"نوبل انعام" جي ورجائن ۾ تفاوت

٢٤ بائيٽون واڌ ،  ١ سال پهرين
م
خودڪار: خودڪار طور تي متن جي تبديلي (-File: +فائل:، -category: +زمرو:)
م (مبسس سانچو هٽايو ويو using AWB)
م (خودڪار: خودڪار طور تي متن جي تبديلي (-File: +فائل:، -category: +زمرو:))
{{pp-semi-indef}}
[[Image:Nobel Prize.png|right|thumb|Nobel laureates receive a gold medal together with a diploma and (as of 2012) 8 million [[Swedish krona|SEK]] (roughly US$1.2 million, €0.93 million).]]
[[Fileفائل:Nobel Prize winners 2012.jpg|right|thumb|Nobel laureates of 2012 [[Alvin E. Roth]], [[Brian Kobilka]], [[Robert J. Lefkowitz]], [[David J. Wineland]], and [[Serge Haroche]] during the ceremony]]
 
 
 
نوبيل انعام سوئيڊن جي سائنسدان الفريڊ نوبيل قائم ڪيو هيو.
[[Fileفائل:AlfredNobel adjusted.jpg|thumb|upright|alt=A black and white photo of a bearded man in his fifties sitting in a chair. | الفريڊ نوبيل ان وقت اڻوڻندڙ حيراني ۾ اچي ويو جڏهن فرانس جي ھڪ اخبار۾ پنھنجي اوبيچوئري پڙھيائين تہ: موت جو سوداگر مري ويو.]]
الفرِيڊ جو تعلق سوئيڊن جي هڪ غريب گھراڻي سان هيو. نوبيل جا اباڏاڏا هاري ھئا نوبيل جي وڏي ڏاڏي نوبيليٽ جو نالو اختيار ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هو پنھجي خاندان جو پھريون فرد هُئو جنھن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ھئي ۽ هو جنھن جاءِ تي پيدا ٿيو هو اُن جو نالو نوبيلاسٽ هو. نوبيليٽ جي پوٽي جو نالو امونيل نوبيليٽ هيو. امونيل پنھجي خانداني نالي نوبليٽ کي نوبيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو اُن جو ڪارڻ اُھو هو ته اُن سوئيڊن جي فوج ۾ ڪجھ وقت نوڪري ڪئي هُئي ۽ فوج ۾ خانداني نالي کي ننڍو ڪري لکرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. اُنھيءَ امونيل نوبيل جو پُٽ الفريڊ نوبيل هو. الفريڊ نوبيل 21 آڪتوبر 1833ع تي اسٽاڪ هوم ۾ پيدا ٿيو. اُن ڪنھن به تعليمي اداري ۾ باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي تنھن هوندي به اُن هڪ پرائيوٽ اُستاد جي مدد سان ڪيترن ئي زبانن جن ۾ انگريزي، روسي، جرمن، فرانسيسي شامل هيون اُنھن ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪئي گڏوگڏ ڪيمسٽري جو به سُٺو علم حاصل ڪري ورتو.
 
هن ڪيتريون ئي خيراتي اسپتالون ۽ ادارا قائم ڪيا ۽ غريبن جي مالي امداد ڪندو رهيو. بدقسمتي سان نوبيل جي پنھجي زندگي سُٺي نه گذري. اُن ڪيترائي ڀيرا شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر هر ڀيري ڪا نه ڪا روڪاوٽ سامھون اچي ٿي وئي. الفريڊ نوبيل جن عورتن سان شادي ڪرڻ چاھيندو ھُئو اُن ۾ ٻه نالا اهم آهن هڪ ”صوفي ھيس“ ۽ ٻئي ھئي ”برٿافان سٽنر“. صوفي ھيس عمر ۾ نوبيل کان ڪافي ننڍي هئي، پر اُن سان شادي نه ٿي سگھي. برٿافان سٽنر، نوبيل جي اشتھار جي ذريعي جيڪو اُن سيڪريٽري جي تلاش ۾ ڏنو هو اُن سان ملي هئي ۽ پنھجي پسند جي ماڻھو سان شادي نه ٿيڻ ڪري پريشان هئي، ائين هو نوبيل جي طرف ڇڪجي آئي پر ڪجھ وقت کانپوءِ اُن جي شادي اُن ماڻهو سان ٿي وئي جنھن کي هو پسند ڪندي هئي ۽ نوبيل هڪ دفعو ٻيھر اڪيلو رهجي ويو. برٿافان سٽنر هڪ سُٺي ليکڪا هئي، اُن ڪيترائي ڪتاب ليکا جن ۾ هڪ ڪتاب ”پنھجا هٿيار ڦٽا ڪريو“ هو. هي ڪتاب 1889ع ۾ ڇپيو هو.هن ڪتاب جو شمار جنگ جي خلاف لکجڻ وارن ڪتابن ۾ ٿئي ٿو. هن ڪتاب الفريڊ نوبيل کي ڪافي متاثر ڪيو. هن ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ اُن برٿافان سٽنر کي لکيو ته ”مان پنھجي دولت جو هڪ حصو هڪ انعام لاءِ وقف ڪرڻ چاھيان ٿو. هي انعام پنجن سالن کانپوءِ اُن ماڻهو کي ڏنو ويندو، جيڪو دنيا مان جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو يا جنھن دنيا جي امن لاءِ تحريڪ هلائي هوندي. 30 سالن ۾ رڳو ڇھه ڀيرا اهو انعام ڏنو ويندو، جيڪڏھن اان ڊگھي عرصي کانپوءِ به دنيا مان جنگ ختم نه ٿي ته پوءِ انسان وحشي بڻجي ويندو ۽ پوءِ هن انعام جي ضرورت باقي نه رهندي“.
 
