محمد ايوب خان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: خودڪار طور تي متن جي تبديلي (-==حوالا== +== حوالا ==)
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+صفائي (14.9 core): + زمرو:پاڪستاني جنرل
سِٽَ 1:
{{صندوق معلومات شخص}}
 
 
'''محمد ايوب خان''' 14 [[مئي]] 1907 تي صوبي [[سرحد]] جي ڳوٺ ريحانه ۾ ڄائو. [[رايل ملٽري ڪالج]] [[انگلينڊ|انگلستان]] مان فوجي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ فوج ۾ مختلف عهدن تي رهيو. 1951ع ۾ بري فوج جو پهريو [[پاڪستان|پاڪستاني]] ڪمانڊر انچيف ٿيو. 1954 ۾ [[محمد علي بوگره]] کيس [[وزارت دفاع]] جو اهم عهدو سونپيو. [[اسڪندر مرزا]] جڏهن 1958ع ۾ مارشل لا نافذ ڪئي ته چيف مارشل لا ايڊمنٽريٽر ايوب خان کي ڪيائين ۽ انهن ڏيهن ۾ پرامن فوجي انقلاب زريعي ملڪ جو واڳون سنڀاليون. [[آڪٽوبر]] 1959ع ۾ کيس اعليٰ ترين فوجي عهدو [[فيلڊ مارشل]] ڏنو ويو. ايوب خان [[مارچ]] 1962 ۾ نئون [[صدارتي آئين]] نافذ ڪيو. [[جنوري]] 1965ع ۾ نئين [[آئين]] تحت عام چونڊون ٿيون. ۽ ايوب خان [[مسلم ليگ]] جي صدر جي حيثيت سان [[فاطمه جيڻا]] کان وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي. 1965ع واري جنگ ۾ به ايوب خان [[پاڪستاني فوج]] جي اڳواڻي ڪئي. 1967ع ۾ سڀني سياسي پارٽين سندس حڪومت خلاف اتحاد ٺاهيو. هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪئي وئي ۽ نيٺ 25 [[مارچ]] [[1969]]ع تي ايوب خان ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي پاڻ استعفيٰ ڏئي ملڪ [[يحيٰ خان]] جي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ هو گهڻو وقت گهر ۾ ئي گذاريندو هو. هن پنهنجي [[سوانح عمري]] [[انگريزي ٻولي|انگريزي]] زبان ۾ لکي جنهن جو [[اردو]]ءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ايوب خان 1974ع ۾ دل ٽٽڻ سبب فوت ٿي ويو.
 
== تفصيل ==
 
پاڪستان جو اڳوڻو صدر ۽ فيلڊ مارشل -ايوب خان-. 14 مئي 1907ع تي هزارا جي هڪ ڳوٺ ريحانه جي هڪ وچولي درجي واري فوجي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مير داد خان رسالدار ميجر هو. ابتدائي -تعليم- ڳوٺ مان حاصل ڪئي. 1922ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ داخل ٿيو. جون 1926ع ۾ رايل ملٽري ڪاليج سينٽ هرسٽ مان فوجي تربيت حاصل ڪئي. 1932ع ۾ کيس ڪميشن ملي، پنجاب رجمينٽ ۾ ڪرنل ڪمانڊر رهيو، -ٻي عالمي جنگ- دوران -برما- جي محاذ تي موڪليو ويو، -جتي- پنهنجي دستي جو ڪمانڊر رهيو. 1947ع ۾ کيس ڪرنل جي عهدي تي -ترقي- ملي. -پاڪستان- قائم ٿيڻ کانپوءِ وزيرستان ۾ برگيڊيئر رهيو. ڊسمبر 1948ع ۾ مشرقي -پاڪستان- ۾ ميجر جنرل طور رهيو. 17 -جنوري- 1951ع تي جنرل سر ڊگلس گريسيءَ جي جاءِ تي -پاڪستان- آرميءَ جو پهريون مسلمان ڪمانڊر -ان- چيف مقرر ٿيو. هي پهريون پاڪستاني هو جنهن کي اهو اعزاز مليو هو. -ايوب خان- کي فوج جي سربراهه جو عهدو -ان- ڪري ڏنو ويو هو ته بظاهر هو ڪنهن لابيءَ سان واڳيل نه هو ۽ نه ئي ڪو سياسي مقصد هئس پر -ترقي- ملڻ جي ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ -ايوب خان- ملڪ جي سگهاري سياسي شخصيت بڻجي ويو. -ايوب خان- -آمريڪا- کان فوجي ۽ معاشي امداد وٺڻ ۽ عالمي معاملن ۾ -پاڪستان- کي -ان- جو اتحادي بنائڻ لاءِ ذميوار آهي. 1954ع ۾ آرمي چيف ۽ وزير دفاع هئڻ ڪري هي -ان- پوزيشن ۾ هو ته حڪومت جي ڪنهن به فيصلي کي رد ڪري ڇڏي.
Line 11 ⟶ 10:
فيبروري 1966ع ۾ لاهور ۾ مخالف ڌر جي سياسي جماعتن طرفان ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. هن ڪانفرنس ۾ -اوڀر- -پاڪستان- ۾ حمايت رکندڙ عوامي ليگ ڇهه نڪتا پيش ڪيا. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شاگردن ۽ مزدورن جون تحريڪون شروع ٿيون. 4 مارچ 1967ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن احتجاج ڪيو جنهن ۾ اڳ ئي هلندڙ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو ڪري ڇڏيو هو. هن ئي دؤر ۾ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي مداخلت تي علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽيءَ مان استعيفيٰ ڏني. -ٽڪا خان- پنهنجي ڪنهن عزيز جي ناپاس ٿيڻ تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ جو مضمون ختم ڪرايو، جنهن خلاف وڏو احتجاج ٿيو.
1968ع ۾ -ايوب خان- حڪومت جي ڏهن سالن جي ڪارڪردگي جو جشن ملهارايو پر اهو جشن فائدي ڏيڻ بدران سياسي طور نقصانڪار ثابت ٿيو. 1969ع ۾ مختلف سياسي جماعتن ڊيموڪريٽڪ ايڪشن ڪميٽي (ڊيڪ) ٺاهي جنهن -جمهوريت- جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو.
-ان- ئي دور ۾ ذوالفقار علي -ڀٽي- پيپلزپارٽي ٺاهي ۽ -انقلاب- جو نعرو ڏنو. هن ملڪ ۾ هڙتال ۽ احتجاج جو سڏ ڏنو. ڪراچي، لاهور، -پشاور-، ڍاڪا ۾ فوج گهرائي ويئي. فيبروري ۾ حڪومت سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين جي ڪوٺ ڏني. -ايوب خان- نئون -آئين- ڏيڻ ۽ ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ اميدوار نه ٿيڻ جو اعلان ڪيو. 25 مارچ 1969ع تي فوج جي سربراهه جنرل -آغا- محمد يحيٰ خان پاڻ کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ملڪ اندر مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو. 1962ع وارو -آئين- ختم ڪيو ويو. -ايوب خان- استعيفيٰ ڏني ۽ يحيٰ خان ملڪ جو صدر ٿي ويو. 20 -اپريل- 1974ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ريحانه ۾ مدفون آهي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ايوب%D8%A7%D9%8A%D9%88%D8%A8%20%D8%AE%D8%A7%D9%8620خان</ref>
 
{{ڪچو}}
== حوالا ==
 
{{حوالا}}
 
{{ڪچو}}
 
[[زمرو:پاڪستاني جنرل]]
[[زمرو:شخصيتون]]