آغا تاج محمد خان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ھلڪيون درستگيون، ڳنڍڻا وڌا، زمرا وڌا
م بوٽ: چوريو جي درستي
سِٽَ 1:
تعليم دان، عالم ۽ اديب '''آغا تاج محمد خان''' 16 سيپٽمبر 1904ع ۾ تعلقي ۽ [[سکر ضلعو|ضلعي سکر]] جي ڳوٺ ’[[باگڙجي|باگڙجيءَ]]‘ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو عبدالمجيد خان هو. هن کي پهريائين [[قرآن|قرآن پاڪ]] جي تعليم ڏيارائي وئي، ۽ ڪجھ پارسي پڙهائي، پوءِ ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن سنڌيءَ جا پنج درجا پاس ڪيا. آغا تاج محمد والد جي طرفان نسلي طرح افغاني هو ۽ والده جي طرفان ايراني هو، تنهنڪري ابتدا کان وٺي سنڌي ۽ فارسي ٻولين سان رغبت هئس. آغا صاحب ثانوي تعليم سکر شهر جي ميونسپل اسڪول ۾ حاصل ڪئي. سال 1925ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. آغا تاج محمد بي. اي ۽ بي. ٽي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي. گرئجوئيشن 1929ع ۾ [[ڊي جي سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڪراچي|ڊي جي سنڌ ڪاليج]] ڪراچيءَ مان ڪيائين. ان عرصي ۾ [[سنڌ مدرستهمدرستہ الاسلام يونيورسٽي|سنڌ مدرسي]] ۾ استاد رهيو. 1932ع ۾ علي ڳڙھ مان بي. ٽي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مدرسي ۾ مستقل استاد مقرر ٿيو. لوڪل بورڊ جي ملازمت ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿيو ۽ ان کان پوءِ [[خيرپور رياست]] ۾ ڊائريڪٽر آف اسڪولس مقرر ٿيو. آغا تاج محمد پنهنجي وقت جو [[انگريزي ٻولي|انگريزيءَ]]، [[سنڌي ٻولي|سنڌيءَ]]، [[اردو]] ۽ [[فارسي ٻولي|فارسيءَ]] جو مشهور مقرر ليکيو ويندو هو. 1941ع ۾ حڪومت برطانيا طرفان کيس ”قيصر هند“ جو ميڊل مليو. 1945ع ۾ کيس ”خان صاحب“ جو لقب مليو. 1949ع ۾ کيس [[پاڪستان]] کي [[يونيسڪو]] ۾ متعارف ڪرائڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. 1948ع کان صوبائي اسڪائوٽ ڪمشنر رهيو. ابتدا کان ريڊڪراس سان واڳيل هو ۽ روٽري ڪلب جو ميمبر پڻ رهيو. 1953ع ۾ کيس ”جسٽس آف پيس“ جي لقب سان نوازيو ويو. ”ڀٽ شاهه ميموريل ڪائونسل“ ۽ ”شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ڪلچر سينٽر“ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو بنيادي ميمبر سيڪريٽري ۽ بنياد وجهندڙ هو ۽ آخري دم تائين ميمبر رهي خدمت ڪندو رهيو. 
 
[[سنڌ يونيورسٽي|سنڌ يونيورسٽيءَ]] کي قائم ۽ سگهارو ڪندڙن ۾ آغا صاحب جو نالو پڻ رھيو. پاڻ يونيورسٽي قائم ٿيڻ کان وٺي، سندس انتقال تائين پورا 12 سال يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار رهيو. سندس دور سنڌ يونيورسٽيءَ جو سونهري دور ليکيو ويندو آهي. 
 
آغا صاحب اديب، شاعر، ليکڪ، تعليمدان ۽ وڏو منتظم هو. سنڌي گرامر تي سندس ڪيترا ڪتاب لکيل آهن. هن [[شاھ عبداللطيف ڀٽائي|شاھ لطيف]] جي فن ۽ فڪر تي بہ مقالا لکيا آهن. سندس شمار انهن ٿورن اديبن ۽ تعليمي ماهرن ۾ ڪيو ويندو آهي، جن کي راڳ جي ڄاڻ هئي. آغا صاحب 10 آڪٽوبر 1959ع تي [[حيدرآبادحيدرآباد، سنڌ|حيدرآباد]] ۾ لاڏاڻو ڪيو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%BA%D8%A7%20%D8%AA%D8%A7%D8%AC%20%D9%85%D8%AD%D9%85%D8%AF%20%D8%AE%D8%A7%D9%86 آغا تاج محمد خان] [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]] (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، [[سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو|سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو]]، حيدرآباد، سنڌ.</ref>
 
== حوالا ==