ٻين مھاڀاري جنگ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م clean up using AWB
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
'''ٻي عالمي جنگ''' انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي، طويل ۽ خونريز ۽ تباهه ڪن لڙائي ٻي عالمي جنگ هئي، جيڪا پهرين سيپٽمبر 1939ع تي [[پولينڊ]] تي [[جرمني|جرمنيءَ]] جي حملي سان شروع ٿي ۽ 2 سيپٽمبر 1945ع تي وڃي ختم ٿي، جڏهن آخري محوري طاقت جپان سرڪاري طرح پنهنجي شڪست تسليم ڪئي. ٻي عالمي جنگ هونئن ته جپان جي چين ۾ مداخلت سان پهرين سيپٽمبر 1939ع کان اڳئي شروع ٿي چڪي هئي، سا جرمني جي غير مشروط طور هٿيارن ڦٽا ڪرڻ سان يورپ ۾ 8 مئي 1945ع تي ختم ٿي هئي. هيءَ جنگ جزوي طرح 1930ع ۽ 1940ع جي ڏهاڪن ۾ ايشيا ۾ جاري هئي. ان کان سواءِ هيءَ جنگ آفريقا جي ڪن حصن ۽ آمريڪا جي ڀر وارن ملڪن ۾ به وڙهي پئي وئي. بعد ۾ هن جنگ دوران مختلف سمنڊن ۾ وڏين طاقتن جي بحري فوجن، جهازن ۽ آبدوزن سان تمام وڏيون ۽ خطرناڪ لڙايون ٿيون هيون. هيءَ انساني تاريخ جي وڏي ۾ وڏي لڙائي هئي، جنهن ۾ دنيا جا ذري گھٽ سڀئي ملڪ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح شامل ٿي چڪا هئا، جنهن ۾ پراڻن آزمايل هٿيارن سان گڏ نوان خطرناڪ هٿيار به استعمال ٿيا ۽ آخر ۾ ته ايٽم بم به استعمال ٿيو، جيڪو آمريڪا جپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ڪيرايو هو. ٻي عالمي جنگ جا بنياد پهرين عالمي جنگ (ڏسو: پهرين عالمي جنگ) جي خاتمي سان ئي پئجي چڪا هئا. اهو هن طرح ته پهرين عالمي جنگ (1914ع کان 1918ع) جي فاتح اتحادي طاقتن، شڪست کاڌل جرمنيءَ کان جيڪو صلح نامو ”ٽريٽي آف ورسائيليز“ (Treaty of Versailles) زرو زبردستيءَ سان صحيح ڪرايو هو، تنهن ۾ جرمنيءَ کي نهايت ذلت وارا شرط قبول ڪرڻا پيا هئا. مثال طور، اتحادين جرمنيءَ جي ڪن خاص علائقن تي، جتي جرمنيءَ جا فولاد جا ڪارخانا ۽ هٿيارن ٺاهڻ جون فيڪٽريون هيون، قبضو ڪري پنهنجون فوجون ويهاري ڇڏيون. جرمنيءَ تي پنهنجي اندروني انتظام کان وڌيڪ فوج رکڻ تي بندش وجھي ڇڏي ۽ اتحادي طاقتن هٿيار ٺاهڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي ۽ خاص طور فرانس کي، جنهن تي جرمنيءَ جي حملي سان پهرين عالمي جنگ وڏي پئماني تي شروع ٿي هئي ۽ جنهن ۾ فرانس کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان پهتو هو. ان کي War Reparations يعني جنگي نقصانن جو معاوضو ڀري ڏيڻ به اتحادين جرمنيءَ کان قبول ڪرايو هو. پهرين عالمي جنگ ۾ جرمنيءَ جي شڪست سبب جرمنيءَ جي پراڻي بادشاهت کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي جمهوري نظام رائج ڪيو ويو ۽ جرمنيءَ کي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ يعني عوامي جمهوريه قرار ڏنو ويو، جيڪا شروعاتي ڪاميابي کانپوءِ ناڻي واڌ، مهانگائيءَ، بيروزگاري ۽ اقتصادي مسئلن ۽ جرمنيءَ جي سندس مخالف طاقتن هٿان قومي ڦر لٽ سبب سخت ڪمزور پئجي ويئي. ملڪ ۾ مختلف شدت پسند سياسي تحريڪون ۽ سياسي جماعتون پيدا ٿي پيو. جن مان هڪڙي ڪميونسٽ پارٽي هئي ۽ ٻي هئي ايڊولف هٽلر جي نازي پارٽي. هٽلر ۽ ان جي نازي پارٽيءَ جرمنيءَ جي ٻي عالمي جنگ ۾ شڪست کانپوءِ جي ذلت جو الزام هڪڙو اتحادي طاقتن طرفان جرمنيءَ کان زوري مڃايل ورسائيليز معاهدي ۽ ٻيو يهودين تي لڳايو. هٽلر جي نظر ۾ (الف) يهودين جو جرمنيءَ تي ايترو ته مضبوط اقتصادي ۽ مالي تسلط هو، جو جرمني پنهنجي دفاع جو پورو انتظام نه ڪري سگھي ۽ (ب) يهودي اندران جرمنيءَ سان ڪوڙا ۽ اتحادين سان سچا هئا.<ref name="سنڌيانا">[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D9%BB%D9%8A%20%D8%B9%D8%A7%D9%84%D9%85%D9%8A%20%D8%AC%D9%86%DA%AF ''ٻي عالمي جنگ''] [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]] (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، [[سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو]]، حيدرآباد. سال:2012ع</ref>
 
