سکر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 109:
سنڌي ادبي بورڊ </ref>.
ديوان صاحب جي چيئرميني جي دور ۾ سکر جنرل لائبريري بيحد ترقي ڪئي، اٽڪل 5 هزار ڪتاب هر فن تي موجود هئا، 1947ع ۾ هندو پاڻ سان بيش بها نسخا ساڻ کڻي ويا، 1914ع کان 1922ع تائين ميان پير بخش سي-آئي-اي رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر سکر ميونسپالٽي جو صدر ٿيو، 1928ع کان 1937ع تائين ديوان بهادر ايسر سنگه پبلڪ پراسيڪيوٽر صدر ٿيو ۽ 1938ع کان 1947ع تائين مسٽر بسنترام موٽواڻي وڪيل صدر هو، مٿئين بيان مان اوهان معلوم ڪندا ته 1911ع کان 1947ع تائين 36 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ فقط هڪ دفعو مسلمان صدر ٿيو، باقي سمورو عرصو هندو صدارت جي ڪرسي ماڻيندا رهيا، وٽن علم هو، دولت هئي ۽ اتفاق هو، ازانسواءِ اڪثريت ۾ هئا، تنهنڪري شهر واسين مان فقط هندن کي فائدا پهتا، جن جو ميونسپالٽيءَ تي قبضو رهندو آيو.<ref name = "مولائي شيدائي "/>.
 
==بجلي گھر==
 
سال 1922ع ۾ سکر بجلي گهر قائم ڪيو ويو ۽ ضرورت آھر هن کي وڌايو ويو. ليڪن تقسيم برصغير کان پوءِ نون ڪارخانن کلڻ ڪري شهر ۾ بجلي جو کاپو وڌڻ لڳو ۽ پراڻين مشينن ۾ بار کڻڻ جي طاقت نه ھئي. تنهنڪري مارچ 1962ع ۾ ڪولمبو پلان موجب حڪومت ڪئناڊا ۽ جمهوريه پاڪستان درميان ٿرمل پاور جي تعمير لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. ھن ڪم تي 5 ڪروڙ 38 لک ۽ 40 ھزار روپيا غير ملڪي زرمبادله خرچ ٿيندو جو حڪومت ڪئناڊا ڏيڻا ڪيا آهن. هي ٺيڪو ”اسٽيڊلر ھرٽر انٽرنيشنل ڪمپني“ مانٽريل (ڪئناڊا) کي ڏنو ويو آهي. هن وقت اپر سنڌ جي فقط 13 شهرن دادو، ڳڙھي ياسين، جيڪب آباد، گمبٽ، خيرپور، ڪوٽ ڏيجي، لاڙڪاڻو، ميهڙ، روھڙي، رتو ديرو، شڪارپور، ٺارو شاه کي گهڻو ڪري ننڍن غير منافع بخش ڊيزل مشينن رستي بجلي مهيا ڪئي وڃي ٿي. نئون بجلي گهر 13 شهرن باڊھ، چڪ، ڏوڪري، گمبٽ، گهوٽڪي، ڪنڌرا، ڪنڊيارو، ڪنڌ ڪوٽ، خانپور، کهڙا، خيرپور ناٿن شاه، نوشهرو فيروز، مورو، نصير آباد، راڻي پور، پير جو ڳوٺ، پنو عاقل، ٺل، اٻاوڙو، راڌڻ، غوث پور، لکي، مديجي، سلطان ڪوٽ ۽ نئون ديرو کي بجلي هيا ڪئي ويندي ۽ 40 لکن روپين جو زرمبادله بچي پوندو. ھن رٿا موجب 157 ميل 66000 وولٽ جون لائينوننن، 80 ميل 11000 وولٽ جون ايتري ئي مفاصلي تي گهٽ طاقت جون لائينون يعني 400 وولٽ لائينون وڇائڻ شامل آھن.<ref name = "مولائي شيدائي "/>.
 
==موسم==