پکي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
م خودڪار: اضافو زمرا +صفائي (14.9 core): + زمرو:پکي
سِٽَ 1:
[[عڪسفائل:Bird Diversity 2013.png|400px|thumb|کاٻو|پکين جي دنيا]]
 
'''پکي''' کنڀن وارا ڪرنگهيدار جاندار آهن. سڀني پکين کي ٻه پير ۽ پرن جو جوڙو ٿيندو آهي. پکي اڪيلي مخلوق آهي، جنهن جي جسم تي کنڀ هوندا آهن، جيئن نانگ کل مٽائيندو آهي تيئن پکين جا کنڀ به ڇڻندا ۽ نوان ڦٽندا آهن. اهو سلسلو هر سال يا مند آهر هلندو آهي، کنڀ ٽن قسمن جا هوندا آهن. انهن جو ڪم بُت ڍڪڻ آهي، جسم جا هيٺيان کنڀ نرم ۽ بجدار هوندا آهن ۽ پکيءَ جي بت کي گرم رکندا آهن. کنڀڙاٽين جا کنڀ اڏامڻ ۽ رخ بدلائڻ ۾ مددگار هوندا آهن. پکيءَ جي بناوت ڪجهه اهڙي ٿئي ٿي جو ان کي لس اڏامڻ ۾ آساني ٿيندي آهي. پکيءَ جي اهڙي کنڀڙاٽين ۽ ڇاتيءَ جون مشڪون تمام مضبوط هونديون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن کي پَر ڦڙڪائڻ ۽ هوا ۾ اڏامڻ لاءِ مضبوط مشڪن جي ضرورت هوندي آهي. پکي پنهنجي قد بت جيترن ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ هڏا تمام هلڪا ٿيندا آهن، ڇو ته انهن جون هڏيون کوکليون هونديون آهن.
سِٽَ 10:
پکين لاءِ اڏامڻ ان ڪري ضروري آهي ته جيئن اهي پنهنجا آکيرا بلند جاين تي ٺاهي سگهن. جڏهن، چؤ طرف خوراڪ گهٽجي ۽ ٿڌ شروع ٿي ويندي آهي، تڏهن انهن کي خوراڪ لاءِ تمام پري گرم علائقن ڏانهن وڃڻو پوندو آهي. ڪي پکي مثال طور: تِڪ يا ملهالا، اڏامي خوراڪ جهٽيندا آهن، ڪي اڏامي اڏامي زمين تي خوراڪ ڳوليندا آهن، ڪن پکين کي خشڪيءَ تي رهندڙ دشمن کان بچڻ لاءِ هوا ۾ اُڏامڻو پوندو آهي.
==آکيرا==
[[عڪسفائل:House sparrow04.jpg|thumb|کاٻو|جھرڪي]]
پکي آکيرا ٺاهڻ ۽ آنا ڏيڻ لاءِ وري زمين تي لهندا آهن، ڇاڪاڻ ته زمين تي اَن ۽ پاڻي آهي. اهي پنهنجن ٻچن کي غذا کارائيندا آهن، آنن تي آرو ڪندا آهن. پنهنجي نوع جي پکين سان ملندا، لڳ ۽ آرام ڪندا آهن. پکي زمين تي لهڻ مهل پهرين پير رکندو آهي ۽ پنهنجا پر ۽ پُڇ پئراشوٽ وانگر پکيڙي پنهنجي رفتار گهٽائي ڇڏيندو آهي. ڪي پکي مثال طور عقاب وغيره پنهنجا پَر پکيڙي هوا تي ترندا رهندا آهن. وڏا پکي پنهنجا پَر هوريان هوريان ۽ ننڍا پکي تيز تيز ڦڙڪائيندا آهن. آسمان ۾ تمام مٿي اڏامندڙ ڪن پکين کي پَر ڦڙڪائڻ جي ضرورت پوندي آهي، اهي هوا جي زور تي مٿي ٿيندا ۽ ترندا ويندا آهن. پکين کي ڏند ڪونه ٿيندا آهن. ڏندن جي بدران انهن کي چهنب ٿيندي آهي. انهن چهنبن جي شڪل يا ماپ به مختلف هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته پکي مختلف قسمن جون شيون کائيندا آهن. مثال طور ڪانءَ جي چهنب مضبوط ۽ نوڪيلي ٿئي ٿي. ڇو ته اهي ٻين پکين جي آنن سميت لڳ ڀڳ هر شئي کائي ويندا آهن. ان ڪم لاءِ کين تيز ۽ نوڪدار چهنب گهرجي.
