اجرڪ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ترتيب ڏني
م Bot: Automated text replacement (-File: +فائل:)
سِٽَ 1:
[[Fileفائل:Ajrak.jpg|300px|thumb|اجرڪ]]
'''اجرڪ''' [[سنڌي ثقافت]] جي مکيہ سڃاڻپن مان ھڪ آھي جنھن کي عام طور تي رسمن ۽ ثقافتي موقعن تي [[سنڌي ماڻھو|سنڌين]] اوڍيو ويندو آھي. سنڌين پاران اجرڪ مھمانن کي سوکڙي طور ڏيڻ جو رواج پڻ تمام گھڻو عام آھي. ھي ھڪ سوٽي ڪپڙي جي چادر آھي جيڪا تمام خوبصورت ٿيندي آھي. آثارن ۽ اھڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو تہ [[سنڌ]] ۾ اجرڪ جي تياري ۽ استعمال قديم زماني کان ٿيندو اچي. [[موئن جو دڙو|موئن جي دڙي]] مان مليل پروھت جي مورتي کي جيڪا چادر اوڍيل آھي اھو پڻ اجرڪ جو ھڪ قسم آھي جنھن جو ڍنگ ۽ ڊزائين بہ ھاڻوڪي ڪڪر واري اجرڪ سان ملندڙ آھي. ھڪ روايت مطابق، موئن جي دڙي جو پروھت روزانو صبح جو وھنجڻ بعد ھڪ نئين قسم جي چادر اوڍيندو ھو، ھڪ ڏينھن پائڻ لاءِ کيس اجرڪ ملي جيڪا کيس بيحد وڻي، ٻئي ڏينھن جڏھن سندس ٻانھو اجرڪ کڻڻ آيو تہ پروھت کيس چيو تہ ”اڄ رک“ يعني ھو اڄ بہ اھا ئي چادر پائڻ چاھي ٿو، ان ”اڄ رک“ واري جملي مان ڦري ھن تي اجرڪ نالو پئجي ويو. عربن اجرڪ کي ازرق جي نالي سان سڏيو آھي. ازرق جي معنيٰ آھي نيرو رنگ. اھو بہ چيو ويندو آھي تہ ٻنھي جھانن جي سردار حضرت [[محمد]] <sup>صلي الله عليه وسلم</sup> جن پڻ اجرڪ اوڍيندا ھئا.
 
[[Fileفائل:Cast of the Priest.jpg|thumb|موهن جي دڙي مان لڌل مجسمي تي اجرڪ جهڙي گلڪاري ٿيل آهي]]
 
== تياري ==
سِٽَ 8:
اجرڪ 16 مختلف مرحلن مان گذري تيار ٿيندي آهي. پهرين ڪپڙو ورتو وڃي ٿو، ان بعد ڪپڙي جا پنج پنج ميٽر جا ٽڪرا ڦاڙي سوڍا کار ۾ ٻوڙو ڏيئي، کنڀ چاڙهيو ويندو آهي. ان بعد ڪپڙي کي لاهي کنڀ کي ڌوتو ويندو آهي. بعد ۾ ان ۾ ساجُهه وجهبو آهي. ساجھ ۾ صابڻ، کارو تيل ۽ هيرڻ جو تيل استعمال ٿيندو آهي. ان کان پوءِ ساجهه ڌوئڻ جو مرحلو ايندو آهي. ان بعد ’ڪسائيءَ‘ جو مرحلو آهي، جنهن ۾ صابڻ، هيرڻ جي تيل ۽ سڪل ليمن مان هڪ محلول ٺاهيو ويندو آهي. ان بعد اجرڪ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ ايندي آهي. پهرئين مرحلي ۾ اصل جي ڇُرَ ٿيندي آهي. ان بعد ’ڪٽ‘ جو مرحلو ايندو آهي. تنهن کان پوءِ ’کڙ‘ جو ڪم ٿئي ٿو. اُن بعد پڙو ڪُنِ ۾ ٻوڙبو آهي. ڪُن ۾ ٻوڙڻ بعد اها اجرڪ وري ڇرجڻ ويندي آهي، جنهن کان پوءِ ان کي رڱيو ويندو آهي. رڱڻ کان پوءِ مَنهڻ جو مرحلو اچي ٿو، ان بعد مينا جو ڪم ٿيندو آهي. مينا جي مرحلي دوران وري مٿس ڇُر ٿيندي آهي. آخر ۾ ان کي انڊيگو (گُليءَ) ۾ ٻوڙيو ويندو آهي، جنهن بعد وڃي اجرڪ تيار ٿيندي آهي. 5 ميٽرن واريءَ اجرڪ تي 5 هزار 9 سئو دفعا ٻنهي پاسن کان رڳو ٺپا هنيا وڃن ٿا. اجرڪ جي رزلٽ لاءِ 28، 30 ڏينهن انتظار ڪرڻو پوي ٿو. هيءُ تمام ڏکيو هنر آهي.
 
