 (عمر 63 سال)
|death_place = [[شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار]]، [[ڀٽ شاھ]]، سنڌ
| influences = [[جلال الدين محمد رومي]]
[[فريد الدين عطار|عطار]]
[[سعدي (شاعر)|شيخ سعدي]]
[[ڪبير]]
[[شاهه حسين]]
| tradition = [[شاعري]]
| influenced = [[سچل سرمست]]
[[قادر بخش بيدل|بيدل]]
[[شيخ اياز]]
[[طالب الموليٰ]]
| major_work = [[شاهه جو رسالو]]، [[قرآن]] جي خطاطي، [[تنبورو]] ۽ [[صومي]] [[موسيقي]]
|venerated in = [[اسلام]]

'''شاھ عبداللطيف ڀٽائي''' ({{lang-en|Shah Abdul Latif Bhittai}}) سن 1689ع ۾ [[حيدرآباد]] ضلعي جي هاڻوڪي ٽنڊي آدم تعلقي جي هڪ ڳوٺ سُئي ڪنڌر، [[هالا]] حويلي ۾ ڄائو.<ref>http://www.wichaar.com/news/272/ARTICLE/15870/2009-08-22.html</ref>. شاھ عبداللطيف، حبيب شاھ جو پٽ، عبدالقدوس شاھ جو پوٽو، جمال شاھ جو پڙپوٽو ۽ جمال شاھ، شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري جو ٽيون پٽ هو. شاھ تاڃيءَ پيٽي [[سيد]] هو. سندس والده ڏيرن فقيرن منجهان هئي. سندن ڳوٺ ڀٽ کان ٿورو ئي پنڌ آهي، اڃان تائين ان ڳوٺ ۾ شاھ جا ڪنڊا نالي ديھ آهي.

'''شاھ عبداللطيف ڀٽائي''' ({{lang-en|Shah Abdul Latif Bhittai}}) سن 1689ع ۾ [[حيدرآباد]] ضلعي جي هاڻوڪي ٽنڊي آدم تعلقي جي هڪ ڳوٺ سُئي ڪنڌر، [[هالا]] حويلي ۾ ڄائو.<ref>http://www.wichaar.com/news/272/ARTICLE/15870/2009-08-22.html</ref>. شاھ عبداللطيف، حبيب شاھ جو پٽ، عبدالقدوس شاھ جو پوٽو، جمال شاھ جو پڙپوٽو ۽ جمال شاھ، شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري جو ٽيون پٽ هو. شاھ تاڃيءَ پيٽي [[سيد]] هو. سندس والده ڏيرن فقيرن منجهان هئي. سندن ڳوٺ ڀٽ کان ٿورو ئي پنڌ آهي، اڃان تائين ان ڳوٺ ۾ شاھ جا ڪنڊا نالي ديھ آهي.

== تعليم ۽ تربيت ==
چون ٿا تہ شاھ حبيب پنهنجي پٽ کي وائي ڳوٺ جي مشهور عالم [[آخوند نور محمد ڀٽي]]ءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو، وائيءَ جو ڳوٺ، ڀٽ کان ڇھ ۽ [[اڏيري لعل]] کان ٻہ ڪوھ پري آهي. چون ٿا تہ شاھ [[الف]] اچاري [[ب]] چوڻ کان نابري واري. شاھ صاحب [[امي]] (اڻ پڙهيل) هو يا نہ تنهن بابت جدا جدا عالمن جدا جدا رايا ڏنا آهن. ڪن جو چوڻ آهي تہ هو هڪ يگانو عالم هو ۽ ڪن صاحبن جو رايو آهي تہ مٿس علم لدني نازل ٿيل هو جو ڌڻيءَ طرفان ڪامل [[ولي|ولين]] کي عطا ٿيندو آهي.

شاھ صاحب سان اڪثر ٽي ڪتاب ساڻ هوندا هئا: [[قرآن شريف]]، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي، شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام. انهن ڪتابن تي ڪنھن بہ هنڌ ڪجھ بہ لکيل ناهي جنھن کي شاھ جو دستخط چئجي. مير علي شير قانع ٺٽوي، جيڪو '''عبداللطيف''' جو معتقد هو سندس ئي زماني ۾ رهندو هو، سو پنھنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو جيتوڻيڪ عبداللطيف اڻ پڙهيل هو تہ بہ ساري عالم جو علم دل جي لڪيل تختيءَ تي لکيل هو. تحفه ڪرام شاه صاحب جي وفات کان صرف سورنھن سال پوءِ يعني 1786ع ۾ لکيل آهي انھي ڪري ڪي علام ان کي هڪ اهم سند سمجهن ٿاحقيقت ۾ عارفن اوليائن جو ذڪر ڪندي مير علي شير قانع وڃي ڪرامتن ۽ معجزن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو آهي. سندس دفتر مان ڪو خاص تاريخي يا شخصي احوال خير ٿو ملي.

