جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏top: درستی using AWB
م خودڪار: غير موجود <references /> ٽيگ جو اضافو
سِٽَ 4:
 
جديد دؤر ۾ آبادي جي اضافي ۽ ان جي ضرورتن جي دائري جي وسعت ۽ ضرورت جي شين جي طلب ۾ اضافي جي ڪري وڏي سرمائي جي ضرورت پئي ٿي جيڪو ڪنھن ھڪ شخص يا ڪنھن ھڪ گروھ جي وس جي ڳالهه ناهي ان صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ گڏيل يا مشترڪ سرمائي واريون ڪمپنيون وجود ۾ آئيون.اھا مشترڪ سرمائي جي ڪمپني قانون ۾ ھڪ مصنوعي شخصيت تصور ڪئي ويندي آھي جيڪو اصل ۾ حقيقي ماڻھن تي مشتمل ھڪ گروھ ھوندو آھي جنھن کي قانون ھڪ مخصوص نالي سان ھڪ شخص تصور ڪندو آھي جنھن جي نمائندگي ڪمپني جا ڊائريڪٽر ڪندا آهن. ڪمپني جو پنھنجو وجود ان جي ٺاھيندڙن يا مالڪن جي وجود کان علحده ھوندو آھي ان ڪري مالڪن يا حصيدارن يا ڊائريڪٽرن جي بدلجڻ سان ڪمپني جي وجود تي ڪو اثر نہ پوندو آهي.ڪمپني جو وجود مصنوعي ھجڻ جي باوجود قانون ۾ ڪمپني کي اصلي وجود رکندڙ شخصن وانگر حق ۽ ذميداريون ھونديون آھن. ڪمپني ڪنھن تي بہ دعوا ڪري سگھي ٿي ۽ ڪمپني تي بہ ڪو دعوا ڪري سگھي ٿو. حصيدار جو وجود الڳ ھجڻ ڪري اھو بہ ڪمپني تي دعوا ڪري سگھي ٿو. ڪمپني مصنوعي شخصيت ھجڻ جي ڪري دستخط نہ ٿي ڪري سگھي تنھنڪري ڪمپني جي ھڪ مشترڪ مھر ٿيندي آھي جيڪا ڪمپني جي سيڪريٽري جي نگراني ۾ ھوندي آھي جيڪو ان جو استعمال بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مرضيءَ سان ڪندو آهي جڏھن بہ ان مھر کي ڪنھن دستاويز تي لڳائبو آھي تہ ڪمپني جا ٻہ ڊائريڪٽر شاھدن جي حيثيت ۾ اتي صحيح ڪندا آهن.جيئن تہ ڪمپني جو ھڪ الڳ مصنوعي وجود ھوندو آھي تنھن ڪري ڪمپني طرفان کنيل قرض بہ ڪمپني جي ذميداري ھوندا آھن ۽ انھن قرصن جو حصيدار ذميدار نه ھوندو آھي. ان جي ذميداري ان جي حصي تائين محدود ھوندي آھي . جيڪڏھن ڪمپني مالي گھوٽالي جو شڪار ٿئي ٿي تہ حصيدار صرف پنھنجي حصي جيترو ذميداري ۾ ٻڌل رھندو ان کان وڌيڪ ذميداري صرف ڪمپني جي ھوندي آھي. ڪمپني جو وجود مسلسل ھوندو آھي ڪنھن بہ حصيدار يا ڪمپني جي ڊائرہڪٽر جي موت سا ڪمپني جي وجود تي ڪو اثر نه پوندو آھي.جيڪڏھن ڪنھن حصيدار جو ڏيوالو نڪري ٿو تہ ڪمپني تي ڪوبہ اثر نہ ٿيندو.ھن دؤر جي ڪارپوريٽ يا ڪمپنين جي قانون ۾ جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني جو بدل انڪارپوريشن ۽ محدود ذميداري (limited liability) آھي تنھن ڪري جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني ھاڻي ڪارپوريشن ۽ لميٽيڊ ڪمپني کي چئبو آهي. <br>جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني کي حصيدار نہ پر انھن طرفان چونڊيل ڊائريڪٽر ھلائيندا آهن جن جي چونڊ سالياني عام گڏجاڻي ۾ ٿيندي آهي. حصيدار کي سالياني رپورٽ کي منظور ڪرڻ يا رد ڪرڻ لاء ۽ کاتن جي چڪاس (audit) لاءِ ووٽ جو حق رکندا آهن.
 
== حوالا ==
{{حوالا}}