ائنا اخمتووا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م صفائي using AWB
م Bot: Automated text replacement (-File: +فائل:)
سِٽَ 34:
پيٽرسبرگ موٽي هن تمام سنجيدگيءَ سان نظم لکيا، جيتوڻيڪ هن جي مڙس کي هن جي ڏات جي -باري- ۾ پڪ نه هئي ۽ هن کي ان لاءِ [[آماده|راضي]] ڪندو رهيو ته هو بئلي ڊانسر ٿئي. هن جڏهن شاعر انينسڪيءَ کي هن جي موت [[بعد|کانپوءِ]] پڙهيو ته هن کي محسوس ٿيو ته کيس پنهنجو آواز ملي چڪو آهي. اَنينسڪي هڪ علامت پسند هو، پر ٻين علامت پسند شاعرن کان مختلف هو، جيڪي چوندا هئا ته هاڻي ۽ هتي غير حقيقي آهن، هر شيءِ ناس ٿيڻي آهي. خود اليگزينڊر بلاڪ جي تصور کي به اهڙيون حالتون گرمائينديون هيون، جي قيامت وانگر اچڻيون هيون. 1910ع ۾ اهڙي تحريڪ پنهنجي تخليق ۾ سلسليوار نه رهي ۽ 1912ع ۾ ٻه گروپ پيدا ٿيا، -جن- کي فيوچرسٽ ۽ ائڪميسٽ چيو ويندو هو . پهرين جو ليڊر ماياڪووسڪي هو، جيڪو علامت پسنديءَ جو وڏو مخالف هو ۽ عام رواجي -ٻولي- شاعريءَ ۾ ڪم آڻيندو هو ۽ جنهن هر قسم جي تصور کي رد ڪري ڇڏيو. ائڪميزم جو وڏي ۾ وڏو شاعر آسپ ميڊالسٽام هو ۽ ان به علامت پسنديءَ جي مخالفت ڪئي. اخمتووا ميڊالسٽام جي دوست به هئي ۽ هن کان ڪافي متاثر به هئي. هن جي مڙس گوميلاف هڪڙو جدا شاعرن ۽ اديبن جو گروهه ٺاهيو. ميڊالسٽام اخمتووا جي پهرئين جلد تي مهاڳ لکيو. 1911ع ۾ اخمتووا اٽليءَ، جنيوا، فلارنس، وينس ۽ ٻيا شهر ڏٺا ۽ اطالوي مصوريءَ ۽ تعمير جي فن کان ڪافي متاثر ٿي. 1917ع ۾ اخمتووا ائين سمجھيو ته روس خودڪشي ڪئي آهي ۽ روسي چرچ جي بازنطيني روح کي الوداع ڪئي آهي. هن پوءِ ڪجهه ڪتاب لکيا ۽ ميڊالسٽام جي زال ناديزدا جي گهري ساهيڙي ٿي وئي، جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ته ان ۾ گوميلاف شريڪ ٿي، فرانس ويو ۽ آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ موٽيو. 1918ع ۾ ائنا اخمتوا کي طلاق ڏنائين. ان کان پوءِ هن جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال موجود نه آهي، پر هوءَ ميڊالسٽام سان گڏ لينن گراڊ ۾ گھمندي هئي ۽ آرٽ اڪيڊميءَ ۾ وقت گذارڻ کان سواءِ هن کي پنهنجي شاعري پڙهي ٻڌائيندي هئي. هن لينن گراڊ ۾ تمام تڪليف ڏيندڙ وقت گذاريو ۽ ٻي جنگِ عظيم ۾ ته گھڻا سور سَٺا، جن جي عڪاسي شاعريءَ ۾ ڪئي اٿائين. 1921ع ۾ هن جي اڳين مڙس گوميلاف کي بالشيوڪن گولي هڻي ماري ڇڏيو، جن شاعرن ۽ دانشورن کي ڪافي ڇرڪايو. 1923ع کان 1940ع تائين سندس ڪا به تخليق منظرِ عام تي نه آئي، ڇو ته سينٽرل ڪاميٽيءَ اهڙو ٺهراءُ بحال ڪيو هو ته هن جي ڪابه شيءِ ڇپائيءَ هيٺ اچڻ نه کپي، جڏهن سوويت يونين جا نازي جرمنيءَ سان واسطا چڱا هئا ته اخمتووا مقبوضه پئرس ۽ بمباريءَ هيٺان لنڊن ڏانهن پنهنجو توجهه ڪيو ۽ 1940ع ۾ هن جيڪو نظم لکيو، اهو روس ۾ ڇپجي نه سگھيو. اهو هڪ نهايت دردناڪ نظم آهي.
