عيوضي آواز: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: *'''لسانيات آهر، بدل/ عيوضي آواز (Allophone) ڇا کي ٿو چئجي''' لسانيات موجب آواز جي اکيڙ هڪ سائنسي علم آهي...
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
 
م صفائي, replaced: category: ← زمرو: (5) using AWB
سِٽَ 1:
*'''لسانيات آهر، بدل/ عيوضي آواز (Allophone) ڇا کي ٿو چئجي'''
 
لسانيات موجب آواز جي اکيڙ هڪ سائنسي علم آهي، جنهن کي سائنسي اک سان ئي ڏسڻو پوندو آهي. معنوي فرق جي بنياد تي آواز جي ٻن قسمن (وينجن ۽ سُر) کي صوتيو (Phoneme) ڪوٺيو ويندو آهي. ساڳئي انداز سان معنوي فرق جي بنياد تي هڪڙا اهڙا آواز به ٿيندا آهن، جيڪي ڪنهن لفظ ۾ مٽجڻ سان معنوي فرق پيدا نه ڪندا آهن، تن کي بدل/ عيوضي آواز (Allophone) چئبو آهي.
 
هيٺ ’ صوتيو (Phoneme)‘ ۽ ’ بدل/ عيوضي آواز (Allophone)‘ جون الڳ وصفون ڄاڻائي انهن وچ ۾ فرق ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش وٺجي ٿي:
سِٽَ 10:
*'''1. وينجن صوتيو (Consonant as a Phoneme):'''
 
ٻارُ: ننڍڙو ڇوڪرو/ ڇوڪري، ابهم، نابالغ، بي سمجهه وغيره
 
بارُ: وزن، ٻوجهو،سامان وغيره
سِٽَ 20:
نوٽ: هن لفظ ۾ رڳو ۽ رڳ اڳيون وينجڻ آواز مٽائڻ سان لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ٿئي ٿو؛ جنهن سبب انهن آوازن (ٻ، ب، پ، ڏ وغيره) کي صوتيو (Phoneme) سڏبو. ياد رهي ته بيهڪ جي نشانين پٽاندر /ٻ/ صوتئي (Phoneme) جي نشاني آهي.
 
*'''2. سُر صوتيو (Vowel as a Phoneme):'''
 
ڪَنو: ڪنهن ٿانوَ جو ڪنار، پاسو، گھيرَ، ڀر، ڪناري، حاشي، وٽ وغيره
سِٽَ 34:
*'''بدل/ عيوضي آواز (Allophone):'''
 
بدل/ عيوضي آواز ان کي ٿو چئجي جيڪو ڪنهن لفظ ۾ مٽجڻ سان ڪو معنوي فرق نه رکي، جيئن:
 
* لاڙڪاڻي اپلهجي پٽاندر: مڇي- مشي (هن ۾ ڇ ۽ ش هڪٻئي جا بدل آواز آهن، جن جي مٽجڻ سان معنوي فرق پيدا نه ٿو ٿئي.)
 
* لاڙي لهجي پٽاندر: جهجهو- ججو، ننڍو- ننڊو (وسرڳ بدران اوسرڳ اچارجن ٿا، جن جي مٽجن سان معنوي فرق پيدا نه ٿو ٿئي.) (ڀيرومل: 1956: 127)
 
* سڀني لهجن پٽاندر: برهه- ورهه، پليد- پليت (هنن لفظن ۾ ’ب‘ ۽ ’و‘ ۽ ٻئي لفظ ۾ ’د‘ ۽ ’ت‘ هڪٻئي جا بدل آواز سڏبا، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ معنوي فرق پيدا نه ٿيو.) (شيخ، 1992: 4)
 
Line 45 ⟶ 43:
 
* سَيرُ- سيرُ (هن ۾ /اَي/ ۽ /اي/ سُر صوتيا اچن ٿا، ليڪن معنوي فرق نه ٿا رکن ان سبب انهن کي صوتيو نه پر بدل آواز چئبو، ڇاڪاڻ ته هڪ صوتيي جا ٻه آواز ٿي سگهن ٿا.)
 
* جِن- جَن (لهجاتي فرق سبب، جمع صورت ۾ هي لفظ به زير /اِ/ ۽ زبر /اَ/ صوتين سان ڪم آندو ويندو آهي، ليڪن ان سان ڪو معنوي فرق پيدا نه ٿو ٿئي ان صورت ۾ ان زبر يا زير کي بدل آواز سڏبو.)
 
Line 72 ⟶ 69:
مٿين ٻنهي سٽن ۾ ’جهاج‘ ۽ ’جهاز‘ ۾ ’ج‘ ۽ ’ز‘ ٻه مختلف آواز آهن، پر ان سان ٻنهي لفظن جي معنى ۾ ڪو فرق نه آيو آهي، انڪري انهن کي هڪڙو صوتيو چئبو. ’ج‘ ۽ ’ز‘ ٻه مختلف آواز آهن، پر هنن لفظن ۾ هڪ صوتيي جو ڪم ڏين ٿا.“ (ص: 42- 43)
 
اهڙي وضاحت، دنيا جي ڪنهن به علمي ڪتاب ۾ ناهي آئي ته اهڙا آواز جيڪي ڪنهن لفظ ۾ مختلف ڪم آندا ويا هجن ۽ معنوي فرق پيدا نه ڪندا هجن ته ان کي ’صوتيو (Phoneme)‘ چئبو.
 
واضح رهي ته اهڙا مختلف آواز جيڪي ڪنهن لفظ ۾ مٽجڻ سان معنوي فرق پيدا نه ڪندا هجن ته ان کي بدل/ عيوضي (Allophone) چئبو.
 
*'''نتيجو:'''
 
* اهڙا آواز جيڪي ڪنهن لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ڪن ته انهن کي صوتيو (Phoneme) چئبو، جيئن: بار ۽ ٻار – ڪَنو- ڪُنو (هنن لفظن ۾ ’ب‘، ’ٻ‘، زبر: ’اَ‘ ۽ پيش: ’اُ‘ الڳ صوتيا آهن.)
 
* اهڙا آواز جيڪي ڪنهن لفظ ۾ معنوي فرق پيدا نه ڪن ته انهن کي بدل/ عيوضي آواز (Allophone) چئبو، جيئن: جهاز ۽ جهاج- برهه ۽ ورهه (هنن لفظن ۾ ’ز- ج‘ ۽ ’ب- و‘ هڪٻئي جا بدل آواز آهن.)
<ref>آڏواڻي، ڀيرومل، مـﻫـرچند (1956) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- ڪراچي- حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.</ref>
Line 89 ⟶ 84:
{{حوالا}}
 
[[categoryزمرو:سنڌ]]
 
[[categoryزمرو:ٻوليون]]
[[category:سنڌ]]
[[categoryزمرو:لسانيات]]
[[category:ٻوليون]]
[[categoryزمرو:تاريخ]]
[[category:لسانيات]]
[[categoryزمرو:سنڌي ٻولي]]
[[category:تاريخ]]
[[category:سنڌي ٻولي]]