جوڳي (ذات): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏پڻ ڏسو: ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو
م صفائي, replaced: File: ← فائل: (2) using AWB
سِٽَ 2:
يوڳ يوڳي جو مطلب پاڻ کي ملائڻ (روحاني طور پنھنجي پاڻ کي خالق سان ملائڻ، ھڪ ڪلام ٿيڻ) قديم دور ۾ جوڳين کي مذهبي حيثيت حاصل رهي آهي،جيئن [[اسلام]] ۾ [[مفتي|مفتين]] کي موجودهه دور ۾ حاصل آهي.جوڳي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا،جوڳي ھڪ ھندو مذھبي طريقو آھي، جيڪو صدين کان آھي دنيا جو پھريون يوڳي (جوڳي) حضرت آدم عليہ سلام ھو، جنھن يوڳا ڪري رب کي پاڏايو کيس پنھنجي غلطيءَ جي معافي ورتي يوڳا ڪري، جوڳي اتر ڀارت ۾ ڪثرت سان موجود آھن، جن جو مذھب ھندوازم آھي.
ڀارت جو مشھور وياپاري (واپاري) اميت جوڳي جيڪو ڀارت جي ھڪ رياست جي اڳوڻي مکيا منتري (CM) اجيت جوڳي جو ڀاءُ آھي، انڊيا جا جوڳي گڏيل امريڪي رياستن US سميت يورپ وغيرھ ۾ پڻ رھن ٿا، ھڪ جوڳي عورت جيڪا آمريڪا ۾ ڊاڪٽر آھي انجو ميڊيڪل جو ڪتاب يونيورسٽين ۾ پڻ پڙھايو وڃي ٿو.
ڀارت کان سواءِ سنڌ ۾ پڻ جوڳي آھن ۽ اھي يوڳي يا جوڳي موھن جي دڙي جا اصلوڪا رھائشي ۽ اتان جو قبيلو آھن.
 
ھيءُ ھندو فقيرن جي ھڪڙي قوم آھي، جي فقير جوڳ پچائيندا آھن، يعني رياضتون ڪڍندا آھن. اصل سنسڪرت لفظ يوگي آھي. اھي پنندا آھن. اڪثر ھوشادي نه ڪندا آھن؛ جي ڪندا آھن ته پنھنجا پاڻ ۾. ھنن مان ڪي ڪنن جي پاپڙين ۾ ٽنگ ڪري شيشي يا ڪنھن ڪاٺي يا ڪنھن ڌاتوءَ جا ٿلھا ڇلا ڍڪيندا آھن ۽ گيڙوءَ رتا ڪپڙا ڪندا آھن. ھو شِوَ جا پوڄاري آھن ۽ سندن مرشد گورکناٿ آھي، جو پندرھين عيسوي صديءَ ۾ ٿي گذريو. جيڪي مرندا آھن، تن کي وھاري مٿان يا ھيٺيان کنڊ رکي دفن ڪندا آھن. مسلمان جوڳي به آھن، جي اڪثر مُرليون وڄائيندا آھن ۽ نانگ وٺندا ۽ گھمائيندا آھن ۽ منڊ ھڻندا آھن، اهي گوگهي چوهاڻ جا مريد سڏائيندا آهن.<ref>قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref> .جوڳي عام طور نانگن پالڻ واري کي چيو ويندو آهي، پر ادبي اصطلاح ۾ ’جوڳي‘، ”جوڳ“ (يا يوڳ)، رياضت يا تپسيا ڪندڙ، تن کي تسيا ڏيندڙ هڪ اعليٰ انسان کي چيو ويندو آهي. قاضي قادن (1463-1551ع) پهريون دفعو شاعريءَ ۾ ’جوڳي‘ لفظ جو ان معنيٰ ۾ اصطلاح ڪم آندو آهي. جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾ تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري! قاضي قادن ’جوڳيءَ‘ کي نئين معنيٰ ڏني آهي. شاهه لطيف پڻ جوڳي لفظ عام جام ڪتب آندو آهي سر رامڪليءَ ۾ ’جوڳي‘، مرشد، ڪامل انسان، رهبر، حق جي رستي تي هلندڙن کي چيو ويو آهي<ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
==درجابندي (قسم)==
جوڳي کي درجابنديءَ طور ٽي قسم ۾ ورھائي سگھجي ٿو.
 
