آثم ناٿن شاهي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 2:
==زندگي جو احوال==
آثم ناٿن شاهي جو اصل نالو غلام رسول سولنگيءَ جو ادبي نالو هو. هن 2 [[جنوري]] [[1937ع]] تي ڳوٺ کاٿڙي [[خيرپور ناٿن شاه تعلقو]] ضلعي [[دادو]]ءَ ۾ الله بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو هو. سندس شمار ناليوارن [[شاعر]]ن ۾ ٿئي ٿو. آثم ناٿن شاهي پنج درجا سنڌي پڙهڻ کان پوءِ عربي ۽ فارسي [[تعليم]] پنهنجي ناني مولوي فيض محمد ”پريشان“ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ الهرکيي جلباڻيءَ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. پيشي جي لحاظ کان پاڻ ڪڏهن مزدوري، ڪڏهن کيتي ته ڪڏهن خانگي ملازمت ڪري گذر سفر ڪندو رهيو. کيس ننڍپڻ کان ئي شعر و شاعريءَ سان لڳاءُ رهيو. [[1962ع]] کان پوءِ نالي واري شاعر ”محسن“ ڪڪڙائيءَ جي اصلاح هيٺ شعر چوڻ لڳو. ”بزم طالب الموليٰ“ شاخ خيرپور ناٿن شاهه سان لاڳاپيل علمي، ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. [[1963ع]] ۾ ”محسن ڪڪڙائي“ سان گڏجي ”اداره فلاح و بهبود خيرپور ناٿن شاهه“ قائم ڪيائين ۽ هڪ لئبرري به کوليائين. سندس شاعري جا ٽي مجموعا ”جڏهن اُلا اُڀ ۾“ ([[1994ع]]) ۽ ”لهرون لهرون لاٽ“ ([[1998ع]] ۾ مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ) ۽ ”ڇا چيس آئيني؟“ (رم جهم پبليڪيشن دادو طرفان) شايع ٿيا آهن. کيس ادبي خدمتن جي مڃتا طور ”ڪينجهر ادبي بورڊ“ ([[1994ع]]) ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان سندس ڪتاب تي نقد انعام مليا . سندس وفات 6 [[آڪٽوبر]] [[2006ع]] تي ٿي. <ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%AB%D9%85%20%D9%86%D8%A7%D9%BF%D9%86%20%D8%B4%D8%A7%D9%87%D9%8A آثم ناٿن شاهي : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
==ڪتاب==
*جڏهن اُلا اڀ ۾ مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ 1994ع
*لهرون لهرون لاٽ ، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ،1998ع
*ڇا چيس آئيني، رمجهم پبليڪيشن دادو 2007ع
==حوالا==
{{حوالا}}