پوتر اتحاد: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م صفائي, replaced: category: ← زمرو: (2) using AWB
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
'''پوتر اتحاد''' يا هولي الائنس (Holy Alliance) يورپ ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي خيال کان هي نظريو 1815ع ۾ ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ [[روس]] جي شهنشاهه اليگزينڊر سڀ کان پهرئين خيال پيش ڪيو ته جيڪڏهن يورپي ملڪن جا سياسي سربراهه عيسائيت جي بنياد تي هڪ ٻئي سان ڪاروهنوار رکن، ته سندن وچ ۾ جنگين کي ٽاري سگهجي ٿو. ان کان علاوه هن تصور مطابق اهو به چيو ويو هو ته جيڪڏهن يورپ جا شهزادا پنهنجي رعايا سان اولاد وانگر هلن ته عوام انهن خلاف بغاوت نه ڪندا. حقيقت ۾ ان اتحاد قائم ڪرڻ جو مقصد يورپ ۾ سياسي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ، اخلاقي قدرن کي بين الاقوامي سفارتي تعلقات ۾ شامل ڪرڻ هيو. هي اتحاد برطانيا جي مخالفت سبب ڪامياب ٿي نه سگهيو. هن اتحاد ۾ برطانيا، روس، آسٽريا ۽ پروشيا شامل هُئا. اتحاد کي ”چار- ڌُريو“ اتحاد (Quadruple Alliance) به سڏيو ويندو آهي. هن اتحاد جو بُنيادي تصور روس جي بادشاهه ’زار اليگزينڊر‘ ڏنو. اتحاد جي پهرين ڪانگريس ’اليڪس لاشپل‘ (1819ع) ۾ منعقد ٿي، ان کان پوءِ ٽراپائو ڪانگريس (1820ع) ليباخ ڪانگريس (1821ع) ۽ ويرونا ڪانگريس (1822ع) پڻ ان سلسلي ۾ منعقد ٿي. آخرڪار 1825ع ۾ زار اليگزينڊر جي موت سان گڏ هيءُ اتحاد ختم ٿي ويو. <ref>[http://dic.sindhila.edu.pk/define/Holy%20Alliance.php سنڌي آنلائين ڊڪشنري] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد</ref>
 
==حوالا==
{{حوالا}}
 
[[categoryزمرو:سياست]]
 
[[categoryزمرو:بين الاقوامي لاڳاپا]]
[[category:سياست]]
[[category:بين الاقوامي لاڳاپا]]