لاهوت لامڪان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م خودڪار: خودڪار طور تي متن جي تبديلي (-File: +فائل:)
سِٽَ 1:
[[Fileفائل:Mountain of Lahoot La Makan.jpg|thumb|لاهوت لامڪان وارو جبل]]
لاهوت لا مڪان [[انگريزي ٻولي]] (Lahoot La Makan) [[پاڪستان]] جي صوبي [[بلوچستان]] جي [[خضدار ضلعو ]]جي [[وڍ تعلقو]] جي ساروڻو واري علائقي ۾ ٽاڪرُو سلسلي ۾ واقع آهي جيڪو قديم زماني کان صوفين، جوڳين، سناسين ۽ عارفن جي چله ڪشي ۽ زيارت گاھ جو مرڪز رهيو آهي.<ref>[https://tribune.com.pk/story/429158/tales-from-lahoot-valley/ Tales from Lahoot valley - The Express Tribune<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== لاهوت جبل ۽ غار ==
[[Fileفائل:A iron ladder leads to cave of Lahoot La Makan.jpg|thumb|لاهوت لامڪان واري غار ڏي ويندڙ ڏاڪڻ]]
[[Fileفائل:An iron ladder leads to cave of Lahoot Lamakan.jpg|thumb|لاهوت لامڪان جي غار واري رستي ۾ لوهي ڏاڪڻ]]
لاهوت هڪ آبشار نما نهايت اوچي جبل تي غار وانگر جڳهه آهي .لاهُوت قديم زماني کان صوفين، جوڳين، سنياسين ۽ بزرگن جي چله ڪشي ۽ زيارت گاهه وارو آستان رهيو آهي.لاهوت لامڪان وارو ماڳ ڪراچي ۽ حب کان لاهوت ايندڙ روڊ جي اولهه ۾ بلند ٽڪريءَ تي آهي. محبت فقير جي مزار وٽ پهچڻ کان اڳ روڊ وٽ لاهوت لا مڪان جو سائين بورڊ لڳل آهي. ان جاءِ تي مسجد ۽ ننڍو هوٽل به آهي جتان اولهه طرف سفر شروع ٿئي ٿو. لاهوت واري ماڳ تي رسڻ نهايت مشڪل ۽ اوکو ڪم آهي، جبل کي اُڀيون چاڙهيون آهن. ڪٿ ته لوهي ڏاڪڻون به لڳل آهن. لاهوت لا مڪان، شاھ بلاول نوراني جي مزار جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. اتان به لاهوت واري غار تي رسڻ لاءِ رستو آهي جيڪو ٽڪريون سر ڪندي لاهوت واري غار تائين اچي ٿو پر اڪثر لاهوتي روڊ وٽان نڪرندڙ رستي سان لاهوت جي غار ڏانهن پنڌ ڪن ٿا. هيءُ رستو ور وڪڙ کائيندو خطرناڪ ٽڪريون عبور ڪندو لاهوت واري غار ڏانهن وڃي ٿو. ڪٿي ڪٿي ته لوهي ڏاڪڻيون به لڳل آهن هن رستي ۾ هڪ ننڍي هوٽل به آهي جتي لاهوتي ٿَڪ ڀڃن ۽ چانهه پئن ٿا. هن ئي رستي سان هڪ دڪان به آهي جتان لاهوت جي غار جا پانڌيئڙا تبرڪ طور شيون خريد ڪن ٿا. هن رستي سان سجدي گاهه آهي. سجدي گاهه کان پوءِ لاهوت واري غار اچي ٿي. غار وٽ سوڙهي جڳهه آهي جتان غار ۾ وڃڻ لاءِ لوهي ڏاڪڻ لڳل آهي.لاهوت واري غار ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ اتي پيل صابڻ سان هٿ منهن ڌو.ڻو پوندو آهي. <ref>[http://www.hamariweb.com/articles/article.aspx?id=6724&Page=2 Lahoot Lamakan : Aik Saher Angaze Maqam - لاہوت لامکاں: ایک سحر انگیز مقام<!-- Bot generated title -->]</ref>اهو صابڻ پڻ پٿر جو آهي جيڪو صابڻ وانگر ڪم ڪري ٿو. چون ٿا ته ان صابڻ سان منهن دوئڻ سان غار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه نظر ايندو آهي. اتي اڄ به پاڻي ٿڻن نما جبلن مان هيٺ ڪرندو رهي ٿو. جنهن لاءِ روايت آهي ته اڳ اهو کير هو پر جڏهن ماڻهن وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو ته اهو پاڻي ٿي ويو آهي. ماڻهو عقيدت منجهان پاڻيءَ جا ڪرندڙ ڦڙا جھٽي هٿن ۽ منهن کي مکن ٿا. لاهوتي لوهي ڏاڪڻ وسيلي غار ۾ وڃن ٿا ۽ لاهوتي بڻجي وڃن ٿا. لاهوتين جي چوڻ موجب غار ۾ شينهن ۽ ڏاچي جون شڪليون نظر اچن ٿيون جن کي حضرت علي عليه السلام سان منسوب ڪن ٿا. لاهوت لا مڪان ۽ سيد بلاول شاهه نوراني جي علائقي ڏانهن ٻين علائقن کان رستا نڪرن ٿا. هڪ سيوهڻ شريف کان جهانگارا باجارا اچي ٿو. جتان نئيگ شريف ۽ نغاول کان ٿيندو دريجي پهچي ٿو ۽ پوءِ لاهوت اچي ٿو. ٻيو ڪراچي ناردرن باءِ پاس کان حب کان شاهه نوراني وڃي ٿو ٽيون رستو ڪرچات کان به لاهوت لامڪان لاءِ نڪري ٿو. چوٿون رستو جوهي کان ٽنڊو رحيم خان. لوهيءَ ۽ دريجي کان ٿيندو لاهوت وڃي ٿو. لاهوت لامڪان ڀيٽڻ سعادت ۾ شمار ٿئي ٿو.<ref>http://daaira.com/travel/lahoot-lamakan-place-of-spiritual-mysteries/</ref>
 
==سجدي گاھ==
[[Fileفائل:Mosque of Sajda Gah at Lahoot.jpg|thumb|لاهوت لامڪان واري سجدي گاھ]]
معتقد چون ٿا ته ڪائنات ۾ پهريون ماڳ لاهوت لامڪان جو جوڙيو ويو. ڪن روايتن ۾ آهي ته حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي هت ئي لاٿو ويو هو جن بارگاھ الاهيءَ ۾ سجدو ڪيو هو. انهيءَ سجدي واري جاءِ تي سجدي گاهه ٽائلس سان جوڙيل آهي جنهن کي حضرت آدم جي مسجد به چيو وڃي ٿو. هيءُ سجدي گاھ لاهوت واري غار ڏانهن ويندڙ رستي سان واقع آهي.