ارتقا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: خودڪار طور تي متن جي تبديلي (-ماڻھون +ماڻھو)
سِٽَ 25:
انھن اندازو لڳايو تہ گلاپاگوس ۾ صرف هڪ قسم جا پکي پاتا ويندا هئا پر وقت سان گڏوگڏ اهوئي مختلف قسمن ۾ تبديل ٿي ويا مختلف جزيرن ۾ انھن جي چونڀ مختلف شڪلن ۾ ماحول جي حساب سان تبديل ٿي وئي اهو مسئلو ڪمين سان بہ ٿيو هڪ قسم جي ڪمي ڪنھن خاص جزيري تي رهڻ جي وجھ سان مختلف شڪلن ۾ تبديل ٿي وئي
 
ان کان اڳ آمريڪا ۾ ماڻھونماڻھو سمجھندا هئا تہ جاندار هڪ خالق بڻايا آهن ۽ صحيح ٺاهيا جيڪي ڪڏهن تبديل ناهين ٿيندا ڊارون چيو تہ جيڪڏهن ائين آهي تہ خالق مختلف جزيرن تي پاتا ويندڙ پکين جي چونڀ هڪ ٻئي کان ٿوري مختلف ڇو ٺاهي؟ اهو ڊارون جو انقلاب يعني ڊارون ازم جي شروعات هئي انھن ارجنٽائن مان گڏ ڪيل پنڊ پهڻ جو مشاهدو ڪيو جيڪي جاندار ختم ٿي چڪا هئا پر انھن جي ويجھڙائي شڪل ۽ هڪجهڙائي جاندارن ۾ هاڻ بہ ڏکڻ آمريڪا ۾ موجود آهي ان مشاهدي مان ڊارون کي وڌيڪ ثبوت ملي ويا تہ جاندار تبديل ٿيندا رهندا آهن
 
قديم يوناني دور ۾ سائنسدان جاندارن جي ايمبريانڪ اسٽيج جو مطالعو ڪندي اچي رهيا آهن تہ ڪنھن طرح هڪ خليہ کان ايترين سندر قسمن جي جاندارن جي مختلف شڪلون ٺهي وينديون آهن هڪ خلين مان مختلف خليا ٺهي وڃڻ، پوءِ ان مان ايمبريو ٺهي وڃڻ ۽  ان مان هڪ وڏي جاندار جو بڻجي وڃڻ هڪ دلچسپ مطالعو آهي ان مطالعي مان ڊارون هڪ حيران ۾ وجھندڙ نيتجو ڪڍيو نانگ جي ايمبريو ۾ ننڍا پير هوندا آهن جيڪي بعد ۾ غائب ٿي ويا جنھن جو مطلب آهي تہ نانگ پيرن رکڻ وارن جاندارن جي ارتقائي شڪل آهي وهيل مڇي جي ڏند ناهين هوندا پر انجي ايمبريو ۾ ڏند موجود هوندا آهن جيڪي بعد ۾ گم ٿي ويندا آهن ڊارون موجب وهيل مڇي ڏند رکڻ وارن جاندارن جي ارتقائي شڪل آهي انھي طرح دلچسپ صورتحال انساني ايمبريو جي مطالعي مان بہ سامھون ايندي آهي انساني ايمبريو ۾ ڳلي جي ويجھو سلٽس سولائي سان ڏسي سگهجن ٿا سلٽس مڇين ۾ پاتا ويندا آهن جيڪي پيدائش کانپوءِ گلز بڻجي ويندا آهن جڏهن تہ انسانن ۾ هي ڪن جي اندر واري هڏي بڻجي ويندا آهن انھي طرح ڊارون هڪ دلچسپ نتجي تي پهتا تہ سڀ جاندار هڪٻئي سان واسطو رکندا آهن جيڪي ظاهر طور هڪ ٻئي کان مختلف ڏسجن ٿا حقيقتن هڪ جهڙا آهن انھي طرح جيڪڏهن اسان پنھنجي خانداني وڻ جو مطالو ڪندي پوئتي وينداسين تہ اسان مڇين تائين پھچي وينداسين