بحث:مُک صفحو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 415:
سنڌي وڪيپيڊيا جي موبائيل ورجن ۾ نئون مضمون ڪيئن لکجي؟ [[واپرائيندڙ:منصور جمالي|منصور جمالي]] ([[واپرائيندڙ بحث:منصور جمالي|ڳالھ]]) 11:52, 2 جُونِ 2019 (UTC)
:{{ping|منصور جمالي}} ادا موبائل ورزن ۾ نئون مضمون نہ لکبو آھي آھي. ھا البتہ ھيٺ ڊيسڪٽاپ واري لنڪ تي ڪلڪ ڪري توھان ڊيسڪٽاپ ورزن تي اچي نئون مضمون تخليق ڪري سگھو ٿا. نئين مضمون تخليق ڪرڻ لاءِ ڳولا واري خاني ۾ پنھنجي گھربل مضمون جو نالو لکو ۽ پوءِ اھو ڳاڙھي رنگ ۾ ظاھر ٿيندو، ان تي ڪلڪ ڪري مضمون لکڻ شروع ڪريو.--<big><span style="color:#008000;">مھ</span><span style="color:#008000;">تاب-</span><span style="color:#ac6600;">احمد</span></big> [[يوزر بحث:مھتاب احمد|<sup>(ڳالھ)</sup>]] 10:10, 3 جُونِ 2019 (UTC)
 
شاهه لطيف وطن پرست ۽ انقلابي شاعر
سارنگ جويو
 
سنڌ جي ڏاھپ جو الميو چئجي يا ٻيو ڪجھ، جو سنڌ جي قومي سُڃاڻپ ۽ علامت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي هڪ سياسي دانشور پاران ان دور جي اسٽيبلشمينٽ جو ماڻھو قرار ڏنو ويو آھي، جنھن لاءِ هن دليل اھو ڏنوآھي ته، “شاھ لطيف جو ان وقت اسٽيبلشمينٽ جي اھم ماڻھو محمد ھاشم ٺٽويءَ سان دوستيءَ جو رشتو هو، ۽ ان کان سواءِ شاهه لطيف صوفي شاهه عنايت جي شهادت جي واقعي تي پنهنجي شاعريءَ ۾ کُليل طور اظهار ناهي ڪيو، جنهن ڪري شاهه لطيف ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جو حصو هو.”
دانشور صاحب جي اها ڳالھ سمجھ کان ٻاھر آھي. منھنجي مختصر مطالعي موجب مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، شاھ لطيف جو سخت فڪري مخالف ھو. ڇو ته شاهه لطيف ‘وحدت الوجود’ واري مڪتبِهء فڪر جو پرچارڪ هو ۽ گڏوگڏ ان وقت جي وحدت الوجودي فلسفي جي وڏن عالمن مخدوم معين ٺٽويءَ سان سندس دوستيءَ ۽ شھيد شاھ عنايت سان سندس فڪري تعلق هو، جڏهن ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ‘وحدت الشهودي’ مڪتبِهء فڪر جو وڏو همعصر عالم هو.
اها حقيقت آهي ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، پنهنجي دور جو وڏو فقيھه ۽ عالم هو، ۽ هن جي پنهنجي وطن سنڌ سان به محبت هئي، جو جڏهن هڪ پٺاڻ عالم عبدالرئوف، سنڌ ۽ سنڌين خلاف ڪتاب لکيو هو، ته مخدوم صاحب سندس جواب ۾ هڪ ڪتاب لکي، کيس رد ڏنو هو. پر اها به حقيقت آهي ته مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پنهنجي دور جي اسٽيبلشمينٽ سان ويجهڙائي به هئي، ان ڏس ۾ سائين جي. ايم. سيد، پنهنجي ڪتاب ‘پيغام لطيف’ ۾ مخدوم هاشم ٺٽويءَ جي تعارفي ذڪر کانپوءِ لکي ٿو ته، “انهيءَ وقت سنڌ جا عالم ٻن گروهن ۾ ورهايل هئا. هڪڙا فلسفي ۽ حديث ۾ ماهر هئڻ ڪري غير مقلد (تقليد نه ڪندڙ) ٿي ويل هئا، ليڪن مٿن تصوف جو اثر به قائم رهيو ۽ ٻيا فقهه ۾ مهارت حاصل هئڻ ڪري مقلد (تلقيد ڪندڙ) زاهد ۽ صاحبِ شريعت مشهور ٿيا. مخدوم محمد معين پهرئين گروهه مان مکيه هو ۽ ٻئي گروهه جي مهنداريءَ جي پڳ مخدوم محمد هاشم تي آئي. هي صاحب پابند صوم ۽ صلواة، سنت اسلاميءَ جو پيرو هو ۽ مذهب مان بدعتن (هر نئين ڳالهه جا اهل سنت و جماعت جي حنفي فرقي جي حڪمن جي برخلاف هجي) ڪڍڻ جي تحريڪ شروع ڪئي. جيئن ته اهو ڪم مؤثر طرح حڪام وقت ڪلهوڙن ۽ ٻين معززن اميرن جي مدد ۽ همدرديءَ کان سواءِ پوري طرح حاصل ٿيڻ مشڪل هو، ان ڪري هن انهن سان لاڳاپو وڌايو. جيئن ته انهن حاڪمن جي ذاتي ۽ طبقاتي مفاد کي انهن ڳالهين ڪري ڪو نقصان نه ٿي پهتو، تنهنڪري انهن مخدوم صاحب جو ساٿ ڏنو ۽ مخدوم جو اثر وڌڻ لڳو... مخدوم صاحب تجديدِ شريعت جي نالي سان تحريڪ شروع ڪئي.”