[[فائل:Dargah Hazrat Shah Abdul Latif Bhittai ra.jpg|280px|thumb|شاھ صاحب جي مزار جو منظر]]
Line 52 ⟶ 51:
ننگر ٺٽي ڏانهن ورندي هڪ غار ۾ هڪ شخص کي ڏٺائين، تہ هي [[مصرع]] نهايت درد ناڪ [[نوع]] ۾ پيو چوي،

{{cquote2|هيڪليائي هيل، پوريندس پنھوءَ ڏي.|}}

پڇڻ تي معلوم ٿيس تہ ھو هڪ جت ھو. ۽ هالن جي ڀرسان لنگهندي [[فقير|فقيرن]] جي واتان اِها مصرع ٻڌي هيائين. شاھ چيس تہ جي چاهين تہ بيت جون باقي ٻہ مصرعون بہ ٻڌايانءِ انهيءَ تي جت خوشي ڏيکاري. شاھ تنهن تي ٻي [[مصرع]] چئي ٻڌايس،
Line 91 ⟶ 90:
== شاھ جا آخري ڏينھن ۽ وفات ==
[[فائل:Mausoleum of Shah Abdul Latif Bhittai 05.jpg|280px|thumb| مقبري اندر مزار جو منظر]]
شاهہ صاحب پيءُ جي [[وفات]] کان پوءِ رڳو ڏھ ورھيہ زندھ رهيو پيءُ جي گذر ئي کان پوءِ اتالي سميت ڪوٽڙي ڇڏي وڃي ڀٽ تي رهيو. سندس [[هاڪ]] هينئر هنڌين ماڳين پکڙجي ويئي ۽ ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو، وٽس سارو ڏينهن سرود ۽ سماع جاري رهندو هو دهلي جا ٻہ مشھور گويا اَٽل ۽ چنچل بہ اچي سندس خدمت م حاَضر ٿيا. [[راڳ]] شاھ صاحب جي جان هو. موسيقي يا ڳائڪيءَ جو جو ڪامل ڄاڻو هو پاڻ بہ پنھنجو چيل ڪلام ڳائيندو هو. چون ٿا تہ وفات کان ٿورو اڳ گهڻو ڪري هيٺين ڪافي چوندو رهندو هو. اها ڪافي [[سر سھڻي]] جي پھرين داستان کان پوءِ اچي ٿي

{{cquote2|ڪھڙي منجھ حساب. هئَڻ منهنجو هوت ري لا...|}}
Line 121 ⟶ 120:
چيو وڃي ٿو ته ملٽن پنهنجي جملي ڪلام ۾ انگريزي زبان جا اَٺ هزار لفظ ۽ شيڪسپيئر سورهن هزار لفظن استعمال ڪيا آهن. الفاظ جي صحيح استعمال کي ردڪنار ڪندي به، خيالات جي وسعت کي تورڻ تڪڻ جو هيءُ فقط هڪ طريقو آهي. درحقيقت زبان واري معياري پرک جو اهو (الفاظ جو ڳاڻيٽو) ڪو موزون طريقو نه آهي. سوال آهي ته سورهين صدي واري انگيزي زبان اندر، خيالات جي اظهار جي وسعت جيڪا شيڪسپيئر پيدا ڪئي، انهيءَ کان وڌيڪ وسعت پيدا ڪرڻ جو ڪو امڪان هو ڇا؟ ٻين لفظن ۾، معيار آهي زبان ۾ وڌ کان وڌ خيالات جي اظهار لاءِ وسعت پيدا ڪرڻ. سواءِ شيڪسپيئر جي ٻئي ڪنهن شخص جي نه وهم گمان ۾ ۽ نه امڪان ۾ ئي هو ته ايلزبيٿ جي دؤر واري انگريزي ٻوليءَ ۾ اهي خيالات اظهار ڪري، جي شيڪسپيئر ڪيا. ڊانٽي ۽ گوئٽي جي حالت ۾ به اهو چوڻ صحيح ٿيندو. پر سواءِ شيڪسپيئر جي، ٻوليءَ ۾ وسعت پيدا ڪرڻ واري جنهن منزل کي هو پهتا، سا نسبتاً گهڻو گهٽ هئي، بمقابله انهيءَ ارڙهينءَ صديءَ واري سنڌيءَ زبان جي، جنهن کي لطيف نباهيو، ۽ ويجهايو ۽ وڌايو. ڪنهن جي وهم گمان ۾ ئي نٿو اچي ته لطيف واري زبان ڪا انهيءَ دؤر ۾ سنڌ اندر ڳالهائي ويندي هئي! سنڌي، جا وڌ ۾ وڌ هڪ صوبائي محاوري جي منزل تي هئي، سا شاهه جي هٿن ۾ هڪ نهايت گرانمايه ۽ وسيع ترين ٻولي بڻجي پئي، ايترو جو اسين نه سڃاڻي ٿا سگهون، نه ڪي سمجهي ٿا سگهون ته سندس زبان ڪا اها ساڳي سادي صوبائي ٻولي آهي. تنهنڪري انهيءَ ناگزير معيار مطابق به، جو يورپ جي وڏن نقادن ” آخري معيار“ تسليم ڪيو آهي، ڪاميابيءَ جو سهرو لطيف جي سر تي ئي آهي.