==يورپ ۾ جنگ جي شروعات==
يورپ ۾ جنگ جي شروعات: جرمني ۽ روس هڪٻئي جا جاني دشمن هئا. پر ڪن فوجي ۽ سياسي مصلحتن جي ڪري انهن في الحال پاڻ ۾ هڪٻئي خلاف جارحيت نه ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ۽ انهن معاهدي جي هڪ ڳجھي راز مطابق پولينڊ، بالٽڪ سمنڊ جي ڀر وارا ملڪ ۽ فن لينڊ کي پاڻ ۾ اڌو اڌ ڪري ورهائي کڻڻ جو به فيصلو ڪيو هو. پهرين سيپٽمبر 1939ع تي ان وقت يورپ ۾ باقاعدي وڏي جنگ شروع ٿي ويئي، جڏهن جرمنيءَ پولينڊ تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي حفاظت لاءِ انگلنڊ ۽ فرانس ٻنهي لکت ۾ اڳيئي خاطريون ڪرايون هيون. ٻئي پاسي کان روس به پولينڊ تي حملو ڪري ڏنو. ٻنهي حملي آورن پولينڊ اڌو اڌ ورهائي کنيو. پولينڊ جي فوجن شڪست کاڌي، پر ڪجهه فوجي آخر تائين اتحادين پاران قابض فوجن خلاف وڙهندا رهيا. جرمنيءَ فرانس تي فوج چاڙهي، پر ٻنهي ملڪن جون فوجون 10 مئي 1940ع تائين هڪٻئي تي صرف فائرنگ ڪنديون رهيون.<ref name="سنڌيانا"/>
 
==جرمني ۽ روس جي خوفناڪ لڙائي==
جرمني ۽ روس جي خوفناڪ لڙائي: ٻي عالمي جنگ جو فيصلو جرمني ۽ روس جي شديد، طويل ۽ خونريز جنگ جي نتيجي ۾ وڃي ٿيو. هٽلر روس سان جنگ ۾ شڪست کانپوءِ هر محاذ تي پوئتي پوندو ويو. تان جو دشمن جرمنيءَ کي چئن ئي طرفن کان گھيري ويا. هٽلر جي Minister for Armament يعني (هٿيارن واري وزير) البرٽ اسپيئر پنهنجين ياداشتن ۾ لکيو آهي ته، ”ڪابينا جي جنهن اجلاس ۾ هٽلر روس تي حملي جو پلان (Operation Barbarossa) ”آپريشن باربروسا“ جي منظوري ڏني، ان وقت هو فرانس کي ڏيڍ مهيني جي مختصر جنگ ۾ اڳئي شڪست ڏئي چڪو هو ۽ کلندي کيس چيو هئائين ته:<ref name="سنڌيانا"/>
 
:“As Compared to war with France the “Operation Barbarosa” will be a child’s play”.
 
عني ”فرانس سان ٿيل جنگ جي نسبت آپريشن باربروسا ته اسان لاءِ هڪ ٻارن جي راند ثابت ٿيندي.“ پر ائين ٿيو ڪونه. روس تي حملي هٽلر کي ائين تباهه ڪري ڇڏيو، جيئن ڏيڍ سؤ سال اڳ ۾ نيپولين جي لکين سپاهين جي زبردست فرينچ فوج کي روس ۾ تباهه ڪيو ويو هو. نيپولين پنهنجي چند هزار جان نثار سپاهين سان وڏي مشڪل سان پنهنجي جان بچائي واپس فرانس پهچي سگھيو هو. جيتوڻيڪ هن ماسڪو شهر تي به قبضو ڪري سڄي شهر کي ساڙائي ڇڏيو هو ۽ هٽلر جي فوج تي ماسڪو کان 35 ميل پري رهجي وئي هئي. برطانيه جي فيلڊ مارشل منٽگو مري ته چيو هو ته: ”جنگ جي وڏن اصولن ۾ هاڻي هن اصول جو به اضافو ٿيڻ کپي ته:(Never march on Moscow) يعني ”ماسڪو تي ڪڏهن به حملو نه ڪجو.“ فاتح روسي فوج ۽ برلن تي روسي حملي جي اڳواڻي ڪندڙ جنرل زوخوف جرمنيءَ جي شڪست ۽ روس جي فتح جو وڏو سبب اهو ٻڌايو هو ته، ”هٽلر پنهنجي طاقت جو حقيقت کان وڌيڪ ۽ اسان جي طاقت جو حقيقت کان گھٽ اندازو لڳايو هو.“ ساڳيو جرمن وزير جنگ البرٽ اسپيئر پنهنجين يادگيرن ۾ اهو به لکي ٿو ته، ”بعد ۾ روس هٿان جرمنيءَ جي شڪست تي تبصرو ڪندي هٽلر وڏي اداسيءَ سان کيس چيو هو ته:<ref name="سنڌيانا"/>
 
:“Future belongs to our powerful neighbour as Germans have proved themselves weaker people.”
 
يعني ”مستقبل اسان جي طاقتور پاڙيسري (روس) جو آهي، ڇاڪاڻ جو جرمن قوم پاڻ کي (روسين جي ڀيٽ ۾) ڪمزور ثابت ڪيو آهي.“