گنگا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م Bot: Automated text replacement (-File: +فائل:)
سِٽَ 88:
 
هيءَ ندي اترکنڊ (Uttarakhand) رياست جي هماليا جبلن مان شروع ٿئي ٿي. هيءَ ندي ان هنڌ ڪيلاش پربت جي مانسرور ڍنڍ جي مور منهن (Peacock) مان نڪري ٿي. هندو ڌرم جي ماڻهن جو عقيدو آهي ته ڪيلاش پربت تي شِو مهاديو رهي ٿو ۽ گنگا ان جي چتائن (وارن) مان وهي اچي هيٺ پهچي ٿي. هن کي آسمان جي ندي به چئجي ٿو. هن نديءَ جو جِتان جتان به وهڪرو آهي، اتي ڪيترا اشنان گهاٽ آهن، جِتي لکن جي تعداد ۾ هندو ياتري اچي شنان ڪري پنهنجا پاپ ڌوئين ٿا. بنارس يا ورانسي، هردوار ۽ الهه آباد جهڙن شهرن جو مانُ به گنگا ندي جي ڪري آهي، جنهن کي هندو ڌرم جا ماڻهو پوڄا جي حد تائين پيار ڪن ٿا.</big>
[[Fileفائل:Pilgrims sitting at the ghats, Har ki Pauri, Haridwar.jpg|right|thumb|text|200px|Pilgrims sitting at the Asthi Pravaha Ghat, [[Har ki Pauri]], [[Haridwar]]]]
 
[[Fileفائل:Devprayag - Confluence of Bhagirathi and Alaknanda.JPG|thumb|200px|[[Devprayag]], confluence of Alaknanda (right) and Bhagirathi (left) rivers, beginning of the Ganges proper.]]
<big>گنگا انڊيا جي اترئين رياست اترکنڊ کان شروع ٿئي ٿي. گنگا ندي ٻن ندين '''الاڪانندا''' (Alaknanda) ۽ '''ڀاڳراٿي''' (Bhagirathi) ندين جي ميلاپ جو نتيجو آهي. اهي نديون جتي ملن ٿيون ان هنڌ جو نالو '''ديو پرياگ''' (Devprayag) آهي. '''پرياگ''' هندي يا سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جي معنا ئي ”ميلاپ“ آهي. ان ڪري انڊيا جي حڪومت الهه آباد شهر جو نئون نالو پرياگ (Prayag) رکيو آهي، جِتي جمنا (Yamuna) ۽ گنگا (Ganga) ندين جو ميلاپ ٿئي ٿو. هماليا جبلن جي ڪجهه چوٽين، جهڙوڪ نندا ديوي، ترشول ۽ ڪميت وغيرهه تان جيڪا برف ڳري ٿي ته اها الاڪانندا ندي ٺاهي ٿي ۽ '''گائومُک''' وٽان جيڪا برف '''گنگوتري''' گليشئر ٺاهي ٿي، اهو گليشئر وٽڙي ڀ'''اڳراٿي ندي''' ٺاهي ٿو. '''گائومک جبل''' جي چوٽي 13 هزار فٽن جي مٿاهئين تي آهي. ائين جبلن تي وسيل برف پاڻي ٿي ٻن ندين ذريعي '''ديو پرياگ''' شهر وٽ گڏ ٿي '''گنگا''' نالي هڪ اڪيلي ندي ٿي پنهنجو سفر شروع ڪري ٿي. ديو پرياگ به ڪافي اتاهين يا مٿاهئين تي آهي جِتان گنگا ندي رفتارَ سان مختلف جبلن تان ڍرڪندي 250 کن ڪلوميٽرن (160 ميلن) جو سفر طي ڪري '''رشي ڪيش''' وٽ آخري جبلن ۽ اتاهين تان نڪري ميداني پٽن تي لهي ٿي. ان هنڌ تي '''هردوار''' شهر آهي، جيڪو پڻ هندو ڌرم جي ماڻهن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. هردوار کانپوءِ هن نديءَ تي ڊئم ٺاهي، سندس ڪجهه پاڻيءَ کي ڪئنالن ذريعي اتر پرديش جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ٿو. هردوار، رشي ڪيش ۽ ديو پرياگ شهر رياست اترکنڊ ۾ آهن، هيءَ رياست اتر ۾ [[چين]] (China) سان مليل آهي. ٽئي شهر ڏسڻ وٽان آهن. اتاهين تي هجڻ ڪري ديو پرياگ ۽ رشي ڪيش ۾ اونهاري ۾ به ٿڌڪار رهي ٿي. ٻنهي شهرن ۾ ساوڪ ۽ قدرتي خوبصورتيءَ کان کان سواءِ ڪيترائي مندر ۽ گهاٽ پڻ آهن. هِتي انگريزن جي ڏينهن يعني 1939ع جي هڪ 450 فٽ ڊگهي سسپينشن (suspension) برج پڻ آهي، جيڪا لڇمڻ جو پينگهو (لڇمڻ جھولا) پڻ سڏجي ٿي. هردوار کانپوءِ گنگا ندي 800 ڪلوميٽرن يا 500 کن ميلن جي فاصلي کان پوءِ هندستان جي اهم شهر الهه آباد يا پرياگ ۾ پهچي ٿي، جِتي هن نديءَ تي کمڀ ميلو (Kumbh Mela) به لڳي ٿو. هِتي انڊيا جي ٻي اهم ندي جمنا جيڪا هاڻ يمنا سڏجي ٿي، گنگا سان ملي ٿي ۽ گنگا جو پاڻي ٻيڻو ٿيو وڃي. الهه آباد پهچڻ کان اڳ گنگا ندي ڪجهه اهم شهرن فرخ آباد، قنوج ۽ ڪانپور وٽان به لنگهي ٿي. رستي تي ٻيون به ڪجهه ننڍيون ننڍيون نديون رام گنگا جهڙيون ملن ٿيون.</big>