آتم ڪهاڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م بوٽ: چوريو جي درستي
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+ترتيب (14.9 core): + زمرو:سوانح حيات (صنف)
سِٽَ 3:
 
آتم ڪٿا (Autobiography):ليکڪ جي پنهنجي لکيل سوانح/جيونيءَ (حياتيءَ جي احوال) کي آتم ڪٿا يا ”آتم ڪهاڻي“ چئبو آهي. آتم ڪٿا جو ليکڪ جيئن ته خود لکندڙ ئي هوندو آهي، ان ڪري اها جيوني/سوانح وڌيڪ سچي ۽ اعتبار جوڳي ٿئي ٿي. آتم ڪٿا لکڻ جا ٻه مقصد ٿي سگهن ٿا: ليکڪ جي من ۾ ماضيءَ جي يادگيرين کي ٻيهر زنده جاويد ڪرڻ جو موهه. آتم ڪٿا لکڻ جو ٻيو مقصد آهي ته ليکڪ جي زندگيءَ جي آزمودن مان ٻيا به فيض حاصل ڪن . سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ئي آتم ڪٿائون لکيون ويون آهن، جيئن مرزا قليچ بيگ جي ”سائوپن ڪارپن“ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي جي ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“، جي ايم سيد جي ”منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني“، شيخ اياز جي ”ڪٿي به نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“(چار جلد)، موهن ڪلپنا جي ”بک، ادب ۽ عشق“، لڇمڻ ڪومل جي ”وهي کاتي جا پنا“.<ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
=== سنڌي ۾ لکيل آتم ڪهاڻين جو مختصر احوال ===
[[سنڌي]] ٻوليءَ ۾ جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکيو، تن جو ڪجهه تفصيل هن طرح آهي:
* [[مرزا قليچ بيگ]] ”سائو پن، ڪارو پنو“، *علامه ڊاڪٽر دائودپوٽو ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“
* [[جي ايم سيد|جي. ايم سيد]] ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“ (ٻه جلد ڇپيل، ڪل 5 جلد لکيل)
* [[شيخ اياز]] “ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (4 جلد) ۽ ”جڳ مڙوئي سپنو“
* رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ”ڪيئي ڪتاب“ (ٻه جلد)
* هري دلگير ”چولو منهنجو چِڪ ۾“ ۽ ”گند جنين جي گوڏ ۾“
* پوپٽي هيراننداڻي ”منهنجي جيون جا سونا روپا ورق“
* موتي لال جوتواڻي ”آتم ڪٿا جي نالي ۾
* هري موٽواڻي ”آخري پنا“
* [[ڪيرت ٻاٻاڻي]] ”ڪجهه لڪايم، ڪجهه ٻڌايم“ (4 جلد)
* گوبند مالهي ”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون“، (5 جلد)
* نارائڻ داس ملڪاني ”نرالي زندگي“
* ريٽا شهاڻي ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“جيڪو سندس ٻن آتم ڪٿائي ڪتابن ”گهنڊ ڄاڻ وڳو ۽ ٻپهريءَ جا ٻه پل“ جو گڏيل ڪتاب آهي.
* نارائڻ ڀارتي ”سرءُ جا پن“
* موهن ڪلپنا ”بک، عشق، ادب“
* رام پنجواڻي ”يادگيريون“ ارجن سڪايل“ غفائن جي ياترا“
* ٻلديو گاجرا“زندگيءَ جا ورق“
* محمد اسماعيل عرساڻي“ سکر سيئي ڏينهن“
* لعل بن يوسف ”منهنجي پنهنجي ڪهاڻي “
* الهبچايو مرڻاس“ سورن سانڍياس“
* [[جمال ابڙو]] ’ڪٿا‘ جي عنوان هيٺ پنج جلد الڳ الڳ نالن سان: ”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“ “ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽ ”مر پيا مِينهن وسن“
* محمد صديق مسافر ”منازل مسافر بمع ڪليات مسافر“
* آپا شمس عباسي ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“
* غلام فاطمه شيخ، ”شيخياڻي جي ڪهاڻي“
* نائون مل هوتچند ڀوڄواڻي“نائون مل جون يادگيريون“، (انگريزيءَ مان ترجمو) *قاضي فيض محمد ”منهنجو سفر“
* ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ”ادبي زندگي“
* لعل پشپ ”آتم جيوني“، ”حياتين جا حصا“، ”ڌرتيءَ ڌڪاڻل“، ”الهاس نگر واسي“، ”ٽه مورتي“ (5 جلد)
* هولا رام هنس ”آتم ڪٿا هڪ اديب جي“
* عالي شاهه (بدين) ”منهنجي ماضيءَ جا ورق“
* عبدالجبار جوڻيجو ”ملهار“ ۽ ”مجاز“ (ٻه جلد)
* ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ”ڪيم روح رهاڻ“
* عبدالحميد قريشي ”يادِ ايام“
* عبدالغفور الستي “ٻنڌڻ ٻاروچن جا“
* چترو ناگپال“جيون جهلڪيون“
* لڇمڻ ڪومل ”وهي کاتي جا پنا“(ٻه جلد ڇپيل)
* پروانو سيوهاڻي ”منهنجو ننڍپڻ“
* عزيز ڀنگوار ”مان ڏوهي آهيان“
* عبدالله چنا ”پنهنجي ڳالهه“
* ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”گهڙيون گهاريم جن سين“
* تاجل بيوس “ڏکيا سکيا ڏينهڙا“ (3 جلد) *شبنم گل ”منهنجو سورج مکي“
* سوز هالائي ”ڪويءَ جي ڪٿا“
* گڻيش ٻالاڻيءَ جو ”منهنجي ڪهاڻي، ڪجهه نئين ڪجهه پراڻي“
* سرڪش سنڌيءَ جي ”جوڻيون جڳ جهان جون“
* ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جي ”ادبي زندگي“
* [[طالب الموليٰ|مخدوم طالب الموليٰ]] ”منهنجو ننڍپڻ“
* غفار تبسم جو ”سيئي جوڀن ڏينهن“ (هڪ جلد). <br> ان کان سواء
* اِيم. ايڇ پنهور جي آتم ڪٿا “[[آپ بيتي جڳ بيتي|جگ بيتي آپ بيتي]]“ به سنڌيءَ ۾ ڇپيل آهي. جيڪا سندس انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ترجمو مشهور آرڪيالاجسٽ حاڪم علي شاهه بخاريءَ ڪيو آهي. <br>ان کان سواءِ محترمه شهيد بينظير ڀُٽو جي آتم ڪهاڻيءَ جو انگريزيءَ مان سنڌي ترجمو ”پورب ڄائي“ جي نالي سان مراد علي مرزا جو پڻ ڇپيل آهي. <ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آتم%D8%A2%D8%AA%D9%85%20%DA%AA%D9%87%D8%A7%DA%BB%D9%8A20ڪهاڻي آتم ڪهاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
{{حوالا}}
 
[[زمرو:ادب]]
[[زمرو:سنڌي ادب]]
[[زمرو:سوانح حيات (صنف)]]