پاروتي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م صفائي, replaced: category: ← زمرو: (2) using AWB
سِٽَ 15:
هندن جي ڪتاب مهاڀارت ۾ هن جا ڪيترائي نالا ملن ٿا، جيڪي هن ديويءَ جي خاصيتن کي بيان ڪن ٿا، جڏهن ته پراڻن ۾ هن ديويءَ جي مختلف صورتن ۾ واضح فرق ڏيکاريو ويو آهي. انهن کي شِوَ ديوتا جون شڪتيون قرار ڏنو ويو آهي. ان کان سواءِ ديوي کي شِوَ ديوتا جي زال جي حيثيت ۾ وڏو مقام ڏنو ويو آهي. هيءَ ديوي پنهنجي شفقت، رحمدل ۽ حليم ڪردار جي حيثيت سان ستي، اُما (نُور، حسن)، پاروتي (جابلو)، گوري (پيلي، روشن)، هيم وتي (هيماوتي، هماليه جي ڌيءُ)، جگن ماتا (دنيا جي ماءُ) ۽ ڀواني سڏي وڃي ٿي. هي ديوي درگا، ڪالي، شياما، چنڊي، چنڊيڪا، ڀيروي جي نالن سان خونخوار صورت اختيار ڪندي آهي ۽ ڀدر ڪالي، ڀيم ديوي، چامنڍا، مهاڪالي، مها ماري، مهاسوري، ماتنگي، رجسي، رڪت دنتي، ڪرالي، ڪال ڀدر، مُول درگا، شيل پُتري ۽ ڪال راتڙي وغيره جي نالن سان خونخوار صورتن ۾ ظاهر ٿئي ٿي. هن ديويءَ جا ٻيا به ڪيترائي نالا آهن.
==مندر==
جڏهن شِوَ جي پهرين زال سَتِي مري وئي، ته سندس جسم کي پوري هندستان ۾ ٽڪرا ٽڪري ڪري ورهايو ويو. جتي جتي سندس جسم پهتو، اتي شڪتي پنٿ قائم ٿيا ۽ هاڻي انهن هنڌن تي ديويءَ جا مندر قائم آهن. سَتِيءَ جي مرڻ کان پوءِ شِو ويڳاڻو ٿي ويو ۽ شڪتي نه رهڻ ڪري هن دُنيا کان مُنهن موڙي، جبلن جي اونداهين غارن ۾ رهڻ شروع ڪيو. پوءِ پاروتيءَ جي روپ ۾ کيس ٻيهر شڪتي ملي ته هن دنيا ڏانهن واپس رُخ ڪيو. اها ستي ئي هئي، جنهن پاروتيءَ جو روپ ۾ ٻيو جنم ورتو هو، ان ڪري هندن وٽ پاروتي اڄ به شڪتيءَ جي علامت بڻيل ديوي آهي. تامل ناڊو، ڪيرالا، اتر پرديش، گجرات، راجسٿان ۽ سنڌ جي شهرن ۾ سندس وڏا مندر موجود آهن. هنگلاج مندر ۽ ڪالي مندر اروڙ ان جا مثال آهن. <ref>ڪتاب: [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]]، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: [[سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو|سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]] (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011 </ref>
 
==حوالا==
{{حوالا}}
 
[[categoryزمرو:تاريخ]]
 
[[categoryزمرو:شخصيتون]]
[[category:تاريخ]]
[[category:شخصيتون]]
[[زمرو:مذهب]]