انور پيرزادو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م بوٽ: چوريو جي درستي
سِٽَ 5:
هن 1955ع تائين پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مسلم اسڪول حاجي لعل بخش شيخ ۾ ورتائين جيڪو خليفو محمود ھلائيندو ھو، پوءِ اٽڪل 13 ڪلو ميٽر پنڌ يا -سائيڪل- تي وڃي گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري ۾ پڙهندو هو. 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. انور 1963ع کان 1968ع تائين، موجوده ڏوڪري تعلقي ۾، مھين جي دڙي اسڪول، -ٽڳڙ- -باغبان- (کچي کيڙا اسڪول)، حاجي مشوري اسڪول ۽ شيرمحمد جوڻيجي اسڪول ۾ پرائمري استاد ٿي رهيو. انور، ٽڳڙ, باغبان ۾ نوڪري دوران، ڳوٺ جي وڏيري سيد خادم حسين شاهه جي اوطاق ۾ رهندو هو. اُن وڏيرڪي ماحول جي مشاهدي جو اظهار اڳتي هلي هن هفتيوار ’برسات‘ ۾ ”وڏيري جي اوطاق مان“ عنوان سان لکيل ڪالمن ۾ ڪيو آهي.
 
انور 1969ع ۾ [[انگريزي ٻولي|انگريزي]] ادب ۾ ايم. اي ڪئي. ايم اي پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1970ع ۾ [[پاڪستان]] ايئرفورس ۾ پائلٽ آفيسر جي ٽريننگ لاءِ چونڊيو ويو، ڇهن مهينن جي ٽريننگ ڪري ڊيوٽيءَ تي چڙهڻ وارو هو ته مٿس ”فيلڊ ڪورٽ مارشل“ ۾ بغاوت جو ڪيس هلايو ويو ۽ کيس ست سال سخت پورهئي سان سزا ڏيئي پشاور سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو. انور جو ڏوهه اهو هو ته هن بنگلاديش خلاف آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي ۽ شيخ مجيب الرحمان کي ”20 صديءَ جو عظيم جنگجو“ قرار ڏنو هو.
 
فيلڊ ڪورٽ مارشل دوران ونگ ڪمانڊر ۽ ايئر وائيس مارشل يوسف خان کيس آزاد ڪرڻ جي سفارش ڪئي. اهڙيءَ طرح ستن مهينن جي قيد کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. انور لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جا دروازا بند ٿي چڪا هئا، تنهنڪري امرجليل جي سفارش سان کيس هلال پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. 1975ع ۾ هلال پاڪستان ڇڏي روسي سفارتخاني ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ بليٽن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1980ع ۾ روسي سفارتخاني بند ٿيڻ سبب، ان سال ئي ”ڊان“ اخبار جو لاڙڪاڻي جو عيوضي ۽ ”دي اسٽار“ سکر جو بيورو چيف ٿيو. ايم. آر. ڊي هلچل دوران هڪڙي خبر هلائڻ جي ڏوهه ۾ 6 مهينا سزا ڀوڳيائين. ان کان پوءِ جدا جدا اخبارن ”دي اسٽار“، ”عوامي آواز“، ”جاڳو“، ”سنڌ سجاڳ“، ”-برسات-“، ”سنڌ ٽربيون“ ۽ روزاني ”سچ“ سان لاڳاپيل رهيو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري ۽ سرگرم ڪارڪنن به رهيو.