عالمي ورثو ماڳ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م خودڪار: خودڪار طور تي متن جي تبديلي (-File: +فائل:)
سِٽَ 1:
[[Fileفائل:UNESCO logo English.svg|thumb|يونيسڪو جو لوگو]]
"يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو" اھڙيون جڳھون (جھنگ، [[جبل]]، [[ڍنڍ]]، [[ريگستان]]، يادگار، عمارت يا شھر) کي چيو ويندو آھِي جنھن کي بين الاقوامي عالمي ثقافتي ورثو پروگرام جي تحت گڏيل قومن جو تعليمي سائنسي ۽ ثقافتي ادارو ([[يونيسڪو]]) جي عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي جي مرتب ڪيل فهرست جي لاءِ نامزد يا ان ۾ شامل ڪيو ويو ھجي۔ هي منصوبو ثقافتي يا قدرتي اهميت جي حامل جڳھن جي فھرست مرتب ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ جي لاءِ بڻايو ويو آھي۔ مختلف شرطن جي تحت مندرج جڳھن کي عالمي ورثو فنڊ مان رقمون فراھم ڪيون وينديون آھن۔ ھي منصوبو "عالمي ثقافتي ۽ قدرتي ورثي جي حفاظت جي حوالي سان ميثاق" جي ذريعي شروع ٿيو جنھن کي يونيسڪو جي مجلس عمومي 16 نومبر [[1972ء]] تي اختيار ڪيو۔ ان وقت کان 184 ملڪ (بمطابق [[جولاءِ]] [[2007|2007ء]]) هن ڪنوينشن جي توثيق ڪري چڪا آھن۔
[[2007|2007ء]] جي مطابق 142 ملڪن جون 851 جڳھون ھن فھرست ۾ شامل آھن جن ۾ 660 ثقافتي، 166 قدرتي ۽ 25 مخلوط خصوصيتن جون حامل آھن۔ هر عالمي ورثي جي حامل جڳھ ان ملڪ جي ملڪيت آھي جتي اھو واقع آھي پر مستقبل ۾ بني نوع انسان جي لاءِ انکي محفوظ رکڻ عالمي برادري جي ذميداري آھي