ڪوالالمپور: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م صفائي using AWB
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:ايشيا ۾ راڄڌانيون
سِٽَ 1:
== Cityscape ==
 
{{wide image|Kuala Lumpur - Titiwangsa - Panorama 0002.JPG|1100px|The view of Kuala Lumpur from Titiwangsa Lake Garden}}
 
ڪوالالمپور ({{lang-en| '''Kuala Lumpur'''}}) ملائيشيا جي گاديءَ جو هنڌ آهي. وڏو ۽ مکيه شهر آهي. سبانگ نالي بين القوامي هوائي اڏو توڙي پورٽ ڪلانگ نالي بندرگاهه اٿس. منجهس ڪيتريون ئي يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا آهن. ڌارين ملڪن جا سفارتخانا توڙي هوائي ڪمپنين جون آفيسون ۽ ڪيتريون ئي وڏيون هوٽلون پڻ ڪوالالمپور شهر ۾ آهن، ۽ ڪوالالمپور شهر هوائي اڏي ۽ سامونڊي رستي دنيا جي ملڪن سان ڳنڍيل آهي. ان کان سواءِ ڪوالالمپور جو شهر ريل گاڏي ۽ بسن ذريعي نه رڳو ملائيشيا جي مختلف شهرن سان ڳنڍيل آهي. ڀر وارن ملڪن: سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ جي ڪيترن ئي شهرن سان پڻ ڳنڍيو پيو آهي. ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن تي ۽ پودورايا واري بس اسٽاپ تي سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جي شهرن: حاديا، سونگ ڪلا، پٽايا ۽ بئنڪاڪ لاءِ بس هلن ٿيون. ڪوالالمپور ۾ رهائش لاءِ هر قسم جون هوٽلون موجود آهن. سياسي ۽ سماجي حالتون پڻ بهتر ۽ سڌريل آهن. ان ڪري پَري پَري کان ماڻهو ڪولالمپور اچن ٿا. ڪوالالمپور واري پاسي رٻڙ جي وڻ جا باغ جام آهن. تنهنڪري اُتي صبح سوير عورتون وڻن جي ٿڙ کي چيهڪ ڏينديون آهن ۽ کير ٽيپو ٽيپو ٿي هيٺ ٽنگيل وٽيءَ ۾ گڏ ٿئي ٿو ۽ پوءِ اهي سڀ وٽيون هڪ وڏي ڊرم ۾ وجهي ان مان رٻڙ جون اڇيون چادرون ٺاهيون وڃن ٿيون، جيڪي پوءِ رٻڙ جي مختلف شين ٺاهڻ ۾ ڪم اچن ٿيون.
 
== ڪوالالمپور ۾ گهمڻ جا هنڌ ==
 
ساڳي طرح ڪوالالمپور شهر کان ٿورو پري سطح سمنڊ کان ڇهه هزار فوٽ کن مٿي جبلن جي چوٽيءَ تي Genting Highland نالي هڪ جڳهه آهي، گهڻو مٿي هجڻ ڪري هتي تمام گهڻو سيءُ رهي ٿو. جيتوڻيڪ هيٺ سڄي ملائيشيا ۾ سڄي سال ۾ ڪو هڪ اڌ ڏينهن به ٿڌڪار نه ٿي ٿئي. هيءَ جڳهه ايڏو مٿي آهي جو عمارتن جي چوڌاري ڪڪر ترندا رهن ٿا. (ان ڪري اتي ٺهيل هڪ جوا جي اڏي کي (Casino in Cloud) “ڪڪرن ۾ جوا خانو” سڏجي ٿو. گنتنگ هاءِ لئنڊس تي مٿي هڪ ننڍڙي ڍنڍ ۽ باغيچو پڻ آهي. ملائيشيا جا ماڻهو هتي گهڻو ڪري پڪنڪ لاءِ اچن ٿا. يا وري ٻارن جي وندر لاءِ جو اتي ٻارن جون ڪيتريون ئي رانديون آهن. ويندي ٻارن جي چڙهڻ لاءِ مني ٽرين ۽ هلائڻ لاءِ ڪارون پڻ آهن.
سِٽَ 13:
رهائش لاءِ پڻ ڪوالالمپور ۾ شيراز، امبسي هوٽل، ميڪسيڪو هوٽل ۽ ريلوي اسٽيشن جي هوٽل کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي سستيون جايون آهن. خاص ڪري شاگردن ۽ گهٽ پئسي وارن لاءِ برڪ فيلڊ واري روڊ تي واءِ ايم سي اي YMCA پڻ آهي. ينگ مين ڪرسچن ائسوسيئيشن جو ههڙيون ڪلب نما هوٽلون دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن: يوڪاهاما، هانگ ڪانگ کان وٺي ڪراچي ڪوالالمپور تائين. پوءِ ڪن ملڪن ۾ منجهن رهائش جو معيار سٺو آهي.
 
