"سري لنڪا" جي ورجائن ۾ تفاوت

١ بائيٽون واڌ ،  ١ سال پهرين
م
(غير ضروري مواد ختم ڪيو ويو)
سريلنڪا جي شھر [[ڪولمبو]] جي اولھ ۾ هزار ٽي سؤ پنجاھ ميل پري مگديشو (سومالي لئنڊ) آهي. وچ ۾ ننڍن مالديو ٻيٽن کان سواءِ سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ۽ اوڀر ۾ هڪ هزار اٺ سؤ پنجويھ ميلن کان پوءِ سنگاپور ٿو اچي. دنيا کان ايترو ڇڄيل هجڻ جي باوجود سريلنڪا ٻن هزار سالن کان دنيا ۾ مسالي، قيمتي پٿرن، هيرن جواهرن، لعلن ياقوتن کان مشهور آهي ۽ جهازن لاءِ سڻائو، وڻندڙ ۽ دلچسپ تڙ (Port) پئي رهيو آهي. پراڻي زماني ۾ جڏهن سجُ، چنڊُ تارن ۽ هوائن کان سواءِ ٻيو ڪوبه Navigational Aid يا جهازرانيءَ ۾ مدد ڪندڙ اوزار نہ هو، تڏهن بہ يوناني، رومن، عرب، چيني، پورچوگيز، ڊچ وغيره سڀُ سلون کان ڀلي ڀت واقف هُئا. سنڌباد جا سفر تہ [[سنڌ]] ۾ بہ مشهور آهن. هو پنهنجي روايتي سفرن دوران سريلنڪا ۾ پڻ ٻہ دفعا آيو.
 
==جاگرافي==
 
پليني (جيڪو رومن هو) تنهن سلون جو پهريون نقشو، پهرين صديءَ عيسويءَ ۾ تيار ڪيو. تيرهينءَ صدي عيسويءَ ۾ مارڪوپولو دنيا ([[يورپ]]، [[آفريڪا]] ۽ [[ايشيا]]) جو چڱو سفر ڪيو. هن پنهنجي ڪتاب ۾ سريلنڪا جو گھيرو ٻہ هزار چار سؤ ميل لکيو آهي. انگريزيءَ جي مشهور شاعر ملٽن پڻ جنهن جو (Paradise lost) نالي ڪتاب تمام گھڻو مشهور آهي، ان ڪتاب ۾ سريلنڪا جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سلون جو يوناني نالو تئپروبين (Taparobane) استعمال ڪيو آهي.