اجرڪ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Automated text replacement (-File: +فائل:)
م بوٽ: چوريو جي درستي
سِٽَ 1:
[[فائل:Ajrak.jpg|300px|thumb|اجرڪ]]
'''اجرڪ''' [[سنڌي ثقافت]] جي مکيہ سڃاڻپن مان ھڪ آھي جنھن کي عام طور تي رسمن ۽ ثقافتي موقعن تي [[سنڌي ماڻھو|سنڌين]] اوڍيو ويندو آھي. سنڌين پاران اجرڪ مھمانن کي سوکڙي طور ڏيڻ جو رواج پڻ تمام گھڻو عام آھي. ھي ھڪ سوٽي ڪپڙي جي چادر آھي جيڪا تمام خوبصورت ٿيندي آھي. آثارن ۽ اھڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو تہ [[سنڌ]] ۾ اجرڪ جي تياري ۽ استعمال قديم زماني کان ٿيندو اچي. [[موئنموهن جو دڙو|موئن جي دڙي]] مان مليل پروھت جي مورتي کي جيڪا چادر اوڍيل آھي اھو پڻ اجرڪ جو ھڪ قسم آھي جنھن جو ڍنگ ۽ ڊزائين بہ ھاڻوڪي ڪڪر واري اجرڪ سان ملندڙ آھي. ھڪ روايت مطابق، موئن جي دڙي جو پروھت روزانو صبح جو وھنجڻ بعد ھڪ نئين قسم جي چادر اوڍيندو ھو، ھڪ ڏينھن پائڻ لاءِ کيس اجرڪ ملي جيڪا کيس بيحد وڻي، ٻئي ڏينھن جڏھن سندس ٻانھو اجرڪ کڻڻ آيو تہ پروھت کيس چيو تہ ”اڄ رک“ يعني ھو اڄ بہ اھا ئي چادر پائڻ چاھي ٿو، ان ”اڄ رک“ واري جملي مان ڦري ھن تي اجرڪ نالو پئجي ويو. عربن اجرڪ کي ازرق جي نالي سان سڏيو آھي. ازرق جي معنيٰ آھي نيرو رنگ. اھو بہ چيو ويندو آھي تہ ٻنھي جھانن جي سردار حضرت [[محمد]] <sup>صلي الله عليه وسلم</sup> جن پڻ اجرڪ اوڍيندا ھئا.
 
[[فائل:Cast of the Priest.jpg|thumb|موهن جي دڙي مان لڌل مجسمي تي اجرڪ جهڙي گلڪاري ٿيل آهي]]
سِٽَ 10:
[[فائل:Ajrak Craft Natural dye products.jpeg|thumb|250px|centre|اجرڪ جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ قدرتي رنگ]]
 