سائين جي. ايم. سيد مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ بابت وڌيڪ لکي ٿو ته، “عام فهم ماڻهن ۽ مُلن ۾ سندس نالو مشهور ٿي ويو. هن ان وقت جي بلند پايه عالمن ۽ صوفين جي اڪثري شريعت جي نالي ۾ مخالفت ڪئي. مخدوم معين، مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارا ۽ شاهه صاحب (لطيف) سڀ سندس نقطه چينيءَ کان بچي نه سگهيا.” (سيد، 1954)
ان ڏس ۾ محترم بدر ابڙو پنهنجي ڪتاب ‘سنڌ جو شاهه’ ۾ لکي ٿو ته، “ڀٽائي صاحب جي زماني ۾ مغل، ترخان (نسلي طرح ساڳيا)، ڪلهوڙا، ۽ عباسي سڀ کان وڌيڪ رعايت يافته هُئا. مُلان جو ادارو تمام طاقتور هو، ان ئي دور ۾ مخدوم هاشم ٺٽويءَ جون فتوائون دابگير مسجد مان جاري ٿينديون هيون. اهڙيءَ طرح قاضي، مُفتي ۽ آخوند علمي بُنيادن تي ڪلهوڙن ۽ مغلن جي ادارن کي هلائي رهيا هُئا. سيد ۽ درويش به رعايت ۾ هوندا ، پر انهن فقيرن تي گهري نظر موجود هُئي، جيڪي شاهه عنايت شهيد جي مڪتبهءِ فڪر جا هُئا.“ (ابڙو، 2014)
اسان جي معزز دانشور جي نظر ۾ جيڪڏھن شاھ لطيف اسٽيبلشمينٽ جو ماڻھو هو ته پوءِ وقت جي حڪمران نورمحمد ڪلھوڙي، لطيف سائينءَ کي ٽي ڀيرا مارائڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي ھُئي، جنهن جو ذڪر محترم بدر ابڙي پنهنجي ڪتاب ‘سنڌ جو شاهه’ ۾ هن ريت ڪيو آهي: “وقت جو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو پڻ سندس شروعاتي دور ۾ ڀٽائي صاحب جو دشمن هو. مٽياري جا سيد پڻ شاهه صاحب سان ڪو نه ٺهيا ۽ مخالفت وارو رويو رکيو هُئائون. اهي ڳالهيون مشهور آهن ته ميان نورمحمد ڪلهوڙي ڀٽائي صاحب جي جان کي جوکو ڏيڻ لاءِ ٻه ٽي ڀيرا خوني حملا ڪرايا.“ (ابڙو، 2014) اهي جملا سڌيءَ ريت نه پر اڻسڌيءَ ريت ڪرايا ويا هئا (1) معجون جي دٻلي ڏياري موڪلڻ، جنهن ۾ زهر ڀريل هو، ۽ (2) جڙي گهوڙي تحفي طور ڏيڻ وغيره.
