محمد ايوب خان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م بوٽ: چوريو جي درستي
سِٽَ 2:
 
 
'''محمد ايوب خان''' 14 [[مئي]] 1907 تي صوبي [[سرحد]] جي ڳوٺ ريحانه ۾ ڄائو. [[رايل ملٽري ڪالج]] [[انگلينڊ|انگلستان]] مان فوجي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ فوج ۾ مختلف عهدن تي رهيو. 1951ع ۾ بري فوج جو پهريو [[پاڪستان|پاڪستاني]] ڪمانڊر انچيف ٿيو. 1954 ۾ [[محمد علي بوگره]] کيس [[وزارت دفاع]] جو اهم عهدو سونپيو. [[اسڪندر مرزا]] جڏهن 1958ع ۾ مارشل لا نافذ ڪئي ته چيف مارشل لا ايڊمنٽريٽر ايوب خان کي ڪيائين ۽ انهن ڏيهن ۾ پرامن فوجي انقلاب زريعي ملڪ جو واڳون سنڀاليون. [[آڪٽوبر]] 1959ع ۾ کيس اعليٰ ترين فوجي عهدو [[فيلڊ مارشل]] ڏنو ويو. ايوب خان [[مارچ]] 1962 ۾ نئون [[صدارتي آئين]] نافذ ڪيو. [[جنوري]] 1965ع ۾ نئين [[آئين]] تحت عام چونڊون ٿيون. ۽ ايوب خان [[مسلم ليگ]] جي صدر جي حيثيت سان [[فاطمه جيڻا]] کان وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي. 1965ع واري جنگ ۾ به ايوب خان [[پاڪستاني فوج]] جي اڳواڻي ڪئي. 1967ع ۾ سڀني سياسي پارٽين سندس حڪومت خلاف اتحاد ٺاهيو. هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪئي وئي ۽ نيٺ 25 [[مارچ]] [[1969]]ع تي ايوب خان ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي پاڻ استعفيٰ ڏئي ملڪ [[يحيٰ خان]] جي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ هو گهڻو وقت گهر ۾ ئي گذاريندو هو. هن پنهنجي [[سوانح عمري]] [[انگريزي ٻولي|انگريزي]] زبان ۾ لکي جنهن جو [[اردو]]ءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ايوب خان 1974ع ۾ دل ٽٽڻ سبب فوت ٿي ويو.
 
==تفصيل==