اخلاق: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م خودڪار: غير موجود <references /> ٽيگ جو اضافو
سِٽَ 19:
==فطري اخلاق==
ڊارون جي زماني ۾ بيڪن جي ٻڌايل واٽ کي سائنسي جواز ملي ويو. پهريان لڳو ٿي ته ڊارون جي نظريي جي اخلاقي معنيٰ نٽشي جي فلاسفيءَ جي حمايت هئي. جيڪڏهن ارتقا، ”بقا لاءِ جدوجهد“ ۽ ”اعليٰ انسان جي بقا“ جو نالو آهي ته پوءِ زندگيءَ جي هر ميدان ۾ اخلاق جو معيار اهوئي هوندو ۽ ڪامياب انسان ئي نيڪ انسان سمجهيو ويندو ۽ اهڙيءَ طرح هڪ دفعو وري طاقت ئي نيڪي ٿئي ٿي. هڪسلي ارتقا جي انهن نتيجن کان ڊڄي ويو. هن ٽينيسن جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته فطرت (معنيٰ ته فطرت جي چونڊ جو عمل) خونخوار ۽ سڀني اخلاقي قدرن جي دشمن آهي. ظاهريءَ طرح ارتقا جو اهوئي مطلب هو ته طاقتور ڪمزور کي ختم ڪري ڇڏين (ڪارل پيٽرسن جهڙن ارتقا پرستن اڳ ۾ ئي خيرات جي خطرناڪ اثرن خلاف احتجاج ٿي ڪيو) پر اخلاق جو مطلب ته اهو آهي ته طاقتور ڪمزور جي مدد ڪن. ارتقا جو مقصد هو ته جيئن به ٿئي هر ممڪن طريقي سان ڪامياب ٿيڻ گهرجي، پر اخلاق ٿي چيو ته ڪامياب ضرور ٿيڻ گهرجي ۽ انسانيت ۽ شرافت جي حدن ۾ رهي ڪاميابي ماڻڻ گهرجي. اخلاق جو مطلب امن ۽ ارتقا جو مطلب جنگ هو. هڪسلي ان نتيجي تي پهتو ته سماج جي اخلاقي ترقيءَ جو مدار قدرت جي قانونن جي پيروي ڪرڻ ۾ نه پر انهن جي خلاف جنگ ڪرڻ ۾ آهي<ref name = "ول ڊيورنٽ "/>اسان هڪ ڏِنگي رستي کان پراڻي مانائتي رستي تي پهتا آهيون ته اخلاق جو معيار اجتماعي ڀلائي آهي. پر اسان کي حياتياتي تصور مان اهو نتيجو نه ڪڍڻ گهرجي ته اسان جون جبلتون اسان جي عقل مطابق آهن. قدرت ماکي جي ماناري، خاندان ۽ شڪاري دستن کانسواءِ، ڪنهن به اجتماع کي نه مڃيندي آهي. بيڪن، ڊارون ۽ ڪروپا ٽڪن وڏي اميد پرستي ڏيکاري هئي جو چيو هئائون ته انسان ۾ پنهنجي حفاظت جي جبلت کان به وڌيڪ طاقتور اجتماعي تحفظ جي جبلت آهي. اها ڳالهه خاندان جي حد تائين ته شايد صحيح هجي جوان ۾ محبت ۽ تعريف کانسواءِ ٻئي ڪنهن ٻاهرين محرڪ جي ضرورت ڪانه هوندي آهي. ماڻهو جڏهن خاندان جي دائري کان ٻاهر ٿو اچي تڌهن اهي جبلتون ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿيون.<ref name = " ول ڊيورنٽ "/>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}