ڄام ساقي: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
KaleemBot (بحث | ڀاڱيداريون) م Bot: Automated text replacement (-category: +زمرو:) |
KaleemBot (بحث | ڀاڱيداريون) م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:سنڌي ماڻھو |
||
سِٽَ 1:
{{صندوق معلومات شخص}}
'''ڄام ساقي'''، ناليوارو سياسي ۽ سماجي اڳواڻ جو پورو نالو محمد ڄام ولد محمد سچل جنجهي آهي. هن 31 آڪٽوبر 1944ع تي ڳوٺ جنجهيءَ، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.
== تعليم ==
پرائمري تعليم 1953ع ۾ ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ 1963ع ۾ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ڇاڇري مان، انٽر 1964ع ۾ ۽ بي. اي 1967ع ۾ سچل سرمست آرٽس ڪاليج [[حيدرآباد]] مان ڪرڻ ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي (سياسيات) [[سنڌ يونيورسٽي]]ءَ مان ڪيائين.
== سياسي سفر ==
ڄام ساقي سياسي سرگرمين جي شروعات هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران 1961ع ۾ ڪئي. هيءُ پهريون ڀيرو ڪاليج واري زماني ۾ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. '''سنڌ نئشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن''' قائم ٿي ته ان جو هيءُ پهريون صدر چونڊيو. حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ ڪاڄ ۾ ڄام ساقي بنگال ۾ ٿيل فوجي آپريشن ۾ بنگالين جي قتل عام خلاف بيان جاري ڪيو، جيڪو بي. بي. سي، ريڊيو آل انڊيا ۽ ٻين عالمي نشرياتي ادارن تان پکڙيو (نشر) ٿيو، جنهن کانپوءِ کيس سخت حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو ۽ ڪيترائي ورھيه فوجي ۽ سول قانون تحت ڏوھي قرار رهيو. جنهن دوران هيءُ ڪڏهن روپوشي، ڪڏهن گرفتاري، ڪڏهن عدالتن، ڪورٽ مارشلن ۽ جيلن جي ڏاڍ هيٺ رهيو. سندس روپوشيءَ دوران سمري ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ ٻين الزامن هيٺ مٿس سمري ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي کيس هڪ ورهيه قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. 10 جنوري 1972ع تي ڳجھ ۾ رھڻ
== ملازمتون ==
1964ع ڌاري هو واپڊا ۾ ڪجھ عرصو ڪلارڪ رهيو، پر سياست سان گهڻي چاهه سبب هن اها نوڪري ڇڏي ڏني. 99-1998ع ۾ هيءُ اسٽيٽ لائيف ۾ سيلز آفيسر ۽ هڪ غير ملڪي ڪيميائي ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر به رهيو.
== ادبي سرگرميون ==
ڄام ساقي ننڍپڻ کان ئي ادب سان به وابسته رهيو. سندس پهرين ڪهاڻي ٽنڊي محمد خان مان نڪرندڙ ٻارن جي ڪتابي سلسلي ’گلشن ادب‘ ۾ ڇپي.
== لکڻيون ==
ڄام ساقيءَ جا 7 ڪتاب شايع ٿيا. جن ۾: ’کاهوڙي کجن‘ (ناوليٽ: 1972ع)، ’سنڌ جي شاگرد تحريڪ‘ (1973ع، جيڪو ٻيو ڀيرو ’سنڌ جي شاگرد جدوجهد‘ جي نالي سان پڻ ڇپيو)، ’مظلوم قومن جو مستقبل‘ (انٽرويو)، ’چکين جي چيت ڪري‘ (مضمون: 74-1973ع)، ’ضمير ڪي قيدي‘ (اردو: 87-1986ع)، ’ضمير جا قيدي‘ (سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو) شامل آهن. ڄام ساقيءَ جون سياسي وابستگيون ۽ همدرديون مختلف پارٽين سان رهيون، جن ۾: جون 1964ع کان 1991ع تائين ڪميونسٽ پارٽي؛ 1968ع کان پيپلز پارٽي؛ 1970ع کان نيشنل عوامي پارٽي (پارٽيءَ تي پابندي مڙهجڻ تائين) شامل آهن. جڏهن ته سوويت يونين ٽٽڻ کان ڪجهه سال پوءِ هو (1994ع) پيپلز پارٽيءَ جو باقاعده ميمبر ٿيو ۽ جولاءِ 1994ع کان نومبر 1996ع تائين سنڌ جي وڏي وزير عبدالله شاهه جو جبري پورهئي مامرن بابت صلاحڪار پڻ رهيو. پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ۽ پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽيءَ (پيمرا) جو (اپريل 2010ع) ۾ ميمبر به رھيو.<ref>ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012</ref>
== لاڏاڻو ==
ڄام ساقي، سومر جي ڏيھاڙي 5 مارچ 2018ع تي نسيم نگر، حيدراٻاد ۾ 73 ورھين جي ڄمار ۾ گذاري ويو.
== حوالا ==▼
▲==حوالا==
{{حوالا}}
[[زمرو:
[[زمرو:
[[زمرو:سنڌ]]
[[زمرو:پاڪستان]]▼
[[زمرو:سنڌي شخصيتون]]
[[زمرو:
[[زمرو:شخصيتون]]
|