ميان نور محمد ڪلهوڙي شاهه لطيف تي خوني حملا ڇو ڪرايا، ان ڏس ۾ محترم عطا محمد ڀنڀري جي ترجمي ڪيل انگريز محقق ايڇ ٽي سورلي جي ڪتاب ‘ڀٽ جو شاهه’ ۾ ايڇ. ٽي. سورلي، رچرڊ برٽن جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته، “سنڌ جي تصوف متعلق ڄاڻ لاءِ اسان برٽن جا ٿورائتا آهيون. تصوف متعلق برٽن ٻُڌائي ٿو ته، “تصوف، مقامي حڪومت دوران اهڙوئي هڪ خطرناڪ سياسي هٿيار سمجهيو ويندو هو، جهڙيون ٻيون ڪيتريون ڳُجهيون برادريون تاريخ ۾ قلمبند ٿيل آهن.” (سورلي، 2012) شاهه لطيف کي وقت جي حڪمران نورمحمد ڪلهوڙي پاران مارائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو هڪ سبب ته رچرڊبرٽن پاران ٻُڌايل تصوف جي مڪتبهءِ فڪرن جي وچ ۾ ٽڪراءُ وارو آهي، پر ان کان سواءِ ٻيا ڪهڙا سبب هئا. ان ڏس ۾ ساجد سومرو پنهنجي ڪتاب ‘سوشل سائنس ۽ شاهه لطيف’ ۾ لکي ٿو ته، “شاهه لطيف کي ميان نورمحمد ڪلهوڙي پاران ٻه ٽي ڀيرا مارائڻ وارين روايتن کي پڙهڻ کان پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن اهي ٻئي روايتون صحيح آهن ته آخر ميان نور محمد ڪلهوڙي ايئن ڇو ٿي ڪيو؟ اِنهيءَ سوال جو هڪ ممڪن جواب هيءُ ٿي سگهي ٿو ته ان خطري کان بچڻ لاءِ هن اهو ئي بهتر سمجهيو ته لطيف جهڙي عوامي ۽ قومي مزاج رکندڙ ماڻهوءَ کي مارائي ڇڏجي. ڇو ته جنهن طريقي سان اُن وقت حڪومت ٿي رهي هُئي، سا بهرحال لطيف سائينءَ سنڌي عوام جي قومي ۽ عوامي اُمنگن مطابق نه ٿي سمجهي، اهڙا اشارا سندس شاعريءَ ۾ موجود آهن، جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو ته؛
جُھ سي لوڙائو ٿيا، جنين سنديءَ ڌِيرَ،
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي.
يا
جُهه سي لوڙائو ٿيا، جَنين ڀر رَهن،
مارو مَنجههُ ٿَرن، رهي رهندا ڪيترو.
“اُن جي باوجود اِهو جوابُ، اُن ڪري به نه ٿو آئڙي، جو لطيف جو سَنئون سڌو حڪومتي ڪاروبار سان ڪو به لاڳاپو نه هو. سندس هر ممڪن ڪوشش هُئي ته سنڌ جي درٻار ۽ اُن سان لاڳاپيل ماڻهن کان پري رهي.. ته پوءِ ميان صاحب نيٺ ڇو ٿي لطيف کي مارائڻ چاهيو؟ مُنهنجي خيال ۾ لطيف کان اُن دور جي سنڌ جون ڪيتريون ڪٽر مذهبي ۽ فارسي زده شخصيتون، ڌُريون، ٽولا ۽ ڪجهه ڀرپاسي جون بااثر ۽ حاڪم قوتون، انتهائي ناراض هُيون، ڇو ته اُنهن جي نظر ۾ لطيف نه رُڳو مُلي جي مذهبي هڪ هَٽيءَ کي للڪاريو هو، نه رُڳو فارسيءَ جي (سرڪار پرست) عاشقن کي گولا ۽ غلام سڏيو هو، نه فقط ٻاهرين ۽ ڦورن جي تباهه ڪارين ۽ هاڃيڪارين تي لعنت وِڌي هُئي، بلڪه اُن سان گڏ پنهنجي شاعريءَ جي ڪردارن جي معرفت پنهنجي فڪر ۽ فلسفي وسيلي سنڌي قوم ۾ وطن دوستي ۽ لوڪ شاهيءَ واري آزاديءَ جا جذبا جاڳائڻ جي به ڪوشش ڪئي هُئي. دراصل شاهه لطيف ڪلهوڙا دور جي ‘رياستي رِٽ’ کي چئلينج ڪيو هو، ۽ هُن جو قومي شعور، رياستي قانون، پاليسي ۽ حڪومتي مزاج کان باغي هو.” (سومرو،2018)
شاهه لطيف هڪ روشن خيال، انقلابي، عوامي دوست شاعر ۽ فلاسافر هو ۽ سندس دوستيءَ جو تعلق ان وقت جي هاري انقلاب جي علمبردار شاھ عنايت شھيد سان به هو، جنهن ڪري لطيف سائينءَ کي عتاب جو نشانو بڻايو ويو ھو، جنھن ۾ ان وقت جي بلڙي شاھ ڪريم جي گادي نشين سيد عبدالواسع شاھ پاران لطيف جي مخالفت ڪندي لطيف سائين پاران شاھ ڪريم جي مقبري تي ھڻايل تختي پڻ پٽرائڻ به هئي، جنهن تي خُدا جو نالو ‘لطيف’ لکيو ويو هو. هيءُ عبدالواسع شاهه اهو شخص هو، جنهن مقامي زميندارن نور محمد پليجي ۽ حمل جت سان گڏجي شاهه عنايت کي شھيد ڪرايو هو.
