ڳجهارت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م صفائي, replaced: category: ← زمرو: (3) using AWB
م Bot: Automated text replacement (-File: +فائل:)
سِٽَ 1:
[[Fileفائل:Attic red-figure pelike, Oedipus solves the riddle of the Sphinx and frees Thebes, by the Achilleus painter, 450-440 BC, Altes Museum Berlin (13718779634).jpg|thumb|پينٽنگ جي تصوير ۾ [[اوڊيپس]] [[اسفنڪس]] جي ڳجھارت ڀڃي [[ٿيبز]] کي آزاد ڪرائيندي ڏيکاريل]]
 
'''ڳجهارت'''{{ٻيا نالا|انگريزي=Riddle}} لفظ سنسڪرت جي لفظ “ڳھه” ارٿ مان نڪتل اھي. جنهن جي معنيٰ ڳجهو يا اونهو مطلب آهي. يعني تمام اونھي مطلب واري حقيقت، جنھن ۾ ڪو راز رکيل ھجي. ”ڳجھارت“ پروليءَ جو ھڪ ڳوڙھو نمونو اھي، جنھن کي ڀڃڻ لاءِ پختن خيالن ۽ عمدن دليلن جي ضرورت اھي. جيتوڻيڪ کجھارت جو سنگ بنياد پروليءَ تي ئي اھي، پر سٽاءَ جي لحاظ کان ٻنھي ۾ فرق اھي. پرولي ڀڃڻ لاءِ ٿورو اشارو مليل ھوندو آھي، پر ڳجھارت ۾ حافظي ۽ ڄاڻ کي وڏو دخل آهي. بي سري ڳجهارت کي سگهڙ اهميت نه ڏيندا آهن، پر سُريلي يا سُر واري ڳجهارت کي مڃيو ويندو آهي. ڳجهارت پائي سان بند سان ڀڄندي آهي. ان ۾ مذڪر ۽ مونث کي نرنان ۽ نار چئبو اھي. سگھڙ عبدالغکور منگيءَ جي ھڪ کجھارت جو مثال ڏجي ٿو: ڏيڻي: '''ولايت جي شھر ۾، نالي اکواڻ سان، ا جي ۾، مردن جي ڪئي'''! ھيءَ ڳجھارت ڇھن پاون جي اھي، جي هن ريت آهن: (1) ولايت: ترڪي، (2)شھر: استنبول، (3) نالو: نبي بخش، (4) اڳواڻ: پيش امام، (5) ا جي: مسجد، (6) مردن جي: ڪچھري. ڀڃڻي: ترڪيءَ جي شھر [[استنبول]] ۾ نبي بخش، مسجد جي پيش امام سان ڪچھري ڪئي.