ابن بطوطا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م صفائي using AWB
م Bot: Automated text replacement (-File: +فائل:)
سِٽَ 22:
سنڌ جي سرزمين تي صدين کان وٺي سياح، مورخ، جاگرافيدان، واپاري ۽ مختلف نمونن سان قسمت آزمائي ڪندڙ ماڻهو ايندا رهيا آهن، انهن مان ڪيترن پنهنجن سفرنامن ۽ مختلف تجربن کي لکيت ۾ پڻ آندو آهي، جنهن ۾ هنن پنهنجي پنهنجي دور ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، شهرن ۽ ماڻهن بابت انتهائي اهم معلومات ڏني آهي. اهڙا واقعا اسان کي سنڌ جي تاريخ متعلق جيڪا معلومات مهيا ڪن ٿا، اها ڪنهن ٻئي ذريعي سان ملڻ محال آهي. سنڌ جي تاريخ بابت اهڙيون ئي ڪجهه شاهديون اسان کي اٺين صدي هجري جي شروعات ۾ سنڌ ۾ ايندڙ هڪ عرب سياح ابن بطوطه جي لکيل سفرنامي مان ملن ٿيون:
ابن بطوطه جو پورو نالو محمد بن عبدالله هو. پاڻ 24 فيبروري 1304ع/17 رجب 703هه سومر جي ڏينهن، مراڪش جي شهر طنجه ۾ ڄائو هو. ابن بطوطه سندس خانداني لقب هو، اهو خاندان مراڪش ۾ اڃا به موجود آهي. ابن بطوطه جڏهن پنهنجي سفر جي پڄاڻي ڪري 755هه ۾ وطن واپس وريو ته کيس اتي هڪ شهر ۾ قاضيءَ جو عهدو ڏنو ويو، جيڪا سندس خانداني ڪِرت هئي،
[[Fileفائل:TumbaIbnBatuta.jpg|thumb|right|مراڪش جي طنجہ شھر ۾ ابن بطوطہ جو گھر جتي ان جي قبر بہ ھجي تہ عجب ناھي]]
جتي هن سن 68- 1369ع/ 70- 771هه ۾ وفات ڪئي. هن پنهنجو سفر ٻاويهن سالن جي عمر يعني سنه 1326ع / 726هه ۾ شروع ڪيو. اٺن سالن جي سير ۽ سفر کان پوءِ ابن طوطه ٽيهن سالن جي عمر ۾ ڪابل کان هلي اچي پهرين محرم 734هه/ ٻارهين سيپٽمبر 1333ع آچر جي ڏينهن سنڌو درياهه تي پهتو. ابن بطوطه جي سفرنامي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو بولان لڪ بلوچستان مان لنگهي ڪاهان کان ٿيندو، جيڪب آباد ضلعي مان ڪٿان اچي سنڌ ۾ داخل ٿيو هوندو.