اُنَ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: خودڪار طور تي متن جي تبديلي (-File: +فائل:)
سِٽَ 6:
 
==تياري==
[[Fileفائل:CSIRO ScienceImage 11160 Siroscour.jpg|thumb|left|اُن تياري کان اڳ ۽ پوءِ]]
سنڌ ۾ اُن جابلو خطن ۾ ملندي آهي، جتي رڍون گهڻي انداز ۾ پاليون وينديون آهن. رڍون سال ۾ ٻه ٻه ”پٺيون“ ڏينديون آهن. اُها اُن پهريائين واپاري خريد ڪندا آهن ۽ پوءِ اُها ڪارخانن تي ويندي آهي. اُن جو ريشو لچڪدار، سَرن کان بچيل، جاذب ۽ مضبوط ٿيندو آهي. اُن مان حاصل ٿيندڙ تند جي ڊيگهه ۽ عمدگي، جانور جي عمر کي نظر ۾ رکي ڪئي ويندي آهي. اُن, ڪئنچيءَ سان ڪتربي آهي. ڪتريل ان مان مختلف طريقن سان سڻڀ وغيره ڪڍڻ کان پوءِ ان کي پنهنجي مرضيءَ مطابق رنگ ڏبو آهي. يا اُن جو ڪارو سفيد قدرتي رنگ قائم رکبو آهي. اوني ڪپڙي کي به پنهنجي مرضيءَ مطابق رنگي سگهبو آهي. صاف ڪيل بج واري اُن مان ڪپڙي ٺاهڻ جو عمل شروع ٿيندو آهي. وولسٽيڊ ڪپڙي جو تر سخت ۽ هموار هوندو آهي. شروعات ۾ اهڙو ڪپڙو فقط ڊگهيءَ تند واريءَ اُن مان ٺاهيو ويندو هو. اُن مان سُٽ ڪتڻ واري طريقي ۾ ڪافي ترقي ٿي آهي.