هتي هڪ ڳالهه ٻي به واضح ڪريان ته ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ پنهنجي ڪتاب ۾ مخدوم هاشم ٺٽويءَ ۾ لکيو آهي ته مخدوم جو ڳوٺ بهرام پور، بلڙي شاهه ڪريم جي ويجهو هو. جڏهن شاهه لطيف، پنهنجي وڏي ڏاڏي شاهه ڪريم جو مقبرو جوڙائڻ جو ارادو ڪيو هو، ته مخدوم هاشم ٺٽوي وٽس هلي آيو ۽ کيس مقبرو ٺهرائڻ کان منع ڪيائين. پر شاهه صاحب کيس چيو ته هو اسان جو وڏو آهي، آءٌ ان تي مقبرو ضرور ٺهرائيندس. مخدوم هاشم ٺٽوي ۽ سيد عبدالواسع شاهه ڪلهوڙن حاڪمن جي ويجهو هئا. ٻئي فڪري طرح ساڳئي مڪتبه فڪر جا هئا؛ جڏهن ته شاهه لطيف ‘وحدت الوجود’ جو قائل ۽ شاهه عنايت جي نقطهء نظر ۽ تحريڪ جو حامي هو. اها ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته مخدوم معين ٺٽوي، جهوڪ ڌڻيءَ جو معتقد هئڻ ڪري، وحدت الوجودي فڪر سان وابسته ٿي چڪو هو، ڪڏهن ڪڏهن گيڙو ويس پائيندو هو، هندي شاعريءَ ۾ ‘ويراڳي’ تخلص ڪم آڻيندو هو ۽ شاهه لطيف جو دوست هو. جيڪي ڳالهيون نه محمد هاشم ٺٽويءَ کي وڻنديون هيون، نه ڪلهوڙن کي پسند هيون ۽ نه عبدالواسع شاهه کي وڻنديون هيون. مخدوم معين ٺٽوي ۽ شاهه لطيف سماع ۽ راڳ جا عاشق هئا، ٻنهي جو موت به راڳ ٻڌندي ٿيو، جڏهن ته مخدوم هاشم ٺٽوي راڳ کي شرعي طرح ڏوهه سمجهندو هو. اِن ڏس ۾ هو هڪ ڀيري مولوين جي جماعت جي اڳواڻي ڪري، ٺٽي ۾ لطيف وٽ پهتو هو ۽ کيس راڳ کان منع ڪئي هئي، پر لطيف کانئن، هڪ عام مثال ذريعي فتوا ورتي هئي ته ڪنهن وڻ کي سُڪڻ کان بچائڻ لاءِ ميري ۽ گندي پاڻيءَ کي ڪم آڻِ سگهجي ٿو يا نه؟ ۽ هنن هاڪار ڪئي هئي ته ائين ڪري سگهجي ٿو. ان تي لطيف سائينءَ کين اهو چئي لاجوان ڪري ڇڏيو هو ته “منهنجي اندر جو وڻ راڳ جي پاڻيءَ کان سواءِ سُڪي وڃي ٿو.” پوءِ جڏهن تنبورا ازخود وڄڻ لڳا ته مخدوم هاشم ۽ سندس ساٿي مولوي ڪاوڙجي هليا ويا هئا.