اجرڪ جي تياري ۽ ڇرائي سنڌ جو خاص ھنر آھي. ان جي تياري ۾ وڏي محنت ۽ مھارت جي ضرورت آھي. ان جو اندازو انھي مان لڳائي سگھجي ٿو تہ اجرڪ چوڏھن مختلف مرحلن مان گذري مڪمل ٿئي ٿي. اجرڪ جي ڇرائي جا وري پنج مختلف مرحلا آھن، ھر مرحلي ۾ مختلف قسم ۽ رنگن جا پور يا ٺپا لڳندا آھن ۽ ھڪ اجرڪ جي مڪمل ٿيڻ تائين اٽڪل پنجويھ سوَ ڀيرا پور يا ٺپا لڳن ٿا. انھيءَ کان سواءِ اجرڪ جي تياري ۾ اٽڪل سورھن مصالحا استعمال ٿين ٿا. ڊيزائن ۽ رنگ جي لحاظ کان اجرڪ جا قسم ڏھن کان مٿي آھن، انھن جا نالا بہ الڳ الڳ آھن. اجرڪ گھڻو ڪري لاڙ وارن شھرن ۾ ٺھي ٿي جھڙوڪ [[نصرپور]]، [[ٽنڊو محمد خان]]، [[کيبر]]، [[سيکاٽ]]، [[مٽياري]]، [[هالا|ھالا]]، [[ڀٽ شاھ]]، [[ماتلي]] ۽ اتر واري حصي ۾ [[سکر]] ۾ اجرڪ ٺھي ٿي. اڳي [[ٽکڙ]] ۽ [[مانجهند|مانجھند]] ۾ بہ اجرڪ ٺھندي ھئي پري اھي مرڪز ڪڏھوڪو بند ٿي ويا آھن. رنگن جي لحاظ کان ھڪ اجرڪ جا گھڻو ڪري چار رنگ ٿيندا آھن. اڇو، ڪارو، ڳاڙھو ۽ نيرو. ڪن اجرڪن ۾ نيرو يا ڪارو رنگ نه ھوندو آھي تہ اھا اجرڪ ٽن رنگن واري ٿيندي آھي. نيرو ۽ ڳاڙھو رنگ ڪڏھن ھلڪو ھوندو آھي تہ ڪڏھن وري تيز ان ڪري ڳاڙھو رنگ ڪڏھن ناسي ٿي ويندو آھي. اجرڪ جي زمين يا تر جو رنگ ڳاڙھو يا نيرو ھوندو آھي، ليڪا ۽ چٽ ڪارا ھوندا آھن ۽ ڦلڙيون يعني گلڪاري اڇي ھوندي آھي. سموري اجرڪ ھٿ جي محنت سان تيار ٿيندي آھي.
 
هندستان جي ورهاڱي کان پهرين اجرڪ تمام گهڻي تعداد ۾ ٺهندي هئي. ان وقت ملاڪاتيار، سعيدپور، تلهار، ٽنڊي محمد خان، ٻهڊمي، بدين، خانپور، ٽِکڙ ۽ ڏندي ۾ اجرڪ جو ڪم ٿيندو هو. ٺٽي ۾ تہ اڍائي ٽي سئو کن ڪارخانا هوندا هئا. سجاول، ميرپور بٺوري، مٽياريءَ، سهتن، ڀٽ شاھ، ٽنڊي آدم، ٽنڊي فضل ۽ هوسڙيءَ ۾ اهو ڪم تمام گهڻو ٿيندو هو. هن وقت مٽياري ۽ ٽنڊو محمد خان ٻہ اهم مرڪز باقي وڃي رهيا آهن. ان کان سواءِ ڀٽ شاھ ۽ سهتا ۾ بہ ڪم ٿئي ٿو. کيبر، سيکاٽ ۽ سعيدپور ۾ بہ هڪ اڌ ڪارخانو آهي. ماتليءَ ۾ پنج ڪارخانا ڪم ڪن پيا. ان کان سواءِ وَسِي ملوڪ شاھ، ڀينڊي شريف، سن، سکر، هالا ۽ ٺٽي ۾ بہ اجرڪ سازيءَ جو ڪم ٿي رهيو آهي. مٿين علائقن ۾ اجرڪ جي ٻنهين پاسي ڇُر وارو ڪم ٿئي ٿو. هندستان جي علائقن: بيڪانير، سوجت، چاڻوت ۽ داليءَ وارن علائقن ۾ بہ هن وقت اجرڪ جو ڪم جاري آهي، پر اتي ڪچي رنگ وارو ڪم ٿئي ٿو، جيئن مٺيءَ، ڏيپلي، ڇاڇري، ننگرپارڪر ۽ ٿر جي ٻين علائقن ۾ ٿئي ٿو. ڪنهن وقت ۾ دادو ضلعي جي ’مانجهند‘ شهر ۾ بہ هڪ پُڙيون اجرڪون ڇُربيون هيون، پر هاڻي اتي اُهو ڪم بنھ ڪونہ ٿئي. اجرڪ جو ڪم درياهن، ندين ۽ واهن جي ڪنارن ۽ ٿوريءَ سخت هوا وارن علائقن ۾ ٿيندو آهي.