== ”پَرُ نهين، پاوَر نهين، پهچ نهين پِي دور“ ==
انگريز ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ تحت هتي اچڻ سترهين صديءَ جي پهرين ئي ورھيه يعني 1600ع ۾ ۽ فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاھ، سرڪار ڀٽائيءَ جو گنج جيڪو [[شاھ جو رسالو|شاھ جي رسالي]] جو پهريون هٿ اکري مجموعو سامهون آندو هو اهو ارڙهين صديءَ جي آخري ورھين يعني 1793ع ۾. ان گنج ۾ هندي بيراڳ نالي هڪ سر به آهي جنهن ۾ جوڳي، سامين، سنتن جا بيت ملن ٿا. انهن بيتن ۾ هي به هڪ بيت آهي جنهن ۾ انگريزيءَ جو لفظ پاور (Power) ڏاڍي سھڻي نموني سان ڪتب آندل آهي.<ref>شاھ لطيف جو گنج، مٿيون مواد اَمر فياض ٻرڙي طرفيل ڳوھيل آندل آھي</ref>

== عرس ==
ھر سال ٽن ڏينھن جو عرس مزار تي چادر ۽ گل چاڙھي، ڀٽ شاھ تي سندس مزار تي ملھايو ويندو آھي،<ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.sindhpost.com.pk/276th-urs-of-great-sufi-saint-shah-abdul-latif-bhittai-begins-tomorrow/amp/|website=www.sindhpost.com.pk|access-date=2019-10-14}}</ref> جنھن ۾ مشاعرو، لطيف ادبي گڏجاڻي (ڪانفرنس)، سُگھڙ ڪچھري، راڳ رنگ محفل ۽ ٻيون سرگرميون ٿينديون آھن.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.sindhpost.com.pk/sindhi/402923|title=شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو عرس سڀاڻي کان شروع ٿيندو|last=version|first=sindhpost sindh|date=2019-10-13|website=Sindh Post|language=en-US|access-date=2019-10-14}}</ref> سندس عرس تي سنڌ سرڪار عام موڪل جو اعلان ڪندي آھي.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://nation.com.pk/09-Oct-2019/holiday-announced-for-shah-abdul-latif-urs-in-sindh|title=Holiday announced for Shah Abdul Latif urs in Sindh|date=2019-10-09|website=The Nation|language=en|access-date=2019-10-14}}</ref> عرس جي آخري ڏينھن تي شاھ لطيف ايوارڊ ڏنا ويندا آھن.

== پڻ ڏسندا ==
* [[شاھ جو رسالو]]
* [[شاھ جو رسالو]] '''ترتيب''': [[ڪلياڻ آڏواڻي]]
* شاھ جو عالمي شاعرن ۾ مقام - [[علامہ آء آء قاضي]]
* شاھ جو رِسالو. تحقيقي رِٿا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.

== حوالا ==
{{حوالا}}

{{coord|25|48|24.21|N|68|29|28.76|E|display=title}}
{{سنڌي صوفي}}

{{سنڌي قوم پرستي}}

[[زمرو:سنڌ جي تاريخ]]
[[زمرو:سنڌي شاعر]]
[[زمرو:شاعري]]
[[زمرو:سنڌي ماڻھو]]
[[زمرو:شاعري]]