محترم بدرابڙي ڪتاب ‘سنڌ جو شاھ’ ۾ لکيو آهي ته، “شاھ لطيف ۽ شاھ عنايت صوفيءَ ۾ هڪ بُنيادي فرق هو، شاهه عنايت صوفي فقيرن جي هڪ ڀرپور هاري تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، بلڪل ايئن، جيئن مخدوم بلاول شهيد باغي سمن سردارن جي فوجي ۽ نظرياتي تربيت ڪري رهيو هو. هنن ٻنهي صوفي فقيرن کي هٿياربند جدوجهد ڪرڻي پئي ۽ شهادت ماڻيائون، جڏهن ته شاهه لطيف ڪنهن هٿياربند جدوجهد جي اڳواڻي نه ڪري رهيو هو، توڻي جو ساڳئي مڪتبهءِ فڪر جو هو. ان هوندي به شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ آيل ڪردار ۽ علامتي ٻولي اُهائي آهي، جيڪا شاهه عنايت شهيد يا سندس فقيرن جي شاعريءَ ۾ موجود آهي.“ (ابڙو، 2014)
شاهه عنايت جي تحريڪ جي حامي ۽ ان تحريڪ جي حصي هئڻ جي شاھدي، ‘شاهه جي رسالي’ جي سُر رامڪلي، سُر يمن ڪلياڻ، سُر کاھوڙي ۽ سُر ڪيڏاري جي ڪيترن بيتن مان ملي ٿي، جن ۾ شاھ صاحب، شاھ عنايت شهيد جي مغل سامراج خلاف ڪيل گوريلا جنگ ۾ زخمي ٿيل جوڌن جي ذڪر کان وٺي سندن روپوشين ۽ رازداريءَ وارن عملن جو چٽيءَ طرح ذڪر ڪيو آھي. ان ڏس ۾ بدر ابڙو ساڳئي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، “رامڪليءَ جا بيت جهوڪ جي پسمنظر ۾ لکيل آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته، اهي ڀٽائيءَ جي ڦوهه جوانيءَ جا بيت آهن ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو پڻ انهيءَ واسطيداريءَ سبب شاهه لطيف سان دشمنيءَ وارو رويو رکي ويٺو. انهيءَ دشمنيءَ سبب شاهه لطيف روپوشيءَ يا سفرن واري حالت ۾ گُذاريو ۽ انهن ئي سفرن ڀٽائي صاحب جي مشاهدي ۽ ٻوليءَ کي وُسعت ڏني.” (ابڙو، 2014)
بدر ابڙي سُرکاهوڙيءَ بابت لکيو آهي ته، “سُر کاهوڙي، انهن هارين جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي، جيڪي شاهه عنايت جا ساٿي هُئا. گهڻو ممڪن آهي ته ڀٽائيءَ هن سُر ۾ ڏنل بيت پنهنجي پهرين روپوشيءَ دوران چيا هُجن، ڇاڪاڻ ته سُر کاهوڙيءَ مان اندازو لڳي ٿو ته ڀٽائي گهر ڇڏي کاهوڙين جي تلاش ۾ ايئن نڪتو هو، جيئن سسئيءَ ڀنڀور کي قربان ڪيو هو. هن سُر منجهان هڪ ٻي ڳالهه به محسوس ٿئي ٿي ته نوجوان ڀٽائي پنهنجو پاڻ کي هن تحريڪ لاءِ جسماني طور ارپڻ خاطر نڪتو هو، پر ان کان اڳ به سندس سوچ، پرچار ۽ همدرديون کاهوڙين سان وابسته هيون. ڀٽائي تلاش دوران ڀٽڪندي هنڌ هنڌ پُڇائون ڪندو ٿي ويو، ڇا ڪاڻ ته کاهوڙين جا ٺڪاڻا لڪل هُئا.