 
#. هندو سنياسي جوڳي (ھندو فقير): هي جوڳي تپسيا ڪندا آهن، هي نانگ پالين،مرلي وڄائينداآهن. ھي جوڳي مذھب جا ھندو آھن، ھي گورگناٿ جا پؤلڳ آھن، مھاڀارت جي جنگ ۾ ھزارين تعداد ۾ ناگ جوڳي (ناگراج) جوڳين کي قتل ڪيو ويو يا شايد باھ ۾ ساڙيو ويو. ھينئر بہ سنڌ ۾ جوڳي رھن ٿا ۽ ھڪ ذات ناگراج پڻ سنڌ ۾ آھي جنھن مان ڪي مسلمان تہ ڪي ھندو آھن. ھنن جوڳين جي پنھنجي ٻولي آھي جنھن جو نالو جوڳي ٻولي آھي. ھي جوڳي نانگ پڪڙڻ، نانگ جي مڻ گڏ ڪن، مُرلي وڄائي ماڻھن کي وندر مھيا ڪندا آھن بدلي ۾ خير خيرات وٺندا آھن ڇو تہ ھو سڄو سال رمندا وتندا آھن تپسيا ڪندا آھن، ڍارو ھڻي قسمت جو حال ڏيندا آھن، گيڙو ويس پائين ڪن پٽ، ڪاپڙي پڻ سڏجن ٿا وغيرھ. ھي جوڳي اتر ڀارت، امريڪا، سنڌ ۾ ٿرپارڪر ۾ رھن ٿا. ھنن جوڳين مان ڪيترائي پڙھي لکي نوڪريون ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار ڪرڻ لڳا آھن.
#. مسلمان جوڳي فقير : هي جوڳي فقير [[مسلمان]] آهن پر هي پڻ هندو جوڳين وانگر نانگ پالين ٿا ۽ مرلي وڄائين ٿا.ھي مذھب جي لحاظ کان مسلمان آھن، ۽ ھي جوڳي پڻ مٿي ذڪر ڪيل جوڳين وانگر ڍارو ھڻن، نانگ پالين، مُرلي وڄائين، وغيرھ. ھي جوڳي سنڌ ۾ ٿرپارڪر، بدين، ڀٽ شاھ، ڪنڊيارو سميت سنڌ جي مختلف شھرن ڳوٺن ۾ رھن ٿا. ھنن مان پڻ ڪي جوڳي پڙھي لکي نوڪريون ۽ ننڍا وڏا ڪم ڪار (ڪاروبار) ڪن ٿا.
#. جوڳي (راڄپر): هي جوڳي هڪ [[سنڌي]] ذات آهي،جيڪي [[ٺرِي مِيرواهه]] , [[خيرپور ضلعو| خيرپور]] سکر، لاڙڪاڻو ضلعي ۾ آباد آهين، هي نڪي نانگ پالين ۽ نه ئي وري مرلي وڄائڻ ڄاڻين ٿا. هنن جوڳين لاءِ چيئجي ٿو ته راڄپر جيڪي سماٽ ذات پڻ آهي ان جو هڪ پاڙو جوڳي آهن. ھي جوڳي نانگ پڪڙڻ، ڍارو ھڻڻ، مُرلي وڄائڻ وغيرھ وارو فن نہ ڄاڻين. ھي جوڳي زميندار آھن، ڪيترائي پڙھي لکي نوڪريون ۽ ذاتي ڪاروبار ڪري رھيا آھن.
 
 
شاھ جو رسالو ۾ ھڪ مڪمل سُر جوڳين بابت آھي سُر رامڪلي جي نالي سان.
Line 23 ⟶ 21:
 
==گيلري==
[[Fileفائل:OdiaKendaraBala.jpg|360px|thumb|OdiaKendaraBala]]
[[Fileفائل:ଯୋଗୀ କେନ୍ଦରା ବାଦକ.webm|360px|thumb|ଯୋଗୀ କେନ୍ଦରା ବାଦକ]]
 
==حوالا==
Line 30 ⟶ 28:
 
{{ڪچو}}
 
[[زمرو:سنڌي ذاتيون]]