ڪارپوريشن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
[[File:HK HSBC Main Building 2008.jpg|280px]]<br>ھانگ ڪانگ اينڊ شنگھائي بينڪنگ ڪارپوريشن
 
 
'''ڪارپوريشن''':{{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Corporation'''}} ماڻھن جي انجمن يا ڪمپني کي سڏيندا آھن جيڪا ھڪ تنظيم جي صورت ۾ ھوندي آھي جنھن کي رياست مخصوص مقصدن خاطر ھڪ قانوني شخصيت ھجڻ جي مڃتا ڏيندي آهي. عام طور تي ڪارپوريشن اھڙي ڪمپني کي چوندا آهن جنھن جي ڪاروبار جو پيمانو تمام وڏو ھجي<ref>[http://www.collinsdictionary.com/dictionary/american/corporation corporation]. CollinsDictionary.com. Collins English Dictionary – Complete & Unabridged 11th Edition. Retrieved December 07, 2012.</ref>. [[ڪامن ويلٿ ]] ملڪن ۾ ڪمپني ۽ ڪارپوريشن ھڪ ئي شئي جا ٻہ نالا سمجھيا ويندا آهن. ابتدائي دؤر ۾ ڪارپوريشن جي شروعات [[چارٽر]] ذريعي ٿيندي ھئي جيڪو بادشاھ يا پارليامينٽ طرفان ھڪ مخصوص منظوري جو ھڪ قسم ھيو. پر ھاڻي ڪارپوريشن جو قيام ان جي رجسٽريشن سان ٿيندو آهي. ڪارپوريشن جا مختلف قسم ھر ملڪ جي قانون جي بنياد تي ھوندا آھن پر ان کي ٻن وڏن قسمن ۾ ورھايو ويندو آهي: ھڪ قسم جنھن ۾ اھي [[اسٽاڪ]] جاري ڪندڙ ھونديون آھن تنھنڪري انھن کي اسٽاڪ ڪارپوريشن سڏين ٿا. ان جي مالڪي جو حق اسٽاڪ جي بنياد تي ھوندو آھي جنھن ڪري ان اسٽاڪ جا مالڪ يا حصيدار ڪارپوريشن جا مالڪ سڏبا آهن.ڪارپوريشن جي ٻئي قسم ۾ اسٽاڪ جاري ڪرڻ جي اجازت نہ ھوندي آھي ان ڪري ان کي بغير اسٽاڪ واري ڪارپوريشن سڏيندا آهن.ھن قسم ۾ ان جا مالڪ ان جي رڪنيت حاصل ڪندڙ شخص هوندا آهن. ڪارپوريشن يا تہ نفعو ڪمائڻ لاءِ ٺھندي آھي يا وري ان جي ابتڙ. جيڪا ڪارپوريشن نفعي ڪمائڻ لاءِ نہ ھوندي آھي اِھا لازمي طور تي غير اسٽاڪ ڪارپوريشن ھوندي آھي. اسٽاڪ ڪارپوريشن لازمي طور تي نفعي ڪمائڻ لاء قائم ٿيندي آھي.<ref>{{Cite web|url=https://www.corpnet.com/types-of-corporations/#gfp|title=Types Of Corporations {{!}} Incorporate A Business|website=www.corpnet.com|language=en|access-date=2017-06-10}}</ref> <ref>{{cite book |title=Company Law |last1=Pettet |first1=B. G. |publisher=Pearson Education |year=2005 |page=151 |quote=Reading the above, makes it possible to forget that the shareholders are the ''owners'' of the company.}}</ref><ref>{{cite book |title=The Law of Private Companies |first1=Thomas B. |last1=Courtney |publisher=Bloomsbury Professional |year=2002 |edition=2nd |at=4.001}}</ref> اسٽاڪ ڪارپوريشن ۾ حصيدارن جي ذميداري انھن جي سيڙپ تائين محدود ھوندي آھي ان ڪري کين لميٽيڊ{{ٻيا نالا|انگريزي= '''limited '''}} سڏيو ويندو آهي ڇو ته حصيدار ڪارپوريشن جي سنڀال واري ڪم ۾ شريڪ نہ ھوندا آھن پر اھي ڪارپوريشن جي بورڊ جي ڊائريڪٽرن يا عملدارن کي چونڊيندا آھن جيڪي ڪارپوريشن جي مالياتي معاملن کي سنڀاليندا آهن. اھي ڊائريڪٽر يا عملدار بہ انھن حصيدارن مان ئي ھوندا آھن.