سُڪا سنڊَ ڪَڇن ۾، کرڪڻا پيرين،
ٽِمندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گڏيا؟” (ابڙو، 2014)
بدر ابڙو سُر رامڪليءَ بابت رقم طراز آهي ته، “ساڻن (يعني شاهه عنايت ۽ ان جي تحريڪ سان لاڳاپيل کاهوڙين سان) ملڻ کان پوءِ ڀٽائيءَ پنهنجي روزاني ڊائري لکي آهي، جيڪا (ڏينهن وار) سُر رامڪليءَ جي ٻئي داستان تي ٻڌل آهي. هن هنڌ کاهوڙين جا ڪجهه تفصيل سامهون اچن ٿا. لڳي ٿو ته ڀٽائي ساڻن پهريون ڀيرو گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو رهيو۽ شاهه عنايت سان سندس مُلاقات ٻارهين ڏينهن ٿي وئي، تنهن کان پوءِ جاءِ بجاءِ سندن ملاقاتون ٿينديون رهيون، جن جو ذڪر ڪجهه شعرن مان ملي ٿو.” (ابڙو، 2014)
آئون، پنھنجي مطالعي، ۽ تحقيق، بدر ابڙي جي ڪتاب ‘سنڌ جو شاهه’ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي ڪتاب ‘پيغام لطيف’ مان ڏنل حوالن سان مُتفق آھيان، ته شاھ لطيف شھيد شاھ عنايت جي تحريڪ جو نه رڳو حمايتي ھو، پر شاھ سائين ان تحريڪ جو حصو به رهيو ھو. مختلف روايتن ۾ آيو آھي ته شاھ لطيف جون شھيد شاھ عنايت سان ملاقاتون به ٿيون هيون، خاص طور تي جڏهن شاھ لطيف پنھنجي تڙ ڏاڏي شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جي مزار پڪي ڪرائڻ ۽ مقبري تي ڪاشيءَ جو ڪم ڪرائڻ لاءِ بلڙي شاهه ڪريم ۾ آيو ھو ۽ جڏھن پاڻ ٺٽي جي وڏي عالم معين ٺٽويءَ سان ملاقاتون ڪرڻ ايندو ھو ته ان دوران سندس ملاقاتون شاھ عنايت سان ٿيون ھيون. اهي روايتون شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ شاھ عنايت ۽ ان جي تحريڪ سان ويجھڙائيءَ جون شاهد ۽ سندس وطن دوستيءَ ۽ اسٽيبلشمينٽ مخالف ھئڻ جون چٽو ثبوت آھن. انھن ثابتين جا ڪجھ مثال سُر يمن ڪلياڻ، سُر رامڪلي، سُر کاهوڙي ۽ سُر ڪيڏاري جي بيتن جي صورت ۾ ھيٺ ڏجن ٿا:
سُر يمن ڪلياڻ:
ڪاناريا ڪُڻڪن، جنين لوھُ لِڱن ۾،
محبت جي ميدان ۾، پيا لال لُڇَن،
پاڻھين ٻَڌَن پَٽيون، پاڻھين چِڪيا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙين، رھي اچجي راتڙي. (آڏواڻي، 2012)
يا
رَهي اَچجي راتِڙي، تن واڍوڙِين وَٽاءَ،
جن کي سُورُ سَريرَ ۾، گَهٽ مَنجهاران گهاءَ،
لِڪائي لوڪاءَ، پاڻهين ٻَڌَنِ پَٽِيُون. (آڏواڻي، 2012)
سُر رامڪلي:
ڪَيمَ ڪاپڙين جي، پھرئين ڏينھن پروڙ،
سَگھا ساعتَ نهَ ھيڪڙي، چارئي پَھر چُور،
سدائين سَيدُ چئي، ھونِ سناسي ۾سۡور،
جوڳي ساڻ ضرور، لِڪا ڀُڻنِ لوڪَ ۾. (آڏواڻي، 2006)
يا
ٽئين ڏينھن ٽِمڪائينِ، دونھيون دائرن ۾،
ميڙيوڪِڙڄ ڪاٺيون،جوڳي جلائينِ،
سَنديون کامَڻ خبرون، آديسين آھينِ،
ڳُجھ نہ ڳالھائينِ، لِڪا ڀُڻن لوڪَ ۾. (آڏواڻي، 2006)
يا
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مَڙھيون مُون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاھوتي لڏي ويا. (آڏواڻي، 2006)
سُر کاهوڙي:
کاهوڙي کِجَنِ،پَسيو پورهيَتَ ويسَرا،
ڏوٿيئڙا ڏُور وِيا، رُڃُن مَنجههِ رَهَنِ،
ڪامُلِ آهي تَنِ، مُون پِريان جي ڳالهڙي. (سليم،2015)
يا
ڀنيءَ ڀڙڪا ڪن، باهيون بيرڳين جون،
هلو ته سيڪيون هٿڙا، مٿان تن مچن،
مون پڻ مُلان تنِ، جڙ لڳي جان ۾!