اُهو هيو نوبيل جي دماغ ۾ بين الاقوامي انعام قائم ڪرڻ جو پھريون تصور. تنھنڪري جڏهن هو 27 نومبر 1895ع ۾ پنھجي وصيت نامي جي تڪميل لاءِ ويٺو ته ان پنھجي پوري زندگي جي خيالن ۽ تمنائن جو اظهار هن نموني سان ڪيو جو هن پنھجي سموري دولت ۽ ملڪيت جيڪا اُن وقت 1500000 پائونڊ ۽ اڄڪلھ جي 6600000 پائونڊن جي برابر آهي هڪ ”نوبيل فائونڊيشن“ قائم ڪري ڇڏي ۽ اُن فائونڊيشن مان حاصل ٿيندڙ رقم مان پنج انعام قائم ڪري ڇڏيا، جيڪي هر سال فزڪس، طب، ڪيميا، امن ۽ ادب جي شعبن ۾ ڏنا ويندا. [[Fileفائل:Alfred Nobels will-November 25th, 1895.jpg|thumb|left|alt=A paper with stylish handwriting on it with the title "Testament"|الفريڊ نوبيل جي وصيحت جنھن ۾ ھدايت ڪئي ھئائين ته سندس سمورن اثاثن مان 94 پرسنٽ نوبيل پرائيز قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن.]]
 
نوبل جي وفات 10 ڊسمبر 1896ع ۾ ٿي. هڪ مهيني کانپوءِ 1897ع ۾ جڏهن اُن جي وصيت نامي کي کوليو ته سڄي دنيا نوبيل جي اهڙي خواهش کي ٻُڌي ڪري حيران رهجي وئي. ڇاڪاڻ ته نوبيل جي دولت مختلف مُلڪن ۽ مختلف ڪاروبارن ۾ لڳل هئي، اُن ڪري اُن جي دولت کي اُن جي خواهش مطابق نقد شڪل ۾ منتقل ڪرڻ ۾ گھڻو وقت لڳو. اُن کانسواءِ نوبيل جا ڪجھ مائٽ به قانوني ڳالھين ۾ مصروف رھيا. اُن ڪري اُنھن سان به معاهدو ڪيو ويو ۽ ائين نوبل جي وفات کانپوءِ 1901ع تي اُنھن پنجن ئي شعبن ۾ انعام ڏيڻ شروع ٿيو.
[[Fileفائل:Röntgen, Wilhelm Conrad (1845-1923).jpg|thumb|upright|right|alt=A black and white photo of a bearded man in his fifties sitting in a chair. |[[ولھيم رونتجين]] فزڪس جو پھريون انعام ايڪس ري جي دريافت تي حاصل ڪيو.]]
اُن سال فزڪس جو نوبيل انعام جرمني جي ”وليم رونتجن“، ڪيميا جو ھالينڊ جي ”جيڪب ھينڊرس وان هاف“، ادب جو فرانس جي ”سلي پرادهي“، طب جو جرمني جي ” ايمل بيرنگ“ ۽ امن جو نوبل انعام ريڊ ڪراس جي باني سوسٽرزلينڊ جي ”هينري ڊونان“ ۽ فرانس جي ”فيڊرڪ پاسي“ کي گڏيل طور تي ڏنا ويا. 1968ع تائين انھن پنجن شعبن ۾ نوبيل انعام پيش ٿيندا رھيا. 16 مئي 1968ع تي نيشنل بئنڪ آف سوئيڊن اعلان ڪيو ته بئنڪ جي انتطاميا اقتصاديات ۾ هڪ ”نوبيل ميموريل“ انعام جاري ڪري رھي آهي، هي انعام ماليت ۽ اعتبار کان هڪ نوبيل انعام جي برابر هوندو. تنھڪري 1969ع کان اقتصاديات ۾ به نوبيل انعام جي شروعات ٿي. ائين نوبيل انعام حاصل ڪرڻ ڪنھن انسان جي وڏي ۾ وڏي خواهش سمجھي ويندي آهي، پر دنيا ۾ چار ماڻھو اهڙا آهن جن ٻه ٻه ڀيرا نوبيل انعام حاصل ڪيو آهي، اُنھن ۾ هڪ فرانس جي مشھور خاتون سائنسدان مادام ڪيوري 1903ع ۾ فزڪس جو ۽ 1911ع ۾ ڪيميا جو نوبيل انعام حاصل ڪيو.[[Fileفائل:Marie Curie 1903.jpg|left|thumb|upright|alt=A black and white portrait of a woman in profile. |[[Marie Curie]], one of four people who have received the Nobel Prize twice (Physics and Chemistry)]]
ٻيو آمريڪا جي ”ڊاڪٽر لائينس ڪال پالنگ“ 1954ع ۾ ڪيميا جو ۽ 1962ع ۾ امن جو نوبيل انعام حاصل ڪيو. <ref>[http://sindhexpress.com.pk/epaper/index.aspx?Issue=NP_HYD&Page=Magazine012&Date=20170602&Pageno=13&View=1 نوبيل انعام جي ڪھاڻي، ڊاڪٽر يوسف سومرو] روزآني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد، جمعو، 2 جون 2017</ref>
[[Fileفائل:Nobel-banquet-table.jpg|thumb|alt=A set table with a white table cloth. There are many plates and glasses plus a menu visible on the table.|Table at the 2005 Nobel Banquet in Stockholm]]
 
==List of laureates==
 
 
[[categoryزمرو:شخصيتون]]
[[categoryزمرو:سائنس]]
[[categoryزمرو:تاريخ]]
١١٬٦٧٥

سنوارون