 
[[Fileفائل:Anna Akhmatova 1913-1914 by Savely Sorin.jpg|thumb|Anna Akhmatova in 1914]]
41-1942ع ۾ هوءَ بار بار دوستو وسڪي پڙهندي رهي، جنهن جي مطالعي جو اثر سندس شاعريءَ تي آهي. دوستو وسڪيءَ ۾ ايندڙ تباهيءَ جون اڳڪٿيون هيون. جڏهن لينن گراڊ جو گھيراءُ ٿيو، تڏهن هن پهريون سيارو نهايت سرديءَ ۾ گذاريو ۽ ان کان پوءِ کيس -تاشقند- هوائي جهاز ۾ نيو ويو، جتي هوءَ اڍائي سال رهي ۽ پنهنجو منتخب ڪلام ڇپايائين، جو يڪدم وڪامي ويو. ڪيترن ئي روسين لاءِ هوءَ روس جو آواز هئي، پر اسٽالن هن جو مخالف هو ۽ هن جي جنهن تقريب ۾ عزت افزائي ڪئي وئي هئي، -ان- تي اعتراض ڪيو هئائين. جنگ جي خاتمي کان پوءِ هن اشاعت لاءِ پنهنجا نوٽ لکيا، سوويت ادبي حلقي وٽ پيش ڪيا ۽ هن جي ڪليات جي ڇپائيءَ جو اعلان ڪيو ويو، پر اها هن جي شاعريءَ وانگر نه ڇپجي سگھي، جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته -ان- جا پروف به پڙهيا ويا هئا. 14 آگسٽ 1946ع ۾ پارٽيءَ جي مرڪزيءَ ڪاميٽيءَ هن کي روسي اديبن جي انجمن مان خارج ڪيو ۽ هن جي ڪتابن جي [[اشاعت|ڇپائي]] تي [[بندش|جهل]] وڌي وئي، جا 1953ع ۾ [[جوزف اسٽالن]] جي موت تائين رهي. گھر جي تلاشيءَ جي ڀَوَ کان هن ڪيتري شاعري ۽ نثر جلائي ڇڏيو هو، هن جي پٽ کي 3 ڀيرا پهريائين قيد ڪيو ويو هو. هن پارٽيءَ جي بندش خلاف پنهنجو ردِ عمل نه ڏيکاريو، ڇاڪاڻ جو اڳ ئي -اسٽالن-، مينڊالسٽام کي مارائي ڇڏيو هو. هوءَ حالتن کان گھٻرائي خاموش ٿي وئي ۽ 1950ع ۾ مري وئي.
[[Fileفائل:Anna Ahmatova's grave.jpg|thumb|ائنا اخمتووا جي ڪوماروف، سينٽ پيٽرز برگ ۾ آخري آرامگاھ]]
سنڌ جي عظيم شاعر [[شيخ اياز]] هن جي شعرن کان [[ڪافي|گهڻو]] متاثر هو، کيس دنيا ۾ جيڪي 5-6 وڏيون شاعرائون ٿيون آهن، تن مان هڪ مڃيندو هو.<ref>[[شيخ اياز]] جي ڪتاب ’ڪتين ڪر موڙيا جڏهن‘ ڀاڱي ٻئي تان ورتل.</ref>