يا
مُون کاهوڙي لَکِيا، آيُنِ نه آرامُ،
ڪَيائُون تَنُ تَمامُ، جُه ڏوٿي ڏُٿَ ٿِيا. (سليم،2015(
سُر ڪيڏارو:
بهادُر گڏيا بهادرين، کڙڳ کِلوِل ڪن،
وجهن ڌَڙ ڌَڙن تي، هاڪارينِ هَڻن،
ڪِرَنِ، ڪَنڌَ نَچَنِ، رِڻُ گَجِيو راڙو ٿيو. (سليم،2015)
يا
سُورهيَه مَرين سوڀَ کي، تهَ دل جا وَهمَ وِسارِ،
هَڻُ ڀالا، وِڙههُ ڀاڪُرين، آڏي ڍالَ مَ ڍار،
مَٿان تيغَ ترارَ، مارُ تهَ مَتارو ٿِئين. (سليم، 2015)
مٿين بيتن کان سواءِ اھڙا ٻيا به ڪيترا بيت آھن، جيڪي ثابت ڪن ٿا ته لطيف سائين وطن پرست ۽ آزدي پسند انقلابي شاعر ھو ۽ وقت جي حڪمرانن، ‘سياسي ۽ فڪري اسٽيبلشمينٽ’ سان نه صرف عملي طور تي ھُن بغاوت ڪئي، پر پنھنجي شاعريءَ ذريعي فڪري اسٽيبلشمينٽ ۽ وقت جي حڪمرانن سان بغاوت ڪرڻ ۽ ڪنھن به صورت ۾ انهن جي آڏو نه جُھڪڻ جو سبق پڻ ڏنو آھي. ان سان گڏ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ سان بيپناهه محبت جو اظهار به سندس شاعريءَ مان ملي ٿو. جڏهن ڪلهوڙن درٻار ۽ سرڪار جي زبان فارسي ڪئي، ۽ ماڻهو سرڪار سان ويجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ فارسي سکڻ لڳا ته لطيف سائين سُر آسا ۽ سُر مارئيءَ جي بيتن ۾ هن طرح اعلان ڪيو:
جي تون فارسي سِکئو، گولو توءِ غُلام،
جو ٻَڌو ٻن ڳالهئين، سو ڪيئن چائي ڄامُ،
اُڃيو تان آب گُھري، بُکئو تان طعامُ،
اي عامن سَندو عامُ، خاصن منجھان نہ ٿئو. (انصاري، 2013)
يا
ڳِچيءَ ڳانا لوههَ جا، زيريُون ۽ زنجير،
پيڪَڙا پيرنِ ۾، ڪوٺيُن اندَر ڪِيرَ،
چاري چوگانَن ۾، واهِيَتَ ڪَنِ وَزيرَ،
ڇَنِ نه ڇِڄِي آهيان، اهڙي سِٽَ سَرير،
مارُو ڄامَ مَليرَ، پُڇِجِ ڪِي پَنهوار کي. (انصاري، 2013)
يا
الست بربڪم، جڏھن ڪَن پَيوم،
قالوٰبَليْ قلب سين، تڏھن تِت چيومِ،
تَنھين ويرُ ڪيوم، وچن ويڙھيچن سين. (آڏواڻي، 2006)
يا
ايءُ نه مارن ريت، جي سيڻ مَٽائين سونَ تي،
اچي اَمرڪوٽ ۾ ڪَنديس، ڪانہَ ڪُريت،
پَکن جي پريت، ماڙين سين نہ مَٽيان. (آڏواڻي، 2006)
يا
جيھا جي تيھا، مون مارو مڃيا،
مون جيڏيون، ملير ۾ چونڊين موڪَ ميھا،
مُنھنجي آھ اھا، ڪڏھن ڪيرائيندين ڪوٽ کي. (آڏواڻي، 2006)
يا
واجھائي وطن کي، آءٌ جي ھت مياس،
گور منھنجي سومرا، ڪج پنھوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيھ جي، منجھان ولڙين واس،
مُيائي جياسِ، جي وڃي مَڙھ ملير ڏي. (انصاري، 2013)
مٿي ڏنل سمورن حوالن، شاھدين، دليلن ۽ بيتن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته شاھ لطيفَ، جيڪو سُر مارئيءَ ۾ حب الوطنيءَ ۽ وقت جي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ سان بغاوت جو برملا اظهار ڪيو آھي، اھو لطيف سائين کي ھڪ انقلابي، آزادي پسند ۽ وطن دوست شاعر ثابت ڪري ٿو، ان جي باوجود به ڪي سياسي دانشور پنهنجي قد وڌائڻ لاءِ، لطيف سائينءَ کي ‘اسٽيبلشمينٽ جو حامي’ ڄاڻائين ٿا ته انھن لاءِ شاهه لطيف جون ھي سٽون ئي ڪافي آھن ته:
پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾
 
حوالا:
1. ابڙو، بدر.(2014). سنڌ جو شاهه،ڪلهوڙن جي راڄ جو نمونو، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، ص. 137.