[[Fileفائل:Ajrak Craft Natural dye products.jpeg|thumb|250px|centre|اجرڪ جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ قدرتي رنگ]]
 
اجرڪ جي تياري ۽ ڇرائي سنڌ جو خاص ھنر آھي. ان جي تياري ۾ وڏي محنت ۽ مھارت جي ضرورت آھي. ان جو اندازو انھي مان لڳائي سگھجي ٿو تہ اجرڪ چوڏھن مختلف مرحلن مان گذري مڪمل ٿئي ٿي. اجرڪ جي ڇرائي جا وري پنج مختلف مرحلا آھن، ھر مرحلي ۾ مختلف قسم ۽ رنگن جا پور يا ٺپا لڳندا آھن ۽ ھڪ اجرڪ جي مڪمل ٿيڻ تائين اٽڪل پنجويھ سوَ ڀيرا پور يا ٺپا لڳن ٿا. انھيءَ کان سواءِ اجرڪ جي تياري ۾ اٽڪل سورھن مصالحا استعمال ٿين ٿا. ڊيزائن ۽ رنگ جي لحاظ کان اجرڪ جا قسم ڏھن کان مٿي آھن، انھن جا نالا بہ الڳ الڳ آھن. اجرڪ گھڻو ڪري لاڙ وارن شھرن ۾ ٺھي ٿي جھڙوڪ [[نصرپور]]، [[ٽنڊو محمد خان]]، [[کيبر]]، [[سيکاٽ]]، [[مٽياري]]، [[هالا|ھالا]]، [[ڀٽ شاھ]]، [[ماتلي]] ۽ اتر واري حصي ۾ [[سکر]] ۾ اجرڪ ٺھي ٿي. اڳي [[ٽکڙ]] ۽ [[مانجھند]] ۾ بہ اجرڪ ٺھندي ھئي پري اھي مرڪز ڪڏھوڪو بند ٿي ويا آھن. رنگن جي لحاظ کان ھڪ اجرڪ جا گھڻو ڪري چار رنگ ٿيندا آھن. اڇو، ڪارو، ڳاڙھو ۽ نيرو. ڪن اجرڪن ۾ نيرو يا ڪارو رنگ نه ھوندو آھي تہ اھا اجرڪ ٽن رنگن واري ٿيندي آھي. نيرو ۽ ڳاڙھو رنگ ڪڏھن ھلڪو ھوندو آھي تہ ڪڏھن وري تيز ان ڪري ڳاڙھو رنگ ڪڏھن ناسي ٿي ويندو آھي. اجرڪ جي زمين يا تر جو رنگ ڳاڙھو يا نيرو ھوندو آھي، ليڪا ۽ چٽ ڪارا ھوندا آھن ۽ ڦلڙيون يعني گلڪاري اڇي ھوندي آھي. سموري اجرڪ ھٿ جي محنت سان تيار ٿيندي آھي.
سِٽَ 29:
هاڻوڪي دؤر ۾ جيڪي اجرڪون تيار ٿين ٿيون، انهن جا ٻہ قسم آهن: هڪ اها اجرڪ، جيڪا روايتي انداز ۾ تيار ڪئي وڃي ٿي، جنهن تي ’ڇر‘ جو ڪم ٿيندو آهي ۽ اها مختلف مرحلن مان گذرندي لڳ ڀڳ مهيني کن ۾ تيار ٿئي ٿي. ٻي اجرڪ، جيڪا مارڪيٽ ۾ دستياب آهي، اها مشينن تي ٺهندي آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ پنج سئو کان هزار جي تعداد ۾ تيار ٿئي ٿي. اجرڪ هڪ شيءِ جو نالو ڪونهي، پر اها رڱاوت، جيڪا محنت ۾ ٺهي، ان کي ’اجرڪ‘ چيو وڃي ٿو. انهيءَ ۾ ٻانڌڻا، بگ، ملير، جُهميون، چُنيون، لسا بہ آهن، جيڪي اجرڪن جا مختلف نمونا آهن.
 
[[Fileفائل:Institute of Sindhology Jamshoro - panoramio (57).jpg|thumb|left|upright=2|سنڌالاجي ڄامشورو ۾ رکيل اجرڪ جا نمونا]]
 
== استعمال ==
سِٽَ 40:
 
== ٻيا استعمال ==
[[Fileفائل:Ajrak Craft.jpeg|thumb|300px|left|اجرڪ نموني جي ٻٽي بستري لاءِ چادر]]
موجوده دور ۾ اجرڪ مان ٽايون، شرٽون، اسڪرٽ، پڙا، زنانا چولا ۽ سلوارون وغيره ٺاھيون وڃن ٿيون، ان کان سواءِ درن ۽ درين جا پردا، ڪشن ڪور، وھاڻن جا پوش، ميز پوش بہ اجرڪ مان ٺاھجن ٿا جيڪي تمام گھڻي سونھن ڪن ٿا. اجرڪ جي مقبوليت جو اندازو ان مان بہ لڳائي سگھجي ٿو تہ اڄڪلھ ڪارخانن ۾ بہ اجرڪ جي ڊزائين تي ڪپڙن جا تاڪيا تيار ڪيا وڃن ٿا، انھي ۾ ريشمي ۽ سنھو ڪپڙو بہ اچي وڃي ٿو.