== ڪوالالمپور جي مختصر تاريخ ==
ڪوالالمپور ڪو ايڏو گهڻو پراڻو شهر ناهي. اڄ کان ڇهه سئو سال کن اڳ پرميشوارا نالي سماترا جي هڪ شهزادي ملاڪا تي قبضو ڪري، سڄي ملايا کي پنهنجي هٿ ۾ ڪيو. ان کان پوءِ 1511ع ۾ پورچوگالين ملاڪا تي حملو ڪري ملاڪا ۾ حڪومت قائم ڪئي. ساڳي طرح ڊچن ۽ ٻين ڌارين حاڪمن ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور شهر جو ته ڪو وجود ئي نه هو. بلڪ نشانيءَ خاطر ڪا سر به رکيل نه هئي. ڪوالالمپور شهر جي شروعات ئي گذريل ڏيڍ سئو کن سال اڳ کان ٿي آهي. ڪوالالمپور جو شهر صحيح معنيٰ ۾ 1857ع کان ٽين (Tin) جون کاڻيون ملڻ ڪري، اڏجڻ ۽ وڌڻ شروع ٿي ويو هو. ڪوالالمپور لفظ جي معنيٰ آهي “گپ واري نديءَ جو منهن” لمپور معنيٰ گپ، ۽ ڪئالا معنيٰ نديءَ جو منهن. ڏيڍ سئو سال کن اڳ ڪوالالمپور اهو ئي ڪجهه هو. پوءِ به پهرين چار گهرڙا ۽ جهونپڙيون ٺهيون، انهن مان ڳوٺ ۽ پوءِ شهر، ڪلانگ ندي ۽ گئمباڪ نديءَ جي ڳانڍاپي وٽ هي شهر آهي.
 
سِٽَ 28:
1956ع ۾ ڊيوڪ آف ايڊنبرو مليا (ملائيشيا) گهمڻ دوران ٻه ڏينهن ڪوالالمپور ۾ پڻ رهيو. 31_آگسٽ 1957ع تي ملايا کي انگريزن طرفان آزادي ڏني ويئي ۽ ان جو جشن پڻ ڪوالالمپور جي مرديڪا اسٽيڊيم ۾ چاليهه ملڪن جي نمائندگي اڳيان ٿيو. تنڪو عبدرالحمان پهريون پرائيم منسٽر مقرر ڪيو ويو. ساڳي سال کان ڪوالالمپور ۾ “ملايا يونيورسٽي” پڻ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهڙي طرح سئو سال کن اڳ جو ننڍڙو ڪچو ڳوٺ اڄ دنيا جي ماڊرن ۽ سهڻين شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. منجهس ڪيترن ذاتين، قومن، مذهبن، زبانن۽ رنگن جا ماڻهو پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي رهن ٿا.<ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=23 ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
{{حوالا}}<ref>[httpsڪتاب: ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، ليکڪ: الطاف شيخ</ref><ref>[//en.wikipedia.org/wiki/Kuala_Lumpur Kuala Lumpur - Wikipedia<!-- Bot generated title -->]</ref>
{{حوالا}}
<ref>ڪتاب: ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، ليکڪ: الطاف شيخ</ref>
<ref>[https://en.wikipedia.org/wiki/Kuala_Lumpur Kuala Lumpur - Wikipedia<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
[[زمرو:ڪوالالمپور|ڪوالالمپور]]
[[زمرو:ايشيا ۾ راڄڌانيون]]
[[زمرو:ملائيشيا]]
[[زمرو:ڪوالالمپور]]