سِرڻ جيئن ته ڍونڍ خور پکي آهي، ان ڪري اها ننڍڙا ۽ مئل جانور ڳولي کائيندي آهي. ان جي چهنب جي نوڪ تيز ۽ مڙيل هوندي آهي، جنهن کي گوشت ۾ ٽنبي ان کي چيري ڦاڙي ڇڏيندي آهي. عام جهرڪي پنهنجي چهنب سان ٻج ٽوڙيندي آهي. ان جي چهنب ننڍي ۽ مضبوط ٿيندي آهي. تيل وهيڙو گلن جي رس تي پلجي ٿو. ان ڪري سندس چهنب ڊگهي ۽ سنهي ٿيندي آهي. ڪاٺ ڪُٽو پنهنجي چهنب کي ڇيڻيءَ وانگر استعمال ڪري ڇوڏن ۽ ڪاٺ کي کوٽيندو آهي.
سِٽَ 31:
هيوم (Hume) پنهنجي ڪتاب، اسٽري فيڊرس (1872ع) ۾ پکين جا 2500 قسم ڄاڻايا آهن، جن جون 250 جنسون آهن. ايٽڪن (1872ع) ڪل 400 جنسون ٻڌايون آهن ۽ ساڳئي وقت ايٽس (Eates) سورلي جي سنڌ گزيٽيئر ۾ 426 جنسون ڄاڻايون آهن، جن مان 177 مڪاني ۽ باقي لڏي ايندڙ يا سانگي پکين جون آهن. مختصر طور سنڌ ۾ ٽن قسمن جا ’پيڻ‘، ٻه پيٽيئر (Cormorant)، ڇهه ٻگهه ۽ ڪانئرا، هڪ لاکي ڄاڃي، يارنهن سانهه، ڇويهه هنج ۽ بدڪون، سترنهن سرڻيون، عقاب ۽ ڳجهون، ڇهه ڪونجون، پنج تتر ۽ ڀؤنتريا، ڇهه ٻاٽيڀڙ، پنج باز، ٽيٽيهر، پلوور (Plover)، ڦوليارو، چيهو، ڪينو، ٽرن (Tern)، بي ايٽر (Bee eater)، ڪاٺ ڪٽو، ڪنگري، سانهڙو، چنڊول، سئنڊ مارٽن (Sand Martin)، وهيو، بلبل، کٽياڻي، شرائيڪ، (Shrike)، ٿرش (Thursh)، سئنڊپائپر (Sand Piper) وغيره قسم طور عام ملن ٿا. ڏاڙهيءَ واري ڳِجهه کيرٿر جي مٿانهن پٽن ۾ ملي ٿي. سنڌ ۾ جيڪي ٻاٽيڀڙ ملن ٿا، تن مان سواءِ ’ڳٽو‘ (Largepin tailed) ۽ امپيريل (Imperial) جي سڀ مڪاني آهن، چڪور سنڌ جي مٿانهن پٽن جو تتر آهي. هندستاني تلور، جيڪو اڳ ٿر ۾ عام هو. سو هاڻ ناياب آهي. هُوبارا تلور (Houbara Bustard) به ناياب ٿيندو وڃي. فلوريڪن (Florican) جيڪو سن 1875ع تائين عام هو، سو به ناياب ٿيندو پيو وڃي. سفيد هنج منڇر ۾ ملي ٿو. ڪومب بدڪ (Com Duck) به سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ۾ ملي ٿي. ننڍڙو هنج ۽ آڙي (Clucking teal) پڻ سنڌ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا. گولڊن آءِ (Golden eye) ۽ چيڪلو صرف ٻن جڳهين، اڀرندي ناري ۽ منڇر ۾ ملن ٿا. ڀؤنتريو هڪ موسمي پکي آهي، جيڪو حب نديءَ جي آسپاس رهي ٿو. عام ڀؤنتريو (Rain Quail) ڪچي جي علائقن ۾ رهي ٿو. مور، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ عام ملي ٿو. واديءِ مهراڻ ٻگهن، سانهه، ڪانيئرن، ڪينو، پيڻ ۽ اگريٽس (Egrets) وغيره جي جنت آهي. هنن جي آنن لاهڻ جون جايون تباهه ٿي چڪيون آهن، ان سان گڏ شڪارين جي ڪري ڪيترا پکي منتشر به ٿي ويا آهن. صرف 15 قسمن مان 6 قسم نظر اچن ٿا. انهن مان اڪثر پکي ڌٻڻ وارن ٻوٽن ۾ ئي گذارو ڪن ٿا.