2. ابڙو، بدر.(2014). سنڌ جو شاهه، ڪلهوڙن جي راڄ جو نمونو، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، ص. 143.
3. ابڙو، بدر.(2014). سنڌ جو شاهه، ڪلهوڙن جي راڄ جو نمونو، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، ص. 142.
4. ابڙو، بدر.(2014). سنڌ جو شاهه، ڪلهوڙن جي راڄ جو نمونو، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، ص. 144.
5. ابڙو، بدر.(2014). سنڌ جو شاهه، ڪلهوڙن جي راڄ جو نمونو، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، ص. 150.
6. ابڙو، بدر.(2014). سنڌ جو شاهه، ڪلهوڙن جي راڄ جو نمونو، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، ص. 151.
7. انصاري، عثمان،علي. (2013). شاهه جو رسالو، سُر مارئي، داستان پنجون، بيت. 18، ص. 394.
8. انصاري، عثمان،علي. (2013). شاهه جو رسالو، سُر مارئي، داستان پنجون، بيت. 19، ص. 394.
9. انصاري، عثمان،علي. (2013). شاهه جو رسالو، سُر آسا، داستان چوٿون، بيت. 28، ص. 544.
10. آڏواڻي، ڪلياڻ.(2012). شاھ جو رسالو، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 6، ص. 76.
11. آڏواڻي، ڪلياڻ.(2012). شاھ جو رسالو، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 7، ص. 77.
12. آڏواڻي، ڪلياڻ. (2006). شاھ جو رسالو، سُر رامڪلي، داستان ٻيو، بيت 1، ص. 485.
13. آڏواڻي، ڪلياڻ. (2006). شاھ جو رسالو، سُر رامڪلي، داستان ٻيو، بيت 3، ص. 486.
14. آڏواڻي، ڪلياڻ.(2006). شاھ جو رسالو، سُر رامڪلي، داستان اٺون، بيت 5، ص. 506.
15. آڏواڻي، ڪلياڻ.( 2006). شاھ جو رسالو، سُر مارئي، داستان پھريون، بيت 1، ص. 341.
16. آڏواڻي، ڪلياڻ.( 2006). شاھ جو رسالو، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 6، ص. 347.
17. آڏواڻي، ڪلياڻ.( 2006). شاھ جو رسالو، سُر مارئي، داستان ڇھون، بيت 9، ص. 355.
18. Saleem, Agha. (2015). Melodies of Shah Abdul Latif Bhittai, Sur-Khhahori, Chapter-1, Bait-9, V-2, P-603.
19. Saleem, Agha. (2015). Melodies of Shah Abdul Latif Bhittai, Sur-Khhahori, Chapter-1, Bait-17, V-2, P-607.
20. Saleem, Agha. (2015). Melodies of Shah Abdul Latif Bhittai, Sur-Kedaro, Chapter-3, Bait-5, V-2, P-406.
21. Saleem, Agha. (2015). Melodies of Shah Abdul Latif Bhittai, Sur-Kedaro, Chapter-5, Bait-5, V-2, P-420.
22. سورلي، ايڇ، ٽي، ڀنڀرو، عطا، محمد. (2012). ڀِٽ جو شاهه، باب ستون، سنڌ ۾ تصوف، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ص. 381_ 382.
23. سومرو، ساجد.(2018). شاهه لطيف ۽ سوشل سائنس، ڪلهوڙا دور: قانوني شعور ۽ شاهه لطيف، ڪنول پبليڪيشن قنبر، ص.61.60.
24. سيد، جي، ايم.(1956). پيغامِ لطيف، شاهه صاحب جو زمانو ۽ ماحول، اسلاميه پريس، حيدرآباد، سنڌ، ص 71-69.
[[واپرائيندڙ:سارنگ جويو|سارنگ جويو]] ([[واپرائيندڙ بحث:سارنگ جويو|ڳالھ]]) 18:20, 4 آگسٽ 2019 (UTC)
صفحي "مُک صفحو" ڏانھن واپس ٿيو.