زيب النساء بيگم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
م Bot: Automated text replacement (-File: +فائل:)
سِٽَ 25:
دوستي با دشمنِ آل پيمبر چون ڪنم،
من کہ لافِ دوستي با آلِ حيدر ميکنم.
[[Fileفائل:Sarkar abanindranath-zeb-un-nissa.jpg|thumb|right|Painting of Zeb-un-Nissa by [[Abanindranath Tagore]].]]
هوءَ طبعيت ۾ رحم واري، بردبار ۽ چڱي اخلاق واري هئي. هميشہ خوش مزاج ۽ کلڻي هوندي هئي. سندس مهرباني ڏسي، شاعر ته ساڻس گستاخي به ڪندا هئا، جي کيس برقعي سان باغ ۾ سير ڪندي يا ٻين هنڌن تي ڏسندا هئا، ۽ ڳالهائيندا به هئا.
زيب النساء کي آزادي ايتريقدر پسند هئي، جو هن شاديءَ جو اصل خيال ڪونه ڪيو. بلڪ دنيا ئي عيش عشرت ۽ نفساني لذتن کان نفرت ڪندي هئي. ڪي چون ٿا ته سندس پيءُ بادشاهه، دارا شڪوه جي پٽ سان سندس مڱڻو ڪيو هو، پر جڏهن انهيءَ کي بادشاهه مارائي ڇڏيو، تڏهن زيب النساء ڏک کان شاديءَ جو خيال لاهي ڇڏيو. ڪن ته هيئن به لکيو آهي_ جيتوڻيڪ اهو اعتبار جي لائق نه آهي _ ته بادشاهه جي وزير جو پٽ عاقل خان زيـــب الــــنساء تــي عاشـــق هــو، ۽ زيب النساء جي به ساڻس محبت هئي. هو لاهور جو ناظم هو. جڏهن بادشاهه، بيماريءَ سبب، سنه 1071هه (1660ع) ۾، هوا بدلائڻ لاءِ لاهور ويو، تڏهن هنن ٻنهي هڪٻئي کي ڏٺو، ۽ پسند ڪيو. موٽي دهليءَ وڃڻ کانپوءِ، زيب النساء پيءُ کان به هن سان شادي ڪرڻ جي رخصت گهري، ۽ انهيءَ ڪم لاءِ بادشاهه عاقل خان کي دهليءَ ۾ گهرايو، پر ڪن حاسدن عاقل خان کي شڪ وڌو ته توکي بادشاهه مارائڻ لاءِ گهرايو آهي، تنهن عذر ڪري جواب لکيو ته، شاديءَ کان ته مون کي معافي ملي، پر نوڪري به ڇڏيان ٿو. انهيءَ طرح، ڊپ ۾ نوڪري ڇڏي. هو لڪي دهليءَ آيو، جتي لڪڇپ ۾ زيب النساء سان ملاقات پيو ڪندو هو. جڏهن بادشاهه کي ڪن دشمنن انهيءَ جي خبر ٻڌائي. تڏهن بادشاهه جاسوس رکي هڪڙي ڏينهن باغ ۾ اچي نڪتو. هو ٻيئي باغ ۾ هئا. عاقل خان، ڊپ کان هڪڙي ديگ ۾ ڍڪ هيٺ لڪي ويهي رهيو. جڏهن بادشاهه کي انهي جي خبر پيئي، تڏهن ديگ جي هيٺان باهه ٻارايائين ۽ انهيءَ طرح هن کي جلائي مارايائين. مگر هن بلڪل ڪڇيو ئي ڪين، ۽ سڙي مري ويو.<ref>{ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page
سِٽَ 38:
.html}}}
</ref>
[[Fileفائل:Zaibunissa palace.jpg|thumb|مھاراشٽرا جي شھر اورنگ آباد ۾ زيب النساء محل-1880 جو نڪتل فوٽو]]
جيتوڻيڪ زيب النساء ڏاڍي صرفي واري هئي، ته به هن گهڻائي فياضيءَ جا ڪم ڪيا. کيس فقط چئن لکن جي سالياني جاگير مليل هئي، جنهن جي پيدائش جو گهڻو ڀاڱو علمي شوق جي پوري ڪرڻ ۾ خرچ ٿي ويندو هوس. هن تمام عمدو ۽ وڏو ڪتب خانو گڏ ڪيو هو، ۽ وڏا وڏا فاضل، عالم ۽ مصنف وٽس گڏ ٿيندا هئا. جيڪي بچندو هوس، تنهن مان هر سال سوَن ماڻهن کيپئسا ڏيئي حج موڪليندي هئي، ۽ رنن زالن ۽ يتيمن جي پرورش ڪندي هئي. لاهور جو برجن وارو مشهور باغ به هن پنهنجي خرچ سان جوڙايو، جو هن پوءِ پنهنجي دائيءَ”ميا ٻائي“ کي انعام ۾ ڏيئي ڇڏيو، انهيءَ جا نشان اڃا پيا ڏسجن. زيب النساء ڏاڍي علم دوست هئي، ۽ شاعرن ۽ مصنفن کي ڏاڍا انعام اڪرام ڏيندي هئي. خوشنويس ڪاتب وٽس نوڪر هئا ۽ ڪـتاب نقل ڪندا هئا. ملا شفيع الدين، عنايت احمد ڪشميريءَ قرآن شريف جو تفسير سندس نالي لکيو، جنهن جو نالو ”زيب التفاسير“ آهي. هوءَ شعر چوڻ ۾ ڏاڍي هوشيار هئي، هڪڙو فارسي ديوان اٿس، جو تمام پسنديءَ جهڙو آهي. سندس تخلص ”مخفي“ آهي. جيتوڻيڪ ڪن جو چوڻ آهي ته اهو سندس نه آهي، ٻئي شاعر جو آهي. زيب النساء گهڻا بيت ته في البديهه، خيال کانسواءِ، چئي ويندي هئي. جيئن ته هڪڙي ڀيري هڪڙيءَ نوڪرياڻيءَ اتفاق سان هڪڙي چين جي قيمتي آرسي ڀڃي وڌي، ڏڪندي ڏڪندي شهزاديءَ کي چيائين:
از قضا آئينہ چيني شکست!