==خُشڪيءَ جا پکي==
[[عڪسفائل:Pinzón azul de Gran Canaria (macho), M. A. Peña.jpg|thumb|کاٻو]]
خشڪيءَ جي پکين ۾ ڀورو تتر، ڪارو تتر (ايراني تتر به ڏسڻ ۾ آيو آهي)، ڪبوتر، ڳيرو، ونهيو، چپڻي، لغڙ، ڪاٺ ڪُٽو، هُدهُد، جهنگ ڪڪڙ، جهرڪي، ڀونتريو، چَتون، ڍولير، چانهه، ڪانگ (کاري طرف بلڪل ڪاري رنگ جو ڪانگ به ڏسڻ ۾ آيو آهي)، ڪٻر (ڳاڙهي چهنب واري به هتي لڀندي آهي)، پروڙي باز، بلبل، جَهار، ننڍو ليلهو، ڪار دونهاري، مالار، ڳجهه، پيلو باز، سرڻ، ٽٽيهر، چاپانگو، ميٽر، هَڪو، ڀور، ابابيل، ڀوڙي، دنهائي، ٽيٽيهو، ٻاٻيهو، ڊم مرچ، تاڙو چٻ (چٻرو)، بحري باز، ڪرنا، هورا، اڇو ڪنگر ۽ ڳاڙهو ڪنگر شامل آهن، انهن ۾ چانهه ۽ هدهد ٻاهريان پکي آهن، جيڪي موسم آهر هر خطي ۾ ڏسبا آهن. سنڌ ۾ پرديسي پکي سياري جي موسم ۾ لاڙ واري علائقي ۾ اچي رهندا آهن، جڏهن سيارو ختم ٿي ويندو آهي ته وري اهي پرديسي پکي روهه/جبل جي سرد علائقن ڏانهن هليا ويندا آهن. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ڍنڍون آهن، جتي پکي اچي زندگيءَ جا ڏينهن گذارين ٿا. هاليجي ڍنڍ ۽ منڇر ڍنڍ اهڙن پکين جو مرڪز آهن. شام وقت پکي انهن ڍنڍن تي لهن ٿا. 15 کان 20 فوٽن تائين هيٺ پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي پنهنجي شڪار کي حاصل ڪن ٿا. شڪرو، سِرَڻ، باز، هنج، نيرڳي، مرغابي، پاڀانسره، ٽيٽري، گوشو، ڪرلي، عام مينو، بغلو، فافتو، چيڪو بدڪ، ڳاڙهو سر، نيل سر، سيارم، طوق چو، ڳارهو، هوگوشو، ڪارو لق لق، آڙي جل، نيل جل، لال سائين، هندستاني جل وغيره ۽ ٻيا پرديسي پکي مشهور آهن. هي پکي حسن جي علامت آهن، پر اسان جي لاڙ واري علائقي ۾ عرب شڪارين جي ڪري سندن آمد تي وڏو خراب اثر پيو آهي. سنڌ جي ڍنڍن ۾ هيٺيان ديسي ۽ مسافر پکي ڏسبا آهن:
* مڇي کائيندڙ بدڪ جا قسم: نيرڳي، ڊگوش (ڊگوش ٻن قسمن جا ٿين: ڊگوش ۽ ميري جيڪا ڊگوش جي مادي آهي)، ٿُرهانڊو، ٻُڏڻو، رَتُنبو، ڳَهَڻو، چيکلو (ٻه قسم: کُوٻائي) ۽ سينڌريو جيڪو ٿورو وڏيرو ٿئي)، ٿاراهو (وڏو پکي نيرڳيءَ جيڏو) ۽ هنجهر.
سِٽَ 49:
== حوالا ==
{{حوالا}}
[[زمرو:پکي]]