جلال چانڊيو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
Removing Jalal_Chandio.jpg, it has been deleted from Commons by MB-one because: per c:Commons:Deletion requests/Files uploaded by JogiAsad.
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:سنڌي ماڻھو
سِٽَ 1:
{{صندوق معلومات شخص}}
 
 
{{مبسس4}}
'''جلال چانڊيو''' 10 آگسٽ 1944 ڌاري [[مورو تعلقو|تعلقي موري]]، [[نوشهرو فيروز ضلعو|ضلعي نوشھري فيروز]] جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر پيدا ٿيو.
 
== شروعات 1944 کان 1983 تائين ==
 
 
== شروعات 1944 کان 1983 تائين==
جلال چانڊيو هوش سنڀاليو ته گهر جو ماحول مالوند ماڻهن وارو هو ٿورو وڏو ٿيو ته جلال جي والد فيض محمد کيس درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ مورو ۾ هڪ استاد وٽ ڇڏي آيو پر جلال چانڊيو جي درزڪو ڪم ۾ دل نه لڳي، اتي پيو مختلف فنڪارن جا ريڊيو ۽ ٽيپ ريڪارڊ تي ڪلام ٻڌندو هو، جنهن سبب سندس ڌيان ڪلام ٻڌڻ ڏانهن وڌيڪ هو ۽ پرايا ڪپڙا سبڻ بجاءِ خراب ڪندو هو، استاد جي مار-ڪٽ سبب، اچي اتان به بيزار ٿيو ۽ ڳوٺ واپس اچي مال چارڻ لڳو مال چارڻ دوران جهنگ ۾ ٺڪريون ۽ ڪاٺيون کئي پيو وڄائيندو وتندو هو جهنگ ۾ گائڻ وڄائڻ وارو شوق سندس وڌي ويو مال چارڻ سان به دل نه لڳي جنهن سبب کسي پيادڙڪا اتي به پيا ملندا هئا پر سندس سنگيت سان عشق ٿي ويو هو، سندس سنگيت سان جنونيت جي حدتائين عشق کي ڏسندي جلال جي مائٽن به کيس ڳائڻ جي لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي شهر ميرپور ماٿيلو ۾ استاد علي گل مهر وٽ شاگردي لاءِ حوالي ڪيو. استاد علي گل وٽ جلال راڳ جي ابتدائي سيکا ورتي ۽ پنهنجي استاد سان گڏجي ترجي مختلف درگاهن تي وڃي پيرن فقيرن جي اڳڻ تي ويهي ڊيوٽي ڏيڻ سان گڏ گائڻ شروع ڪيو. سندس آواز اهڙو جو لائوڊ اسپيڪر جو محتاج نه هو جلال چانڊيو، جنهن دور ۾ گائڻ شروع ڪيو ته تڏهن سنڌ اندر جهرجهنگ غير سنڌي فنڪارن جو اوج هو، هن ان دور ۾ وڏي همٿ پاڻ ۾ پيدا ڪري 1970 ڌاري پارس ڪيسٽ ڪمپني طرفان آڊيو ڪيسٽ تيار ڪرائي. انهيءَ ڪيسٽ ۾ سندس ڳايل ڪلام ”هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري“ تمام گهڻي مقبوليت مائي. جنهن بعد جلال چانڊيو لاءِ سنڌي سنگيت ۾ دروزا کلڻ لڳا نج ڳوٺائڻ انداز واري ٽوپي ۽ لباس ۾ ٿوري جدت آئي چيڙي يڪتاري جي گونج ۾ سنڌ اندر تڏهن عام ڄام ٿيندڙ ٿيٽرن، ميلن ملاکڙن ۾ ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيو ته ان دور ۾ عير سنڌي فنڪارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيائين ۽ سنڌ جو بي تاج بادشاهه فنڪار طور اوج ماڻي ورتائين سنڌ ۾ جلال، جلال ٿي ويو. سندس اڳيان پويان تڏهوڪي ڪيسٽ ڪمپنيز جا مالڪ پيا سلامي ٿيندا هئا سوين ڪيسٽون جلال چانڊيو جون جاري ٿيو ريڊيو، ٽيلويزن جا دروازا جلال چانڊيو لاءِ کلي ويا.
 
== 1984 کان 2001 تائين ==
 
1985 ڌاري جلال چانڊيو انتهائي اوج وارو زمانو ڏسي تڏهوڪي وقت جي ڪامياب فلمي هدايتڪار جناب شاهه اسد پنهنجي سنڌي فلم لاءِ جلال چانڊيو سان وڃي ڪچهري ڪندي کيس فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ حامي ڀرائي ۽ سنڌي فلم جلال چانڊيو ٺاهي جڏهن فلم جلال چانڊيو سنڌ جي سينمائن تي لڳي ته سنڌي فلمن جي دنيا ۾ نوان بزنس جا ريڪارڊ قائم ڪيا. انهيءَ فلم کي تمام گهڻي عوامي موٽ ملي ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن سنڌي فنڪار تي ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم جلال چانڊيو لاءِ ٺهي جلال چانڊيو سان سنڌ جا ماڻهو انتهائي گهڻو پيار ڪرڻ لڳا. سنڌ اندر پنهنجي وقت جو انتهائي مصروف فنڪار هو، جنهن سبب سنڌ اندر سوين ماڻهو پنهنجي شادين، مرادين ۾ گهرائڻ لاءِ پروگرام جي تاريخ پهريان جلال چانڊيو کان وٺندا هئا. پوءِ پنهنجي شادين جون تاريخون طئي ڪندا هئا. هر هنڌ پنهنجي فني دنيا جي اوج وارن ڏينهن ۾ سنڌي سنگيت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ تمام گهڻو ڳائي وڄائي انگريزن کي به حيران ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته سندس ڳائڻ وقت چپڙي يڪتاري وڄائڻ سان گڏ سندس منهن جو رخ، ويهڻي ۽ هٿن جي بيهڪ وارو انداز اڄ تائين ڪوئي به فنڪار پيدا نه ڪري سگهيو. سڄو جسم سندس جو ڳائڻ سان گڏ پيو پرفارم ڪندو هو. هو ويٺي ويٺي ڳائيندي به ائين لڳندو هو جو ڄڻ نچي رهيو هجي. جلال چانڊيو 2 شاديون رچايون، هڪ پنهنجي مائٽن مان ننڍپڻ ۾ ته ٻي شادي پنهنجي پسند سان ڪئي.
 
 
فني دنيا ۾ انتهائي اوج واري زندگي ۾ جڏهن ته جلال چانڊيو جنهن محفل ۾ ڳائڻ ويندو هو، اتي اوڙي پاڙي جون سوين عورتون پنهنجي گهرن جي ڪوٺن تي ويهي جلال چانڊيو جو راڳ لازمي ٻڌنديون هنيون. جلال چانڊيو پنهنجي شروعاتي دور کان حياتي جي آخري لمحن تائين انتهائي مقبول فنڪار رهيو.
Line 31 ⟶ 27:
[http://sindhipeoples.blogspot.nl/2016/01/1947.html سوانح جلال چانڊيو]
 
[[زمرو:شخصيات]]
[[زمرو:سنڌي ماڻهو]]
[[زمرو:سنڌي فنڪار]]
[[زمرو:سنڌي ماڻهو]]
[[زمرو:سنڌي ماڻھو]]
[[زمرو:شخصيات]]
[[زمرو:لوڪ فنڪار]]
[[زمرو:ويهين صدي جا ڪلاڪار]]