آبِي چَڪَرُ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م صفائي, added orphan tag using AWB
سِٽَ 1:
{{Orphan|date=نومبر 2019}}
 
{{مبسس4}}
[[Image:watercyclesindhi.jpg|thumb|250px|آبِي چَڪَرُ]]
Line 8 ⟶ 10:
 
آبي چڪر کي ڪو به شروعاتي نُڪتو نه آهي. پر پاڻَ ساگرن ‏(Oceans)‏ کان شروع ڪنداسين، ڇاڪاڻ تہ ڌرتيءَ جي پاڻيءَ ‏جو گھڻي کان گھڻو مقدار اتي ئي سمايل آهي. آبي چڪر جو محرڪ سِجُ آهي، جيڪو سمنڊَ جي پاڻيءَ کي گرمائي ٿو. گرمائش ‏سبب پاڻيءَ جو ڪجھه حصو اُٻارجي ٿو ‏Evaporates‏ هوا ۾ اُٻَ جِي صورتَ ۾ شامل ٿِي وڃي ٿو. برفَ ‏(Ice‏) ۽ ڳڱ ‏(Snow)‏ سڌو ‏سنئون اُٻَ ۾ ‏(Sublimate‏) سگھي ٿِي. هوا جون مٿي ويندڙ اهڙي اُٻَ کي مٿي وايومنڊل (‏Atmosphere) ۾ وٺِي وڃن ٿا. ان سان گڏ اهو ‏پاڻي به مٿي وڃي ٿو، جيڪو اُٻڪبدلتڳاءُ (‏Evapotranspiration)‏ جي عمل ذريعي ٻوٽن مان ‏transpire‏ ۽ مِٽيءَ مان اُٻارجي نڪري ٿو. اُٻَ ‏هوا ۾ مٿي کڄي وڃي ٿِي، جتي جو ٿڌڙو گرمي پد اُٻَ کي ٺالي Condense‏ ڪڪر ڪري ڇڏي ٿو. هوا جا وهڪرا ڪڪرن کي ‏سڄي ارض ‏Globe‏ ۾ گھُمائين ٿا. ڪڪرن جا ذرڙا پاڻَ ۾ ٽڪرائجي گڏجن ٿا، ايئن وڏا ٿين ٿا ۽ وسڪارَ ‏Precipitation‏ جِي صورتَ ۾ ‏آسمانَ تان ڪِرَن ٿا. ڪجھه وسڪارَ ڳڱ جِي صورتَ ۾ هيٺ ڪِرندي آهي، جيڪا برفِي بَرَن ۽ برفاني جبلن يعني برفالن ‏Ice Caps and ‎Glaciers‏ جِي صورتَ ۾ گڏ ٿيندي آهي، جيڪي ڄميل پاڻيءَ جي انَ ذخيري کي هزارن سالن تائين سانڍي سگھن ٿا. بهار جِي مُندَ ‏اچڻَ کانپوءِ نسبتاً گرم آبهوا ۾ اهي برفاني ذخيرا رجڻ ۽ ڳرڻ لڳندا آهن ۽ اهو ڳريل آب ڳڱڻياٺ ‏Snowmelt‏ جِي صورتَ ‏‏۾ زمين تي وهڻ لڳندو آهي. وسڪارَ جو اڪثر حصو واپس سمنڊَ ۾ هليو ويندو آهي، جڏهن تہ باقي حصو خُشڪِيءَ تي ڪِرندو ‏آهي ۽ ثقلي ڪشش سبب زمين تي (سطحي يا مٿاڇراتي) نئين آب ‏Surface runoff‏ جِي صورتَ ۾ وهندو آهي. ان رن آف جو هڪڙو ‏حصو دريائن ۾ داخل ٿي ويندو آهي، جنهن جو وهڪرو ‏Streamflow‏ پاڻيءَ کي سمنڊَ طرف وٺي ويندو آهي. نئين جو پاڻي ۽ جر ‏‏(زير زمين پاڻي) جو سيمو ملي ڍنڍُن اندر تازي پاڻيءَ ‏Freshwater‏ جي صورتَ ۾ گڏ ٿي ٿو. [[مگر|پر]] سڄو جو سڄو نئين آب دريائن ۾ ‏نہ ٿو وڃي. ان جو وڏو ڀاڱو زمين چُهِي وڃي ٿِي، جنهن کي دَرڇاڻَڪاري ‏Infiltration‏ چئجي ٿو. ڪجھہ پاڻي درڇاڻجِي اونهائيءَ ۾ ‏هليو ويندو آهي، جتي اهو جرگاهن ‏Aquifers‏ (پاڻيءَ سان تَر ٿيل زير زمين سطح) کي ڀري ٿو، جيڪي تازي پاڻيءَ کي تمام وڏي ‏مقدار ۾ ۽ تمام ڊگھي عرصي لاءِ سانڍي سگھن ٿا. ڪجھہ جَر (زير زمين پاڻي) مٿاڇري کي ويجھو رهي ٿو، جيڪو سيمو ڪري ‏واپس مٿاڇري تي موجود آبگاهن (۽ سمنڊ) ۾ هليو وڃي ٿو، جنهن عمل کي جر اخراج ‏Ground-Water Discharge‏ چئجي ٿو؛ ۽ ‏ڪجھہ جر وري چشمي جِي شڪل ۾ خُشڪِيءَ تي تازي پاڻيءَ جي ڦُوهارو ٿِي نڪري ايندو آهي. بهر حال، وقت ساڻ سمورو پاڻي ‏هلندو هلندو ڪنهن نه ڪنهن ريت سمنڊَ ۾ داخل ٿِي وڃي ٿو، جتي آبي چڪر پُورو ٿي ٿو......... ۽ اتان پوءِ وري اهو ٻيهر شروع ٿئي ٿو.
 
 
==ٻاهريان ڳنڍڻا==
Line 15 ⟶ 16:
{{ڪچو}}
 
[[Categoryزمرو:سائنس]]
[[categoryزمرو:آبي سائنس]]